ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي ايڪشن ري پلي

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

ڪجهه ڏينهن کان پيپلز پارٽي ان ڳالهه تي زور ڀري رهي آهي ته اسٽيبشلمينٽ غيرجانبدار ٿي وئي آهي ۽ پي ٽي آءِ کي هاڻ گهربل سهولت نه پئي ملي. پر “ڪمپني بهادر” ڪڏهن به غير جانبدار نه ٿيندي آهي اها رڳو پنهنجون همدريون تبديل ڪري ڇڏيندي آهي. نواز شريف واري دور ۾ اها عمران خان نيازيءَ کي هڪ اُڀرندڙ ۽ هن قوم جي مسيحا طور اڀارڻ لاءِ هر جائز توڙي ناجائز ڪم ڪري رهي هئي. جنهن لاءِ کيس سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ثاقب نثار جهڙو وفادار ماڻهو ملي ويو هو. جنهن قانون کان مٿانهان فيصلا ڏئي نواز شريف ۽ مريم نواز کي نا اهل قرار ڏنو. اهڙي ريت عمران خان نيازيءَ لاءِ وزير اعظم ٿيڻ لاءِ سڀئي رستا صاف ٿي ويا پر مسئلو وري به اهو رهيو ته کيس بادشاهي ته ملي وئي پر بادشاهي هلائڻ وارا گُر ڪٿان اچن ها. ان ڪري گذريل چئن سالن ۾ جيڪا ملڪ جي سياسي ۽ معاشي حالت ٿي آهي، ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن وقت پيپلز پارٽي عمران خان نيازي خلاف مارچ شروع ڪيو آهي ۽ هاڻ کيس عدم اعتماد وسيلي هٽائڻ لاءِ تياريون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن.
هونئن ته ملڪ ۾ عدم اعتماد جي تاريخ اهو ٿي ٻڌائي ته ڪوبه وزير اعظم مشڪل سان ئي ان تحريڪ وسيلي گهر ڀيڙو ٿيو آهي. جڏهن ته ٻين ڪيترين ئي طريقن سان وزير اعظمن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي. هن ڀيري پيپلز پارٽي جنهن پي ڊي ايم جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو هو، اها ايڏي وڏي اعتماد ۾ نظر اچي ٿي ڄڻ کيس “ڪمپني بهادر” پڪ ڏئي ڇڏي هجي ته اها عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي ته ان ۾ سئو سيڪڙو ڪاميابي ملي ويندي. پر ان جي ناڪاميءَ جي امڪانن کي رد ان ڪري نٿو ڪري سگهجي جو عمران خان نيازي ۽ سندس حڪومت وڏي پراعتماد لڳي پئي آهي. تنهنڪري هن ڀيري جيڪڏهن اپوزيشن جون سڀئي پارٽيون ناڪام ٿيون ته اها عمران خان نيازيءَ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي هوندي، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ اپوزيشن پارٽيون هر محاذ تي ناڪام ٿيون آهن. سينيٽ ۾ گهڻائي هوندي به حڪومت هر بل پاس ڪرائي ويندي آهي. جيڪڏهن هن ڀيري به اپوزيشن جا ڪجهه ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ٿين ٿا ته پوءِ اها تحريڪ عدم اعتماد به دفن ٿي ويندي ۽ عمران خان نيازي هڪ مضبوط وزير اعظم طور اُڀري ايندو.
ملڪ جي سياسي پارٽين جي خودمختياريءَ جي حالت اها آهي جو اهي “ڪمپني بهادر” جي اشاري کان سواءِ چُري به نٿيون سگهن ۽ هن وقت پپيلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي. انهن کي ٻڌي ائين لڳي ٿو ته اهي سڀ هوائي ڳالهيون آهن، جن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي ڇاڪاڻ ته گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ پيپلز پارٽي رڳو سياسي اتحاد ۾ دوکا ۽ دولاب ڪندي نظر آئي آهي. هن وقت به سندس پي ڊي ايم سان همدريون مشروط آهن. پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ جي لانگ مارچ جي سٺي آجيان ٿي آهي. جنهن سان نواز شريف کي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته نواز ليگ لاءِ پنجاب کي پنهنجو ڪرڻ ايترو سولو ناهي. اڄ پيپلز پارٽيءَ کان ڌار ٿيل ماڻهو وري پارٽيءَ ۾ ائين شامل ٿي رهيا آهن، جيئن ڪجهه سال اڳ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيا هئا.
پيپلز پارٽي هر حوالي سان اقتدار ماڻڻ چاهي ٿي، ان ڪري اها ايندڙ وقت ۾ نواز ليگ سان به دوکو ڪرڻ ۾ دير نه ڪانه ڪندي. ان ڪري جو “ڪمپني بهادر” کي پيپلز پارٽيءَ سان معاملا هلائڻ بهتر لڳن ٿا. جڏهن ته نواز ليگ جي تازي تجربي ۽ نواز شريف جي بيانيي کان پوءِ “ڪمپني بهادر” لاءِ ان سان هلڻ ڪنهن قدر ڏکيو آهي. ان جو هڪ سبب ته پنجاب جي ليڊرشپ جو هجڻ آهي ۽ ان کان سواءِ جيئن ته طاقت جو سياسي مرڪز اڄ به پنجاب آهي، تنهنڪري سڀاڻي جيڪڏهن نواز ليگ اقتدار ۾ اچي ٿي ته ان جي ڪوشش اها هوندي ته سول بالادستيءَ جي سمورين گهرجن کي پورو ڪيو وڃي. پر جهڙي ريت پيپلز پارٽيءَ کي پنجاب ۾ هٿي وٺرائي پئي وڃي، ان مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته پنجاب مان سٺي انگ ۾ سيٽيون ڏياري ان کي ڪامياب ڪرائڻ جو فارمولو تيار ڪيو ويندو. اهو فارمولو بلڪل اهڙُو ئي هوندو، جهڙو پي ٽي آءِ لاءِ تيار ڪيو ويو هو. ان ڪري ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ان سڄي سياسي هلچل ۾ نواز ليگ پيپلز پارٽي هٿان استعمال ٿي ويندي.
هاڻوڪن ڏينهن ۾ جيڪي ڪجهه پيپلز پارٽي ڪري رهي آهي ۽ جيڪي ڪجهه سياسي ميدان ۾ ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ان سياسي هلچل جو ايڪشن ري پلي آهي، جيڪا عمران خان نيازي نواز شريف جي حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ شروع ڪئي هئي. جنهن ۾ هن کي هر قسم جي مدد مليل هئي. عمران خان نيازي خلاف به بلاول هن وقت اهي نعرا هڻي رهيو آهي ۽ اهي ساڳيا مطالبا ڪري رهيو آهي، جيڪي عمران خان نيازي نواز شريف خلاف ڪندو رهندو هو. هو عمران خان نيازي جا ڏينهن پڻ ڳڻائي رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هن وٽ رڳو 3 ڏينهن بچيا آهن، استعيفيٰ ڏئي گهر وڃي يا همت اٿس ته اسيمبليون ٽوڙي ۽ ميدان ۾ اچي. پنجاب جي علائقن اوڪاڙا، رينالا خورد ۽ پتوڪي ۾ لانگ مارچ سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوري حملو ڪري هٿ ٺوڪئي جي حڪومت ڪيرائينداسين، جيڪڏهن عوام اسان سان گڏ آهي ته اسلام آباد پري ناهي. عمران خان عوام جو نه ڪنهن ٻئي جو نمائندو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ هٿ ٺوڪئي کي زبردست شڪست ٿي، جيڪڏهن همت اٿس ته اسيمبليون ٽوڙي ۽ ميدان ۾ اچي. هن چيو ته اسان هٿ ٺوڪئي لاءِ ميدان خالي ناي ڇڏيو، وٽس 3 ڏينهن آهن، استعيفيٰ ڏئي ۽ گهر هليو وڃي، اسان سليڪٽڊ کي ڀڄائينداسين ۽ ملڪ ۾ عوامي حڪومت آڻينداسين. سندس چوڻ هو ته پ پ ڏکين حالتن ۾ ڪڏهن به عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو. پ پ ڪڏهن مقابلو نه ڇڏيو، ملڪي دفاع ۽ قيادت لاءِ قائد جي ضرورت آهي کيڏاري جي نه. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام تي مڙهيل وزيراعظم رڳو ڪوڙ ڳالهايو، سليڪٽڊ هر ڪم ۾ يوٽرن وٺندو آهي، پنجاب ۾ وڏا وڏا منصوبا آصف زرداريءَ جي ڪري سي پيڪ تحت ٺهيا، توهان جيڏي به ڪوشش ڪيو بينظير جو نالو عوام جي دلين مان نٿا ڪڍي سگهو. پ پ چيئرمين چيو ته توهان جي ابن ڏاڏن شهيد ڀُٽو جو ساٿ ڏنو ۽ آئين کان محروم قوم کي آئين ڏنو، اسان ملڪ کي ايٽمي طاقت ٺاهيو، ڊڪٽيٽر ضياءَ جو مقابلو ڪيو، 18هين ترميم ذريعي صوبن کي حق ڏنا، اڄ ملڪ سونامي ۾ ٻُڏي رهيو آهي پر جيالا هاڻ جاڳي پيا آهن، هاڻ لاهور ۾ داخل ٿينداسين ۽ اسلام آباد پهچي هٿ ٺوڪئي کي هٽائينداسين.
جيڪي ڳالهيون بلاول ڀٽو زرداري اڄ ڪري رهيو آهي. سال اڳ ۾ مريم نواز به اهڙيون ڳالهيون ڪري رهي هئي ۽ مولانا فضل الرحمان مريم نواز کان اڳ اهي ڳالهيون ڪري رهيو هو. جڏهن هن اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي لانگ مارچ ڪيو هو. سندس شرط هئي ته پهرين وزير اعظم استعيفيٰ ڏئي ان کان پوءِ ڳالهيون ڪيون ويون وينديون پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مولانا پارٽي سوڌو پنهنجا ٽپڙ ٻڌي گهر هليو ويو. تنهنڪري هي سياسي اٻهرائي آهي. جيستائين سڀ معاملا طئي نٿا ٿي وڃن تيستائين اهي دعوائون نه ڪرڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي ان کان اڳ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ شڪستن کي منهن ڏئي چڪي آهي.
هن سڄي منظر نامي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پنهنجي سياسي طاقت نظر نٿي اچي. اها ان ساڳي سياست جو حصو ٿي چڪي آهي. جنهن تي پي ٽي آءِ هلندي رهي آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي به ان سياست جي چونڊ ڪئي آهي، جنهن جو رستو “ڪمپني بهادر” ڏسيو آهي ته پوءِ پي ٽي آءِ ته ڪنهن به ريت خراب پارٽي نٿي چئي سگهجي. سڀاڻي عمران خان نيازي ڀلي اقتدار ۾ نه رهي. سندس پارٽيءَ جو وجود نه رهي پر جيڪڏهن ان جي جاءِ پيپلز پارٽي وٺي ٿي ته اها پنهنجو پاڻ کي نظرياتي ۽ عوامي پارٽي چورائڻ کان هٿ کڻي وڃي ته بهتر ٿيندو. ڇاڪاڻ ته اها پاڻ به عوامي سگهه بدران “ڪمپني بهادر” جي سگهه تي ڀاڙڻ لڳي آهي. تنهنڪري سڀاڻي جڏهن بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزير اعظم به ٿي وڃي ڇا هو ان قابل هوندو ته کيس ماڻهو سليڪٽڊ نه چون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button