عمران خان جي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ معاملو Final Touches تائين پھچي ويو آھي. اھي جن کي بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ عوامي مارچ ڪرڻو آھي، اھي ته جدوجھد ۾ گڏ آھن، پر پ پ جا اھي اڳواڻ جيڪي پارٽي ڇڏي پي ٽي آءِ يا ٻين پارٽين ڏانهن اڏام ڪري ويا ھئا، انهن جي به پنهنجي مدر پارٽي ڏانهن واپسي شروع ٿي وئي آھي. ان جي شروعات پنجاب کان ٿي رھي آھي. نديم افضل چن، جيڪو انتهائي طاقتور سياسي خاندان سان واڳيل آھي، ھو پنهنجي پوري جٿي سان گڏ پ پ ۾ واپس ٿي ويو آھي. ان سان گڏ پنجاب جي ٻين حصن کان به وڏا جٿا پارٽيءَ کي جوائن ڪن پيا. رڳو ايترو ئي نه ٿيو آھي، ڪي پي ڪي مان به اڳوڻا جيالا نئين جوش ۽ جذبي سان پارٽي جوائن ڪن پيا. اھي به اطلاع آھن ته اھي جيڪي پ پ ڇڏي يا ٻين پارٽين کي ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ ويا، انهن جو به وڏو انگ آھي، جيڪو پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري پيو ۽ انهن مان ڪيترائي بلاول سان گڏ لانگ مارچ واري ٽرڪ تائين پھچي چڪا آهن. ان سان گڏ اھي جن کي عمران خان ڪورو ڪاغذ قرار ڏئي خوار ڪيو ۽ انهن جي انا کي مجروح ڪيو،اھي به ممڪن آھي ته پ پ ڏانهن اچن. جيڪڏھن بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي مارچ کي ڏسجي ته ان ڪيترن ئي رٺلن کي پرچائي ورتو آھي ۽ ڪيترائي راضپي لاءِ پر سوئي رھيا آھن. ان سان عمران خان جي دل تي ڇا گذرندي ھوندي، اھا ئي سوچڻ جھڙي ڳالهھ آھي.
اھي جن کي اسلام آباد سڏايو ويو آھي، انهن پنهنجا پنهنجا ڪم مڪمل ڪري ورتا آھن، يا آخري مرحلي ۾ آھن. ان ڪري آصف زرداري دعوا ڪري ٿو ته عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ لاءِ 190 ايم اين ايز جي حمايت حاصل آھي.مخالف ڌر جي جيڪا 163 جي پوزيشن آهي، ان ۾ فقط نون کان يارھن ايم اين ايز جي ضرورت آھي، پر عمران خان کان نفرت، ڪيترن ئي کي حڪومتي ايم اين ايز کي مخالف ڌر جي ساٿ ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي. مخالف ڌر جي ھي به دعوا آھي ته ھينئر تائين انهن کي عمران خان جي اتحادين جي حمايت حاصل نه ٿي آھي، انهن مان ڪي ڊبل گيم کيڏي رھيا آھن ته ڪي وري ٻڏتر جو شڪار آھن، ھا ڪن کي ھينئر به اھم اداري جي ڪال جو انتظار آھي، ان ڪري اھي حڪومت جي پاليسين سان اختلاف رکڻ باوجود خاموشي سان ويٺا آھن. اھڙن اتحادين کي اشاري ڪرڻ کانسواءِ به عمران خان جي خلاف استعمال ڪري سگھجي ٿو. اهي ڪنهن به وقت اچي مخالف ڌر سان گڏ بيھي چئي سگھن ٿا ته کين صلاح ئي نه ھنئين وئي. اھڙي صورتحال ۾ خاص ڪري مخالفن جي اتحاد جي ڊي اي جو ڇا ٿيندو؟ جيڪو اڳ ئي وڻ وڻ جي ڪاٺي تي ٻڌل آھي. انهن مان به ڪيترن جي دل ۾ ھوندو ته اسان به موجوده ھلچل ۾ شامل ھجون، پر اھي جيڪي پ پ جو حصو رھيا، انهن ساڍن ٽن سالن تائين ته عمران خان جي حڪومت ۾ موجون ماڻيون پر ھاڻ ھو به پريشان آھن ته انهن جو سياسي مستقبل ڪھڙو ٿيندو؟
وفاقي گادي واري شھر اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي قيادت اھي مشورا ڪري رھي آھي ته بلاول ڀٽو زرداري جو مارچ اسلام آباد جيئن ئي پھچي، ان کانپوءِ اصل ويڙهه جي شروعات ٿيڻ گھرجي، ته جيئن سمورو ڪريڊٽ پ پ ڏانهن نه وڃي. ان ڪري بي اعتمادي جي رٿ لاءِ حقيقي مھم جي شروعات ان مارچ جي ختم ٿيڻ سان ٿيندي. ان دوران جھانگير ترين به لنڊن کان ڏيھه واپس اچي ويندو ۽ مخالف ڌر جي صفن ۾ شامل ٿي ويندو. ھينئر تائين اھي خبرون به اچي چڪيون آھن ته يوسف رضا گيلاني فارمولو، جنهن تحت ھن سينيٽ جي سيٽ کٽي، ان دوران حڪومتي ڌر جي 16 ميمبرن پ پ اميدوار جي حمايت ڪئي ھئي. ھينئر تائين اھا حمايت برقرار آھي، ان جي تصديق يوسف رضا گيلاني پاڻ به ڪري چڪو آھي. ساڳي انداز سان جھانگير ترين وٽ به 16 ايم اين ايز آھن. ڄام ڪمال به ٻيھر بلوچستان جي وڏ وزارت ماڻڻ لاءِ پر سوئي رھيو آھي، ھن به مخالف ڌر اڳيان شرط رکيو آھي ته کيس پنهنجو کسيل تاج واپس ڪيو وڃي ته ھو به مخالف ڌر جي حمايت ڪندو. ھن جا حامي پنج ايم اين ايز قومي اسيمبلي ۾ آھن. ان حوالي سان مولانا فضل الرحمان جي پارٽيءَ سان ڳالھيون ٿي رھيون آھن ته اھا، ان سلسلي ۾ ھن جي مدد ڪري. جنهن لاءِ خبرون آھن ته مولانا فضل الرحمان ھا به ڪري ڇڏي آھي. ھاڻ حڪومتي ڌر وري بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان رابطو آھي، ان سان گڏ سينيٽ جي چيئرمين جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون آھن. خبرون ھي آھن ته ايم اين ايز ڄام ڪمال سان گڏ آھن، سينيٽرز جن جو انگ 12 آھي، اھي سينيٽ جي چيئرمين سان گڏ آھن. بلوچستان اسيمبليءَ ۾ باپ جي اڪثريتي ميمبرن جي حمايت وري عبدالقدوس بزنجي کي حاصل آھي. ان جو مطلب ھي آھي ته بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) ٽن حصن ۾ ورھايل آھي. ھي انتهائي حيران ڪندڙ صورتحال ٻڌائي پئي وڃي. اھي به ڳالھيون عام آھن ته آصف زرداري جنهن باپ کي قائم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ھو، اھا پارٽي ان جي به ڪنٽرول ۾ ناھي، اھا پارٽي سڌي سنئين اسٽيبلشمنٽ جو حصو ٿي وئي آهي. ان ڪري ان پارٽي، مخالف ڌر لاءِ ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيدا ڪيون آھن،جنهن جو اظھار سينيٽ ۾ سامھون اچي چڪو آھي. جڏھن حڪومت ۽ مخالف ڌر جا ووٽ ھڪجيترا ٿيا ته سينيٽ جي چيئرمين پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري بل منظور ڪرايا.
عمران خان ھينئر تائين جيڪي به حربا ھلايا آھن ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ پتا کيڏيا آھن، اھي سمورا ناڪام ٿيندي نظر اچن پيا. ايستائين جو عمران خان جي پارٽي متحد نظر نٿي اچي ۽ عمران خان اھڙو پارٽي سربراهه آھي، جنهن کي پنهنجن ايم اين ايز جا نالا به ياد ناھن، نه ئي انهن کي شڪل شبيھه سان سڃاڻي ٿو. ان کان اڳ اسان ڏسي چڪا آھيون ته جيڪي به وڏا سياسي اڳواڻ رھيا آھن، انهن کي رڳو پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ايم اين ايز جي باري ۾ چڱي ريت خبر ھئي، پر پوري خاندان سان نياز نوڙت به رھي. اھا اصل ۾ پارٽي قيادت ۽ ان سان سالن تائين پنهنجن عھديدارن سان مضبوط ناتن جي علامت آھي. ھينئر جڏھن بي اعتماديءَ جي رٿ جون تياريون مڪمل ڪرڻ جون دعوائون ٿي رھيون آھن ته مخالف ڌر ان سوچ ويچار ۾ به آھي ته رٿ جي شروعات قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان ڇو نه ڪجي، جيڪو پنهنجا اختيار استعمال ڪندي عمران خان کي بچائي سگھي ٿو. اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري سگھي ٿو ته جيئن حڪومت کي فائدو پھچائي سگھي. ھو اھي اسيمبلي ميمبر جيڪي حڪومتي ڌر جا آھن، انهن جي انٽري روڪرائي به سگھي ٿو ۽ ايوان مان ڪڍرائي به سگھي ٿو. ممڪن آھي ته جنهن اھم اداري جي ڳالھه ڪئي پئي وڃي، ان ذريعي انهن شڪي ميمبرن کي ايوان جي در تائين پھچڻ ئي نه ڏنو وڃي. ائين جيئن فلمي سين ڏسندا آھيون ته جوابدار ڌر ايڏي سگھاري ھوندي آھي، جو اھا درخواست گذار کي عدالت تائين پھچڻ ئي ڪانه ڏيندي آھي، يا وري رستي ۾ ئي انهن کي ماريو ويندو آھي. ھي مافيا جو طريقيڪار آھي، جنهن وٽ اختيار ۽ طاقت ھوندي آھي، اھا ڌر ڪو به ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي. ھينئر حڪومتي ڌر جيڪي حربا استعمال ڪندي يا ڪري رھي آھي، ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ھو ڪيستائين وڃي سگھن ٿا. اھي جيڪي ٻين تي مافيائن ۽ چور جا الزام مڙھيندا ھئا، انهن جو پنهنجو ڪردار ڪھڙو ٿو سامھون اچي. ان جي خبر پئجي ويندي. ھاڻ کان ئي ڪيترائي معاملا وائکا ٿي رھيا آھن، جن بابت وڌيڪ انڪشاف ٿيڻا آھن.
اھي سياسي پنڊت جيڪي ڊگھي عرصي کان پ پ مخالف رھيا آھن. انهن بلاول ڀٽو جي عوامي مارچ کي ڏسي چوڻ شروع ڪيو آھي ته ان پارٽي ۾ ايتري جادوئي سگھه ڪٿان اچي وئي آھي، جو پنهنجن توڙي پراون کي پنهنجن صفن ۾ شامل ڪري رھي آھي، جن ان پارٽي کي ڪجھه ضلعن جي سڏيو ٿي. ھاڻ ان کي ملڪي سطح جي پارٽي چوڻ لاءِ آتا آھن. ان مان سمجهھ ۾ اچي ٿو ته ڪجهھ تبديل ٿي رھيو آھي ۽ اھا عوامي حمايت جيڪا ان پارٽيءَ کان کسجي وئي ھئي، اھا واپس ملي رھي آھي. باقي رھيل ڪسر آصف زرداري جي جوڙ توڙ جو تجربو پوري ڪري ڇڏيندو. اھو تاثر به ڏنو پيو وڃي ته طاقتور ڌريون به نه چاھينديون ته ملڪ ۾ عام طور تي ۽ پنجاب ۾ خاص ڪري ڪنهن ھڪ پارٽيءَ کي ڳرو مينڊيٽ ملي، جيڪڏھن ائين ٿئي ٿو ته (ن) ليگ ۽ پ پ جو مستقبل ۾ ٽڪر ٿي سگھي ٿو، پر في الحال ھي عمران خان کي گھر ڀيڙي ڪرڻ واري ايجنڊا تي اتفاق ڪن ٿيون.