ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران نيازي جو سوڙهو ٿيندڙ گهيرو

Editorial-Article- Yameen Jatoi

عمران نيازي خلاف ڪجهه وقت کان جيڪو سياسي ماحول گرم ٿيڻ شروع ٿيو آهي، اهو هاڻي پنهنجي منطقي نتيجي ڏانهن وڌندي نظر اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ايندڙ ٻن ڏينهن کي نيازي لا انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري ته کيس 8 مارچ تائين استعيفيٰ ڏيڻ جي ڊيڊ لائين ڏئي چڪو آهي. هاڻي اپوزيشن پاران بي اعتمادي رٿ جي تاريخ جو اعلان به ڪيو ويو آهي.
خورشيد شاهه چيو آهي ته 8 يا 9 مارچ تي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪنداسين. رياست کي بچائڻ لا هاڻي عمران خان کي گهر وڃڻو پوندو، اسان جا نمبرز پورا آهن تڏهن ته ميدان ۾ آيا آهيون، اسان جي ڪوشش هوندي ته امپائر نيوٽرل ٿي وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف به بي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين ۽ اسان جنهن خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪنداسين اها ڪامياب ٿيندي.”
مولانا فضل الرحمان جو به چوڻ آهي ته “بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيندي، اسان جا نمبر پورا آهن. وزير سرڪاري خرچ تي ملڪ مان ڀڄڻ جي ڪوششن ۾ آهن. اسان جي تحريڪ سان عوام سجاڳ ٿيو آهي.”
اپوزيشن جي نيازي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪهڙا اثر رکي ٿي، ان جو هڪ اظهار شيخ رشيد پاران اپوزيشن کي سوديبازي جون آڇون ڪرڻ مان به ٿي رهيو آهي. تازو ئي بي بي سي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد وقت کان اڳ چونڊن جي معاملي تي مخالف ڌر کي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. شيخ رشيد چيو ته “اتحادين جيان اپوزيشن سان به ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. حالتون ئي اهڙيون آهن. هي وقت ملي ڳالهيون ڪرڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جو آهي.”
هڪ ٻي اهم پيشرفت اها ٿي آهي ته عمران نيازي جو اڳوڻو خاص مددگار نديم افضل چن تحريڪ انصاف ڇڏي ٻيهر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي. نديم افضل چن جهڙا ماڻهو انهن ۾ ڳڻجن ٿا، جيڪي اڀرندڙ سج جي سلامي ڀريندا رهيا آهن. معنيٰ ته سندس تحريڪ انصاف کي ڇڏيڻ مان اهو ئي ظاهر پيو ٿئي ته نيازي جي عوام دشمن ڪاري رات جي پڄاڻي ٿيڻ واري آهي. نديم افضل چن چيو ته “ڪجهه مجبورين سبب غلط فيصلو ڪيو هو، پنهنجي گهر موٽي آيو آهيان، جنهن جي خوشي آهي.” ان موقعي ته بلاول ڀٽي زرداري چيو ته “وزيراعظم کي هٽائڻ جو جمهوري طريقو بي اعتمادي رٿ آهي ۽ هاڻ به وزيراعظم وٽ وقت آهي ته اسان جي اسلام آباد پهچڻ کان اڳ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. عمران خان اڳ به اسيمبليون ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون، جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته عوام ساڻس گڏ آهي ته استعيفيٰ ڏئي شفاف چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري. اسان جو ارادو آهي ته جمهوري طريقو اختيار ڪيو وڃي، تنهن ڪري ڪنهن کي اسان جي رستي ۾ رنڊڪ نه وجهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪا غير جمهوري شي نه ٿي ته اسان به ڪو انتهائي قدم نه کڻنداسين، بي اعتمادي رٿ وقت نظر ايندو ته ڪير اڻڌريو آهي ۽ ڪير ناهي؟ وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم ادارن کي ڄاڻي واڻي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان جو مطالبو آهي ته ادارا نيوٽرل رهن ۽ ڪنهن هڪ شخص لاءِ تڪراري نه بڻجن. بي اعتمادي رٿ منهنجي لاءِ يا پارٽي لاءِ نه پر عوام لاءِ آهي، جيڪڏهن اها ڪامياب نه ٿي پوءِ به سڪون سان نه ويهندس، وزيراعظم جو بندوبست ڪرڻ تائين سڪون سان نه ويهندس. شفاف چونڊن لا نڪتو آهيان، وزيراعظم جو بندوبست ڪرڻ تائين سک سان نه ويهندس، هر ڪنهن جي ووٽ لا آخري وقت تائين ڪوشش جاري رکنداسين، جيترا وڌيڪ ووٽ هوندا ايترو اسان لا سٺو آهي. اسان جي اسلام آباد پهچڻ کان اڳ عمران خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي نه ته اسان جي تياري پوري آهي، اسان جلد اسلام آباد پهچي حڪومت خلاف بي اعتمادي آڻي ڏيکارينداسين.”
جڏهن ته عمران نيازي جي آچر واري جلسي ۾ ڳالهايل ٻولي مان به لڳي ٿو ته سندس گهيرو تمام سوڙهو ٿي چڪو آهي. هاڻي ته هو ڌمڪين تي لهي آيو آهي. هن چيو ته “منهنجي تياري مڪمل آهي ۽ هي جيڪي به ڪندا مان ان لا تيار آهيان پر جڏهن بي اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿيندي ته ڇا اپوزيشن ان لا تيار آهي جيڪو مان انهن سان ڪندس.”
جڏهن ته شهباز شريف پارٽي جي سمورن پارليامينٽي ميمبرن کي ٻاهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ميڊيائي رپورٽن موجب “شهباز شريف هدايت ڪئي ته سمورا پارٽي ميمبر ملڪ ۾ موجود رهن. نواز شريف جي هدايت تي شهباز شريف پارليامينٽي ميمبرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن. قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي ڪوشش آهي ته ٻاهرين ملڪ دورن ۾ ميمبرن جا نالا وجهي کين ٻاهر اماڻيو وڃي.”
هوڏانهن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم کي پنهنجي صلاحڪارن کان محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ پرويز الاهي چيو ته “وزيراعظم جا صلاحڪار غلط بياني سان حڪومت ۽ ميڊيا ۾ وڇوٽي پيدا ڪري رهيا آهن. تحريڪ انصاف ميمبرن کي ميڊيا ۾ وڃڻ کان روڪڻ جا اطلاع آهن، تحريڪ انصاف طرفان پنهنجي ميمبرن کي مخصوص ٽي وي چئنلن ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي معاملي تي ڳڻتي آهي، ائين تحريڪ انصاف پنهنجو نظريو عوام سامهون نه رکي سگهندي. اظهار جي آزادي جمهوريت جو حسن آهي، وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ قيادت کان فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪريون ٿا. اشتهارن تي پابندي ظاهري طور پيڪا آرڊيننس کي نظر ۾ رکندي لڳائي وئي آهي، سرڪاري اشتهار عوام جو پئسو آهن، انهن کي مخصوص اخبارن ۽ چئنلن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. مون کي حيراني آهي ته تحريڪ انصاف طرفان ميڊيا هائوسز کي ڇو نشانو بڻايو پيو وڃي، وزيراعظم مون کي ميڊيا هائوسز ۽ حڪومت وچ ۾ پيڪا آرڊيننس جي حوالي سان معاملا حل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي.”
اعتزاز احسن آصف علي زرداري کي نواز شريف مان احتياط ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. اعتزاز احسن چيو ته “عوام جو جذبو ڏسي حڪومت جي وڃڻ يا نه وڃڻ جو اندازو ٿي ويندو. ملڪ ۽ ادارن لاءِ وزيراعظم اڻٽر هوندو آهي. عمران خان استعيفيٰ ڏئي ويندو ته وري ٻيو ڪو وزيراعظم ٿيندو. ايندڙ حڪومت ڪنهن ٻئي جي نه پر عوام جي هوندي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button