حڪومت مخالف سياسي پارٽين ڪالهه نيٺ وزير اعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. شهباز شريف، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي گڏيل پريس ڪانفرنس حڪومت لاءِ ڪجهه مٿي جو سور ضرور پيدا ڪيو هوندو. مخالف ڌر اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته ان وٽ 172 ووٽ کان وڌيڪ ووٽ آهن، جيڪي هاڻوڪي وزير اعظم کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. سياسي ماحول جي گرميءَ کي ڏسندي عمران خان جا ساٿي به سندس ساٿ ڇڏي رهيا آهن. جن ۾ عليم خان ۽ نديم افضل چن شامل آهن. جن مان نديم افضل چن هڪ ڀيرو وري پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ عليم خان ترين گروپ ڏانهن هليو ويو آهي. بظاهر ته عمران خان هن وقت تائين وڏو اعتماد ۾ نظر اچي رهيو آهي ۽ هن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي استعيفيٰ منظور نه ڪندي کيس ڪم جاري رکڻ جو چيو آهي پر مسئلو اهو آهي ته هاڻوڪي سياسي صورتحال حڪومت لاءِ ساڳي نه رهندي بلڪه وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هي صورتحال حڪومت لاءِ اڃا به خراب ٿيندي رهندي. سياسي هلچل جيڪا پيپلز پارٽي پنجاب ۾ شروع ڪئي آهي، اها وڌيڪ تيز ٿي ويندي ۽ عمران حڪومت لاءِ پريشانين ۾ واڌ ٿي ويندي.
ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ي دي ايم جي سربراه مولانا فضل الرحمان، پ پ جي صدر آصف زرداري ۽ (ن) ليگ جي صدر شهباز شريف گڏيل پريسن ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايوان ۾ 172 ميمبرن کان وڌيڪ جي حمايت حاصل آهي. عدم اعتماد جي رٿ جي ڪاميابي تي يقين آهي قوم جلد ئي هنن حڪمرانن مان ڇوٽڪاري جي خوشخبري ٻڌندي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي (ن) ليگ جي صدر شهباز شريف چيو ته سليڪٽيڊ وزير اعظم معاشي ۽ سماجي حوالي سان ملڪ جو جيڪو حشر ڪيو تنهن جو مثال 74 سالن ۾ نٿو ملي. مهانگائي ۽ بيروزگاري تاريخ جي اوچي درجي تي آهي، ملڪ اندر هن وقت قرض وٺي 22 ڪروڙ ماڻهن کي گروي رکيو ويو آهي، انهن قرضن عيوض هڪ به ترقياتي ڪم نظر نٿو اچي. جن دوست ملڪ سٺن ۽ برن وقتن ۾ ساٿ ڏنو تن کي ناراض ڪيو ويو. سي پيڪ کي نشانو بڻايو ويو، سي پيڪ ۾ ڪرپشن جون ڳالهيون ڪيون ويون. پوءِ سعودي عرب ۽ يورپي يونين کي ناراض ڪيو ويو، جلسي ۾ اهڙي زبان استعمال ڪئي وئي، جنهن کي ورجائي نٿو سگهجي. ڪيترن ئي هفتن جي گڏجاڻين کانپوءِ فيصلو ڪيو ته هاڻ دير ڪئي ته عوام معاف نه ڪندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي ڪا خوشفهمي نه هئي، اسان کي هن جي 10، 12 سالن کان ڳالهه ٻولهه نمائشي نظر پئي آئي. اين جي اوز وسيلي مغربي تهذيب کي پروموٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان ان وقت ئي چيو ته هي پاڪستاني ناهي پرڏيهي ايجنڊا جو حصو آهي. 2018ع ۾ جيڪا اليڪشن ٿي اسان اليڪشن کانپوءِ هڪ هفتي اندر هڪ گڏيل موقف تيار ڪيو ته اليڪشن ناجائز ٿي، ڌاڙو هنيو ويو، نتيجا نٿا مڃون. ان کانپوءِ تحريڪ جي شروعات ٿي. مختلف مارچ انهي جدوجهد جو تسلسل آهن، ان سان قوم ۾ شعور بيدار ٿيو، سليڪٽيڊ جو چهرو بي نقاب ٿيو، اسان پنهنجي موقف جي حوالي سان شرمنده ناهيون. اسين ملڪ ۽ آئين سان بيٺا آهيون، ادارن سان به دشمني ناهي، هن جي فيصلن سان اختلاف لڪايو ناهي. قوم جي سامهون جيڪا ڳالهه ڪئي، اڄ اها سچ ثابت ٿي. رٿ پيش ٿي چڪي، ڪاميابي جي اميد رکون ٿا. قوم ترت ڇوٽڪاري جي خوشخبري ٻڌندي. آصف زرداري چيو ته اسان سوچيو ته هاڻ نه ته ڪڏهن به نه. ملڪي حالتون ايترو خراب ٿي وينديون جو ڪو ٺاهي نه سگهندو. ان ڪري سڀ گڏ ٿياسين، مشاورت ڪئي، ڪا اڪيلي پارٽي ملڪ کي مشڪل مان نٿي ڪڍي سگهي، ملي ڪم ڪرڻو پوندو. جيڪي پري آهن انهن کي گڏ کڻڻو پوندو. هن چيو ته انشاءَ الله 172 کان وڌيڪ ووٽ کڻنداسين. جيڪي اسيمبليءَ ۾ ويٺا آهن اهي بيزار آهن، واپس تڪن ۾ وڃي ڪهڙو جواب ڏيندا.
هاڻوڪي سياسي صورتحال کانپوءِ جيڪڏهن عمران خان اقتدار مان هليو ٿو وڃي ته ملڪ جي عوام لاءِ ايندڙ اقتدار ڌڻين لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي هوندي، انهن جي دردن جو درمان ڪهڙُو هوندو، اهو سوال اهم آهي. تنهنڪري مسئلو رڳو هاڻوڪي حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ناهي پر ان سان گڏ عوام جو ڀلو ڪرڻ ۽ ان کي رليف ڏيڻ جو به آهي. جيڪو هاڻوڪي حڪومت جي غلط پاليسين سبب مهانگائيءَ جي ڪري لوڙي رهيو آهي. هاڻوڪي سياسي صورتحال عمران خان جي حق ۾ گهٽ ۽ سندس مخالف وڌيڪ لڳي رهي آهي.