ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران حڪومت خلاف سياسي محاذ

Editorial-Article-Ali Thaheem

ملڪ تي ساڍن ٽن سالن کان وڌيڪ وقت حڪمراني ڪندڙ وزير اعظم عمران خان جي حڪومت هن وقت مخالفن جي مڪمل گهيري ۾ آيل آهي، جن عمران خان کي فرش تان کڻي عرش تائين پهچايو، اڄ انهن مهربانن کيس عرش تي پهچائي هٿ ڪڍي ڇڏيا آهن. ملڪي سياست ۾ هلندڙ هلچل گهڻي تيز ٿيندي نظر اچي رهي آهي. حڪومت خلاف مخالف ڌر جي پارٽين پاران جيڪو اتحاد ٺاهيو ويو هو، ان اتحاد پاران حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪالهه اها بي اعتمادي رٿ به قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ جمع ڪرائي وئي آهي.
پ پ پ ڪراچي کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ شروع ڪيو ته هڪ پاسي حڪومت جون ٽنگون ڏڪڻ شروع ٿي ويون ته ٻئي پاسي پي ٽي آ ۾ ويٺل اهي سياستدان جن پاڻ کي مبينه طور تي قيدي محسوس پئي ڪيو، انهن به همت ڪري حڪومت خلاف هلندڙ مهم جو حصو ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جهانگير ترين ته اڳ ئي پنهنجو گروپ الڳ ڪري چڪو هو پر تازو پي ٽي آ جي اهم شخصيت عليم خان به پنهنجي پارٽي ۽ حڪومت کان بغاوت ڪندي منظر تي اچي پنهنجو گروپ الڳ ڪري جهانگير ترين سان ملي چڪو آهي. جهانگير ترين گروپ جڏهن حڪومت خلاف پريشر گروپ ٺاهيو هو ته حڪومت ايتري پريشان نه هئي پر جڏهن جهانگير ترين پنهنجي گروپ کي منظر تي آندو ته ان کان پو حڪومت جون ٽنگون واقعي ڏڪڻ شروع ٿي چڪيون آهن. اهو ان پريشر جو نتيجو آهي جو عمران خان جڏهن مليسي ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪيو هو ته ان وقت هن بازاري ٻولي ڳالهائي دنيا آڏو پنهنجي پريشاني کي ظاهر ڪري ڇڏيو هو. پ پ پ جو لانگ مارچ اسلام آباد پهچي چڪو آهي. ان لانگ مارچ واري جلسي کي پ پ پ کان سوا، مسلم ليگ (ن) جي يو آ، اي اين پي ۽ ٻين پارٽين جون قيادتون خطاب ڪنديون.
پر ڪالهه ٽنهي پارٽين (پيپلز پارٽي، جي يو آ (ف) ۽ نواز ليگ) جي سربراهن هڪ اهم ترين پريس ڪانفرنس ڪري حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي مهم کي تيز ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي ۽ ان کان سوا انهن ان خيال جو اظهار پڻ ڪيو آهي ته هاڻ گهڻو ٿيو، ملڪ جي معاشي ۽ سياسي تباهي کان پو هاڻوڪي حڪومت کي وڌيڪ وقت تائين برداشت نٿو ڪري سگهجي.
جڏهن ملڪ ۾ ڪنهن حڪومت خلاف ڪا مهم شروع ٿيندي آهي ته ان حڪمران پارٽي جي ووٽرن ۽ حامين کي افسوس ٿيندو آهي ته آخر انهن جي پارٽي خلاف سازش ڇو پئي ٿئي پر هي هن حڪومت کي هٽائڻ لا صف بندي ٿي رهي آهي ۽ حڪومت جي وڃڻ جا امڪان به چٽا نظر اچي رهيا آهن. حڪومت جي حامين يعني ووٽرن کي ذري برابر افسوس نه پيو ٿئي ته آخر اسان جي حڪومت کي ڇو پيو هٽايو وڃي. مون ڪجهھ وقت اڳ به لکيو هو ته پي ٽي آ جي حڪومت وئي ته هن پارٽي جو حشر (ق) ليگ کان به برو ٿيندو ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ اصل مقابلو پي ٽي آ ۽ (ق) ليگ ۾ ٿيندو ته انهن مان وڌيڪ سيٽون ڪهڙي پارٽي ٿي کڻي. سو آئون اڄ به ان دعوى تي قائم آهيان ته پي ٽي آ انتهائي محدود ٿي ڪجهه سيٽن واري پارٽي بڻجي ويندي. حڪومت پنهنجن ساڍن ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي دوران ملڪ جو معاشي ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. ساڍن ٽن سالن تائين حڪومت جا وزير مشير سوين پريس ڪانفرنسون ڪري قوم کي اهو ٻڌائيندا رهيا ته فلاڻو چور آهي، فلاڻي جي اڪائونٽ مان هيترا پئسا مليا آهن.
شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل جهڙا ماڻهو روزانو قوم کي ڀاشن ڏيندا هئا پر هن وقت تائين ڪنهن تي هڪ ٽڪو به ثابت نه ڪري سگهيا. شهزاد اڪبر ته پنهنجا کيسا گرم ڪري رفو چڪر ٿي چڪو آهي. ٻيا به پنهنجا بسترا گول ڪريو ويٺا آهن ۽ ڪنهن به وقت وزيراعظم کان بنا موڪلائي هتان ملڪ مان نڪري هليا ويندا. مخالف ڌر حڪومت خلاف ٺاهيل محاذ کي ڪاميابي جي ويجهو پهچائي ڇڏيو آهي، پر مخالف ڌر هن حڪومت کان پو ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لا ڪو پلان ڪونه ٻڌايو آهي، جنهن مان پتو پوي ته انهن سياسي پارٽين وٽ اهڙي ڪهڙي حڪمت عملي آهي، جنهن وسيلي اهي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهنديون. بهرحال موجوده حڪومت خلاف هن وقت تائين ماحول انتهائي گرم لڳو پيو آهي. چون ٿا ته وزيراعظم ڪابينا جا اجلاس ڪندو پر هيستائين هن ٻه اجلاس نه ڪيا آهن. ان بابت چيو پيو وڃي ته کيس پڪ نه آهي ته اجلاس ۾ جيڪڏهن وزير نه پهتا ته وڌيڪ خواري ٿيندي. پي ٽي آ واري آکيري مان پرديسي پکين جون اڏامون جاري آهن. ڪن سياستدانن پ پ پ ۾ وڃي پناهه ورتي آهي، ڪجهھ (ن) ليگ، جي يو آ سان رابطن ۾ آهن ۽ ڪجھه الڳ پريشر گروپ ٺاهيو ويٺا آهن. يقينن هي حڪومت شيخ رشيد يا چوڌري پرويز الاهي جي آسري ته نه هلندي.
اهو به خيال ڪيو پيو وڃي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي 15 مارچ تي فيصلي اچڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن اهو فيصلو اچي ويو ته بقول اڪبر ايس بابر جي ته عمران خان تا حيات نا اهل ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن تا حيات نا اهل ٿيو ته پو عمران خان جو سياسي ڪيريئر به ختم ٿي سگهي ٿو. هن وقت حڪومت توڙي ان جا وزير مشير گهٻراهٽ جو شڪار نظر اچي رهيا آهن. جڏهن ته مخالف ڌر وارا ڪافي خوش ۽ مطمئن نظر اچي رهيا آهن. وزيراعظم پاران مخالف ڌر کي مسلسل ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن ته انهن سان گهٽ نه ٿيندي. عمران خان ساڍا ٽي سال حڪومت ڪرڻ کان پو شايد پاڻ کي تا حيات بادشاهه سمجهي ويٺو آهي، جيڪو مخالفن کي ته داٻا ڌمڪيون پيو ڏئي پر هو پنهنجين تقريرن، پريس بيانن ۾ هن ملڪ خلاف به کڏون پيو کوٽي. مثال طور مليسي واري جلسي ۾ هن يورپي يونين، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن تي تنقيد ڪئي. هن انهن ملڪن تي تنقيد ڪئي جن سان پاڪستان جو واپار هلندڙ آهي.
وزيراعظم جي اهڙن بيانن الزامن کان پو جيڪڏهن اهي ملڪ پاڪستان سان واپاري ناتا خدا نه ڪري ختم ڪري ڇڏين يا انهن ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي نيڪالي ڏين ته پاڪستان جو ايترو ته نقصان ٿي سگهي ٿو جنهن جو شايد وزيراعظم کي اندازو نه آهي يا وري هو اهڙيون حرڪتون ان ڪري پيو ڪري ته ڀلي ائين ٿئي. افسوس هتي هر ڪوئي پنهنجي ذات لا سوچي ٿو. ملڪ لا انهن وٽ ڪو منصوبو نه آهي، جيڪو اچي ٿو، جڏهن وڃي ٿو ته ان تي کربين روپين جي ڪرپشن جا الزام لڳن ٿا. پر انهن کان اها رقم واپس وٺڻ جو ڪوبه مثال نه ملندو آهي.
عمران خان به ساڍا ٽي سال مخالفن خلاف الزام تراشيون ڪيون پر انهن کان هڪ روپيو به واپس نه ورتو ويو. يقينن عمران خان جي حڪومت ختم ٿي ته سندس ۽ سندس ساٿين خلاف ڪرپشن جا ڪيس تيار ٿيندا ڇاڪاڻ ته اها هتي روايت بڻجي چڪي آهي ته الزام لڳايو ۽ جنهن کي وڻي گرفتار ڪرايو. حالتون ۽ واقعا ظاهر پيا ڪن ته هي حڪومت بس ڪجھه ڏينهن جي مهمان آهي. ان دوران عمران خان ڪو وڏو فيصلو ڪري سگهي ٿو. پر گهڻو ڪري اقتدار ۾ رهندڙ ڪابه حڪومت لوڏن ۾ هوندي آهي ته ان کان ڪي اهڙيون سياسي غلطيون يا غلط فيصلا ضرور ٿي ويندا آهن، جيڪي ان جي تباهي جو ڪارڻ بڻبا آهن ۽ امڪان اهي آهن ته عمران خان به اهڙيون غلطيون ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button