ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا نيازي سرڪار جي پڄاڻي ٿيڻ واري آهي؟

Editorial-Article-Yameen Jatoi

عمران نيازي خلاف اپوزيشن جون سرگرميون فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿيڻ کان پو هر لمحي نئين اڳڀرائي ٿي رهي آهي. ٻين لفظن ۾ حالتون تيزي سان بدلجي رهيون آهن ۽ اهي نيازي سرڪار جي حق ۾ بلڪل به نظر نه اچي رهيون آهن. حالتون جنهن رخ ڏانهن وڃي رهيون آهن، عوام انهن جو چئن سالن کان انتظار ڪري رهيو آهي. ٻن ڏينهن تائين جيڪي اڳڀرايون ٿيون آهن، اهي نيازي ٽولي لا ڪنهن به حوالي کان مثبت نٿيون چئي سگهجن. پاڻ نيازي جو ڪروڌ سان ڀريل لهجو پڻ سندس فرسٽريشن کي ظاهر ڪري رهيو آهي. ڪلهه تائين جيڪا اهم پيشرفت ٿي آهي اها اها آهي ته نيازي خلاف اپوزيشن بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ لا نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ سعد رفيق، نويد قمر، شاهده اختر علي، مريم اورنگزيب، شازيا مري، راڻا ثنا الله ۽ اياز صادق رٿ جمع ڪرائي. اپوزيشن جو چوڻ آهي ته هنن نمبرز پورا ڪري ڇڏيا آهن ۽ هن وقت وٽن 197 کان 202 ميمبرن جي حمايت موجود آهي. چيو پيو وڃي ته اپوزيشن پي ٽي آ جي 27 ميمبرن ۽ هڪ اتحادي پارٽي جي ميمبرن جي حمايت به حاصل ڪري ورتي آهي. اپوزيشن پاران جمع ڪرايل بي اعتمادي رٿ تي 86 اپوزيشن ميمبرن جا دستخط آهن. اپوزيشن بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ سان گڏ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جي ريڪوزيشن به جمع ڪرائي آهي. ريڪوزيشن بابت پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته هڪ سئو کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن جي دستخط سان اجلاس سڏائڻ جي ريڪوزيشن جمع ڪرائي آهي.
بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي لا، 172 ووٽ گهربل آهن. پي ٽي آ کي پنهنجن اتحادين سوڌو 178 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، جن ۾ پي ٽي آ جا 155 ميمبر، ايم ڪيو ايم جا 7، بي اي پي جا 5، ق ليگ جا 5، جي ڊي اي جا 3 ۽ عوامي مسلم ليگ جو هڪ ميمبر شامل آهي.
جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن جو ڪل انگ 162 آهي. انهن ۾ نواز ليگ جا 84، پيپلز پارٽي جا 57، متحده مجلس عمل جا 15، بلوچستان نيشنل پارٽي جا 4، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي جو هڪ ميمبر شامل آهي، ان کانسوا ٻه آزاد ميمبر به ان اتحاد جو حصو آهن.
بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائڻ کان هڪ ڏينهن اڳ جيڪا پيشرفت ٿي، اها به انتهائي اهميت رکي ٿي. سومر تي تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ عليم خان ترين گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سياسي صورتحال ۽ بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان تحريڪ انصاف جي ڪاوڙيل اڳواڻ جهانگير ترين ڪالهه لاهور ۾ اهم مشاورتي اجلاس طلب ڪيو هو، اجلاس جهانگير ترين جي رهائشگاهه تي ٿيو، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيئر اڳواڻ عليم خان سميت صوبائي اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جهانگير ترين لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ 3 صوبائي وزيرن سميت مجموعي طور تي پنجاب جا 19 ميمبر شريڪ ٿيا، ايم اين ايز کي اجلاس ۾ دعوت نه ڏني وئي هئي، انهن جو اجلاس ڌار طلب ڪيو ويندو. اجلاس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي عليم خان جهانگير ترين گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. هن چيو ته “جهانگير ترين تحريڪ انصاف لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون پر ان سميت سڀني جون قربانيون وساريون ويون. سياست دوستن ۾ اضافي جو نالو آهي، سياست مشڪل ۾ دوستن سان گڏ بيهڻ جو نالو آهي، مون پاڻ چيو ته اڄوڪو اجلاس جهانگير ترين جي گهر تي رکو، کيس پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته اوهان ڀلي هتي نه هجو، اسان سڀني لا جهانگير ترين احترام جوڳو آهي، پارٽي ۾ سندس نمايان چهرو هو، هن سميت ٻين جيتري محنت ڪئي انهن کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو خبر ناهي، عمران خان عوام جي اڪيلي اميد هو، جنهن ڪري سندس ساٿ ڏنو، جڏهن حڪومتون ٺهي وڃن ٿيون ته ڪجهه ٻيا ماڻهو ئي آسپاس اچي وڃن ٿا، اسان سڀني جدوجهد ڪئي، دلي افسوس ٿئي ٿو. پنجاب ۾ جهڙي حڪومت آهي ان تي ڳڻتي آهي، 40 کان وڌيڪ ايم پي ايز سان ملاقات ڪري چڪو آهيان، باقي گروپن کي به گذارش ڪيون ٿا ته پارٽي کي بچائڻ لا متحد ٿين، جنهن پارٽي جو وزيراعظم ۽ وڏو وزير هجي ان خلاف بيهڻ سولو ناهي، اسان ڏکيائين باوجود اهو وقت محنت سان گذاريو، منهنجون تڪليفون ذاتي ناهن، جيڪي سهولتون وزيراعليٰ وٽ آهن شايد مون وٽ انهن کان وڌيڪ آهن، جيڪي گاڏيون ۽ سرڪاري جهاز وڏو وزير استعمال ڪري ٿو مون وٽ ان کان وڌيڪ سٺيون گاڏيون ۽ جهاز آهن.”
ترين ۽ عليم خان جي ساٿ ڇڏڻ تي اهي تبصرا اچن پيا ته نيازي جا ٻه اهم کيڏاري سندس ساٿ ڇڏي ويا آهن، جهانگير ترين ۽ عليم خان به بي اعتمادي جي ميچ ۾ اهم جوڙي طور سامهون اچي ويا آهن. ملڪ ۾ سياسي اٿل پٿل عروج تي آهي، هڪ پاسي اپوزيشن حڪومت جو گهيرو تنگ ڪيو آهي ته ٻئي پاسي وري اتحادي به حڪومت سان گهڻا ويجها نظر نه پيا اچن، اتي ئي وري سينيئر اڳواڻ عليم خان جهانگير ترين گروپ ۾ شموليت اختيار ڪري تحريڪ انصاف کي وڏو ڌڪ ڏئي ڇڏيو آهي. خبرون اچن پيون ته اختلافن کانپوءِ عمران نيازي عليم خان کي فون ڪئي پر هن اٽينڊ ئي نه ڪئي. جهانگير ترين ۽ عليم خان (ن) ليگ سان گڏجي پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ آڻيندا، عليم خان کي پنجاب جو وڏو وزير بڻائڻ جو امڪان آهي.
جڏهن ته عمران اسماعيل عليم خان کي پرچائڻ لاءِ لاهور ۾ سندس رهائشگاهه تي پهچي ملاقات به ڪئي آهي. عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته “وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي لاهور آيا آهيون، عليم خان اڄ به عمران خان جو ساٿي آهي. عيلم خان، جهانگير ترين ۽ سندس گروپ جا پي ٽي آءِ پنجاب حڪومت بابت خدشا آهن، اهي خدشا پي ٽي آءِ جي حق ۾ آهن. وزيراعظم عمران خان کي عليم خان جي خدشن کان آگاهه ڪندس ۽ آخري فيصلو عمران خان جو آهي ته ڇا فيصلو ڪري ٿو. عليم خان اڄ به عمران خان جو سپاهي آهي، عليم خان جا سمورا خدشا پارٽي جي حق ۾ آهن.” عمران اسماعيل جي خواهشن جي ابتڙ عليم خان جهانگير ترين سان ملڻ لا لنڊن وڃڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي.
بهرحال، اها ٿي عمران اسماعيل جي خوشفهمي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه. پر نيازي سرڪار جا ساٿاري جيڪا ٻولي ڳالهائن ٿا، اصل ۾ هن وقت اهميت ان جي آهي. اهي ساٿاري جيڪڏهن چوڌري ڀائرن جهڙا هجن ته ڳالهه اڃا به کلي سامهون اچي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته وات چوڌرين جو هوندو آهي، ۽ لفظ وڏي سرڪار جا ئي هوندا آهن. يعني چوڌرين جي ڳالهايل ٻولي مان وڏي سرڪار جي موڊ جي خبر پوندي آهي. چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته “حالتون تيزيءَ سان حڪومت جي هٿ مان نڪري رهيون آهن.” اهو تمام اهم نوعيت جو بيان آهي، جنهن مان پڻ نيازي سرڪار جي لوڏن ۾ هئڻ جي سڌ پوي ٿي.
چيو پيو وڃي ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي حڪومت پنجاب جي وزيرن سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعا چون ٿا ته (ق) ليگ قيادت تحريڪ انصاف کي وڏو سياسي فيصلو ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، پرويز الاهي چيو آهي ته “حالتون تيزيءَ سان حڪومت جي هٿ مان نڪري رهيون آهن، هن وقت جيڪي سياسي حالتون آهن، انهن جي تقاضا آهي ته حڪومت اڳتي وڌي وڏو فيصلو ڪري، ڇو ته سياست ۾ جيڪو اڳ ۾ فيصلو ڪندو آهي، سرسي ان کي حاصل ٿيندي آهي.”
بهرحال، هن مهل تائين ٿيل سياسي اڳڀراين مان نيازي سرڪار جي پڄاڻي ئي ٿيندي نظر اچي رهي آهي هن خدا جي خلق کي چئن سالن ۾ جيڪي اذيتون ڏنيون آهن، تاريخ پاران ان جو کانئس حساب وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button