ملڪي سياست جمهوريت جي نالي ۾ هڪ اهڙي سياسي تماشي جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي جو هاڻي حساس انسانن کي سياست جي بت کان بيزاري محسوس ٿي رهي آهي. اها ئي ڪيفيت ان مهل مرزا غالب جي هوندي، جڏهن هن پنهنجي زندگيءَ جو تمام گهڻو تلخ شعر لکيو هو. مرزا غالب جي دل ۾ ڪيتري نه ڪاوڙ هوندي، جڏهن هن لکيو هو:
“بازيچه اطفال هي دنيا ميري آگي
هوتا هي شب و رزو تماشه مير آگي”
ڇا اوهان کي به هاڻي اهو محسوس نه ٿي رهيو آهي ته جنهن کي اسان سياست ۽ جنهن کي اسان جمهوريت سمجهندا رهيا آهيون، اها هن وقت هڪ اهڙي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن کي تماشي کان سواءِ ٻيو ڪو نالو به نه ٿو ڏئي سگهجي. اها تمام گهڻي تڪليف واري صورتحال آهي ته اسان جي ملڪ ۾ هن مهل ايتري حد تائين بحران ڇائنجي ويو آهي جو ڪنهن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي. اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو ڪهڙي چڱائيءَ جي توقع رکي سگهي ٿو؟ ڇا هن موڙ تي به ڪنهن مثبت ڳالهه جي اميد رکي سگهجي ٿي؟ جنهن وقت هر طرف اهو نظر اچي ته ڪهڙي طرح ڪوڙ تي ميلو مچايو ويو آهي ۽ ڪهڙي طرح جمهوريت جو روح رنجايو ويو آهي؟
هيءَ ته اهڙي صورتحال آهي، جنهن جي ڀيٽ آمريت سان به نه ٿي ڪري سگهجي. ڇو ته آمريت جي دوران گهٽ ۾ گهٽ هڪ آمر پاڻ کي جمهوريت جو چيمپئن ته قرار نه ڏيندو آهي. هو اهو ته نه چوندو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪري رهيو آهي ۽ هر قدم آئين ۽ قانون جي مطابق آهي. آمر ڪيترن ئي ڳالهين ۾ انهن سياستدانن کان سٺو ۽ بهتر نظر اچي ٿو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي چهري تي جمهوريت جو نقاب ته ڪو نه ٿو پائي. جيڪو اهو ته نه ٿو چوي ته هو جمهوريت جي خدمت ڪري رهيو آهي. اسان وٽ وڏو الميو اهو آهي ته هڪ طرف جمهوريت جا پير ڪڍيا ٿا وڃن ۽ ٻي طرف اهو تاثر ٿو ڏنو وڃي ته جمهوريت جي وڏي خدمت ٿي رهي آهي. آمر تمام برو هوندو آهي ۽ اسان آمرن کي پنهنجي ملڪ جي مٿان نه رڳو مسلط ٿيندي ڏٺو آهي پر انهن کي عوام جي مٿان ظلم ڪندي به پوري طرح سان پنهنجي مخالفت جو نشانو بڻجندي ڏٺو آهي. پر اسان اهو ڪڏهن به سوچيو هو ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، جڏهن جمهوريت جي نالي ۾ جمهوريت هجي مٿان ظلم ڪيو ويندو. هيءَ اها صورتحال آهي، جنهن ۾ جمهوريت جي نالي ۾ جمهوريت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن ۽ اهو نه سمجهيو وڃي ته ڪو جمهوريت جي حمايت جو مطلب عمران خان جي حڪومت جي حمايت آهي. ڇو ته هن مهل اهو فرق به ختم ٿي رهيو آهي ته ليڪي جي ڪهڙي پاسي ڪير آهي ۽ ڪهڙي پاسي ڪير آهي؟ هن وقت ته چهرا ماڻهن جا ڀلي ڪجهه مختلف هجن پر انهن جا اڪثر عمل هڪجهڙا آهن ۽ انهن کي هڪ صف ۾ بيهارجي به ته انهن مان ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي. ڇو ته انهن جا مجموعي عمل هڪجهڙا آهن ۽ انهن سان سلوڪ به ساڳيو ٿيڻ گهرجي.
ڇا اها ڳالهه تمام گهڻي تڪليف واري ناهي ته جنهن جنهن ڳالهه کي هو جمهوريت جي خدمت چون ٿا، اها ڳالهه انهن جي دل ۾ اقتدار جي لاءِ موجود سياسي لالچ جي اها ڪيفيت آهي، جنهن کي لوڇ پوڇ کان سواءِ ٻيو ڪو نالو به ڏئي نه ٿو سگهجي. هن مهل جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو جمهوريت جي بينر هيٺ جمهوريت سان جٺ وارو عمل ٿي رهيو آهي. ڇو ته جمهوريت جو اصل روح ۽ هن جي اصل طاقت عوام هوندو آهي. جڏهن جمهوريت جي نالي ۾ عوام کي تمام گهڻو بيزار بڻايو ويندو آهي، تڏهن عوام جمهوريت کان هٿ کڻڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندو آهي ۽ جمهوريت پنهنجي عوامي ساٿ کان سواءِ يتيم ۽ لاوارث نظر ايندي آهي. جمهوريت جو اهو روپ تمام گهڻو ڀيانڪ هوندو آهي. ڇو ته جمهوريت جڏهن جمهوريت جي لاءِ گهاٽ گهڙي ته پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو؟ اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي پر هن وقت اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪجهه اڳ ۾ ڪڏهن به نظر نه آيو هو. جڏهن جمهوريت جي نالي ۾ جمهوريت جي مٿان ظلم ڪيو وڃي ۽ جڏهن بظاهر هر ڪوئي جمهوريت جي ڳالهه ڪري پر اصل ۾ جمهوريت سان ڪو به سچو نه هجي ته پوءِ مايوسي ماڻهوءَ جو مقدر بڻجي وڃي ٿي. ڇو ته ان ڪيفيت ۾ ڪنهن به قسم جي اميد ۽ ڪنهن به قسم جو اتساهه باقي نه ٿو بچي ۽ ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ اهڙي سياسي تماشي سبب تمام گهڻي تلخي محسوس ڪري ٿو ۽ اها تلخي هن کي گهڻو ڪري جمهوريت کان اڳتي وٺي وڃي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن دور ۾ اڪثر ملڪن جي ماڻهن ۾ انارڪيءَ جو رجحان تمام گهڻو تيز ٿي ويو هو ته ان جو ڪارڻ به اهو ئي هو ته ماڻهو جمهوريت جي نالي ۾ جمهوريت سان تعدي برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هئا. جمهوريت جڏهن به انسان جي امنگن جو روپ نه ٿي وٺي ته هن جي شڪل تمام گهڻي ڀيانڪ بڻجي وڃي ٿي ۽ اهو ڪجهه هن مهل اسان وٽ ٿي رهيو آهي.
پاڪستان جي سياسي ماضيءَ جا قصا تمام گهڻا تڪليف وارا آهن. پر اها به حقيقت آهي ته هن ملڪ جي مقدر ۾ ڪڏهن به اهڙو موڙ نه آيو هو، جڏهن ملڪ ۾ سياست جي سطح ايتري هيٺ ڪري پئي هجي جو ان کي ڏسڻ جي لاءِ ماڻهوءَ کي پاڻ به هيٺ ٿيڻو پوي ٿو. ڇو ته جيڪا شيءَ تمام هيٺ هلي ويندي آهي، ان کي ڏسڻ جي لاءِ ڏسڻ واري کي به هيٺ ٿيڻو پوندو آهي. ملڪ ۾ جمهوريت جي خلاف سازشون ته منڍ کان وٺي ٿينديون رهيون آهن. جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت جي خلاف سازشون نه ٿين ها ته ڇا هي ملڪ ٻه ٽڪر ٿئي ها؟ ڪڏهن به نه! هن ملڪ جي وجود جي مٿان ان ڪري وار ٿيو جو هن ملڪ ۾ جمهوريت جو فيصلو قبول نه ڪيو ويو. جيڪڏهن جمهوريت جو فيصلو قبول ڪجي ها ته پاڪستان اڄ دنيا جو تمام گهڻو سگهارو ملڪ هجي ها. پاڪستان ۾ جمهوريت جي خلاف ڪات ڪهاڙا سدائين تيز ۽ تکا ڪيا ويا آهن. ڇا اسان ڀٽي صاحب جي خلاف قومي اتحاد جي هليل تحريڪ کي ڪنهن به طور تي فراموش ڪري سگهون ٿا؟ ڇا اسان کي معلوم ناهي ته ان تحريڪ جي پويان صرف ملڪ جا رجعت پرست سياستدان نه هئا پر ان وقت جمهوريت جي خلاف عالمي سطح تي سازشون ٿي رهيون هيون. ذوالفقار علي ڀٽو عوامي ميڙن ۾ اهڙين سازشن جا نقاب لاهيندو هو ۽ اهي راز به فاش ڪندو هو، جن رازن کي فاش ڪرڻ سان هن کي تمام گهڻي سزا ملي ۽ هن مهل به دنيا جا ڪيترائي سياسي مبصر ان راءِ جا آهن ته جيڪڏهن ڀٽو صاحب عالمي طاقتن کي نه للڪاري ها ته هن سان ايتري گهڻي زيادتي به نه ٿئي ها. پر اهو هڪ الڳ موضوع آهي. ان وقت پاڪستان ۾ عالمي سازش داخل ٿي وئي آهي ۽ ڪنهن کي خبر نه ٿي پئي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي. پر ان سچائيءَ جا هن مهل به ثبوت آهن، جيڪي قوتون ڀٽي صاحب جي خلاف ميدان ۾ آيون هيون، انهن قوتن مان گهڻين قوتن بعد ۾ ندامت جو اظهار به ڪيو هو ۽ سرعام چيو هو ته انهن کان وڏي غلطي ٿي هئي.
پاڪستان ۾ جمهوريت جي خلاف جڏهن جڏهن به ڪا سازش ٿي آهي ته ان ۾ هڪ طرف جمهوريت جا ساٿاري ۽ هن جا حامي رهيا آهن ۽ ٻي طرف جمهوريت جا مخالف رهيا آهن ۽ ماڻهن کي معلوم رهيو آهي ته ڪهڙي پاسي ڪير آهي؟ ان صورت ۾ ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي سوچ، سمجهه ۽ موقف اختيار ڪرڻ جي حوالي سان ته درست هوندو آهي. پر هي ڪهڙي مصيبت آهي جو هن مهل هر ڪوئي سياست جي ميدان تي بيٺل آهي ۽ هر ڪنهن کي جمهوريت جو تمام وڏو فڪر به آهي پر جمهوريت جي جيءَ کي انهن سڀني مان خطرو محسوس ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته ڇا ملڪي سياست جو منظر ايترو گهڻو منجهيل هجي ها؟ عمران خان جي حڪومت خلاف جيڪا بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ٿي رهي آهي، ان کي عمران خان غيرجمهوري عمل سمجهي ٿو ۽ اهڙي رٿ پيش ڪرڻ وارا چون ٿا ته اهي جمهوريت جي خدمت ڪري رهيا آهن. ممڪن آهي ته هو اهو ڪجهه ڪندا هجن پر جيڪڏهن هو اهو ڪجهه ڪري رهيا آهن ته انهن جي اکين ۾ جمهوريت جي اها روشني ڇو نه آهي؟
جمهوريت سان ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظلم ٿي سگهي ٿو ته جمهوريت کي جمهوريت جي نالي ۾ تمام گهڻو نقصان پهچايو وڃي؟ جڏهن جمهوريت کي جمهوريت جي نالي ۾ نقصان ٿيندو آهي ته اهو ناقابل برداشت هوندو آهي. هن مهل اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي. عمران خان جي حڪومت کي جهڙي ريت چوڌاري ورائي ويا آهن ۽ جهڙي ريت عمران خان اهو چئي رهيو آهي ته جمهوريت کي خطرو آهي ته عمران خان جي اهڙي بيان کان پوءِ هن جا وزير اهو ڇو ٿا چون ته اسٽيبلشمينٽ حڪومت جي حامي آهي. جڏهن ته انهن کي جمهوري تقاضائن مطابق ته اهو چوڻ کپندو هو ته عوام حڪومت سان گڏ آهي ۽ عوام حڪومت جو تحفظ ڪندو؟ هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي، جنهن کي اسٽيبلشمينٽ جو آسرو آهي ۽ جنهن کي عوام مان ڪا اميد ناهي. جنهن نظام کي عوام جو ساٿ ميسر نه هجي، اهو نظام جيڪڏهن جمهوري سڏجي به ته ڪهڙي اميد سان؟ جمهوريت جون الڳ تقاضائون هونديون آهن. اسان کي ڪڏهن به جمهوريت ۽ آمريت جي وچ ۾ موجود لڪير کي ميسارڻ نه گهرجي پر مصيبت اها آهي ته هن ڀيري ايتري گهڻي لتاڙ ٿي آهي ۽ سياست جي ميدان ۾ ايتري ته ڌڪا ڌڪي آهي جو جمهوريت ۽ آمريت کي الڳ ڪندڙ لڪير به ميسارجي وئي آهي ۽ ان ڪري اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي ته ڪهڙي پاسي ڪير آهي؟ جڏهن به سياسي صورتحال اهڙو روپ اختيار ڪري وٺندي آهي، تڏهن ان لاءِ اهي ئي لفظ چيا ويندا آهن “اهو سياسي تماشو آهي”