ڪلهه وزير اعظم عمران خان ناراض ٿي ويل اتحادي تنظيم متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن کي پرچائڻ خاطر ڪراچيءَ جي بھادر آباد واري سندن ھيڊ ڪوارٽر پھتو. ڪلاڪ ڏيڍ تائين ٻنهي ڌرين وچ ۾ جيڪا ڳالھه ٻولهھ ٿي، ان کي سرڪاري طور تي پڌرو نه ڪيو ويو آهي پر منهنجو انومان آهي ته ايم ڪيو ايم وارن کيس ساڳيو ئي جواب ڏيئي ڇڏيو جيڪو چوڌري شجاعت حسين جي مسلم ليگ قاف پاران اڱاري تي کيس مليو ته جيڪڏهن اوهان جي تحريڪ انصاف جا ميمبر ئي اوھان جو ساٿ نه پيا ڏين ته پوءِ اسان ڇو اوهان کي ووٽ ڏيئي پنهنجا ووٽ زيان ڪريون؟
پنهنجن پراڻن ساٿين جھانگير ترين، عليم خان، پنجاب جي چوڌرين کان پوءِ اربع تي ايم ڪيو ايم جي ھيڊ ڪوارٽر مان مليل ٺپ جواب عمران خان کي شايد ايترو بتال ڪري ڇڏيو جو ھن ڪجھه دير بعد سنڌ جي گورنر ھائوس ۾ جيڪا تقرير ڪئي ان ۾ بازاري ٻوليءَ ذريعي مخالف ڌر جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، شھباز شريف، آصف زرداري، بلاول ۽ ٻين تي اھڙا واھيات ذاتي حملا ڪيائين جيڪي ڪنهن به ملڪ جي حڪمران کي ھرگز نه ٿا سونهن. عمران خان جي ھي تقرير ٻُڌڻ ۽ سندس وائڙپ ڏسڻ کانپوءِ مون کي ھاڻي پڪ ٿي ويئي آهي ته ھو پنھنجي اڪثريت وڃائي ويٺو آهي. لاھور کان ڪراچيءَ تائين ٽن ڏينهن کان ھلندڙ سندس منٿ ميڙ قافلا پنهنجي مقصد ۾ تمام بري طرح ناڪام ٿي چڪا آهن.
ھونئن ته گذريل ھفتي کان عمران خان جو لٿل منھن ۽ باڊي لينگويج شاهدي پئي ڏني ته ھو مخالف ڌر جي لانگ مارچ ۽ گڏجاڻين کي ڏسي پريشان ٿي ويو آهي. پر اڱاري تي جڏهن مخالف ڌر جي اسي ميمبرن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائي ته ان کان پوءِ عمران خان دڙڪا ۽ ڀڀڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون ته فلاڻن کي جيلن ۾ واڙي ڇڏيندس. اسان جي اسٽيبلشمينٽ چورن جو ساٿ نه ڏيندي. اپوزيشن ليڊرن کي مغربي ملڪن کان ھشي ۽ ڏوڪڙ ملي رهيا آهن، وغيره وغيره. ھي ڇسا الزام بنھه بي پاڙا آهن ڇاڪاڻ ته اپوزيشن جماعتون ته ٻن سالن کان “سليڪٽيڊ وزير اعظم” کي ھٽائڻ لا جدوجهد شروع ڪئي ھئي. ان وقت نه رشيا چڙهائي ڪئي يوڪرين تي ۽ نه ئي عمران خان روس جو دورو ڪري مغربي يورپ جي قومن خلاف ڳالهايو ھو. ھي ته اجايا بھانا پيو گھڙي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو وانگر مظلوم ٿيڻ خاطر!
پر ڀٽو ٿيڻ لاءِ جيڪا دور انديشي، دنيا جي تاريخ ۽ ادب جو ڳوڙھو اڀياس ۽ سوريءَ کي سينگارڻ لاءِ شينھن جھڙو جگر گھربل آھي، انھن مان ڪابه ھڪڙي خوبي وٽس ناھي. مون کي ٻڌايو ته ويھن سالن جي سياسي ڪيريئر دوران عمران خان پنهنجين ھزارين تقريرن ۾ ڪڏهن به ڪنهن ھڪ اھڙي ڪتاب يا ان جي ليکڪ جو نالو ورتو آهي جيڪو عالمي سطح تي ڄاتل سڃاتل ۽ جڳ مشهور تخليقڪار ھجي؟ مون کي ڪوبه ھڪڙو مثال ڏيو ته مڃان. سندس ڀيٽ ۾ ڀٽو صاحب مغربي ڪلاسيڪل ادب ۽ دنيا جي تاريخ جو اھڙو طالبلعم ھو جيڪو سمھڻ مھل به پنهنجي سيرانديءَ کان ڪو نه ڪو انگريزي ناول يا تاريخ جو ڪتاب ضرور رکندو هو. جي آڌيءَ مھل اک کلي وڃيس ته ان وقت به ڪتاب ڪڍي پڙھندو ھو. مون سندس اباڻي گھر سيونٽي ڪلفٽن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ذاتي لائبريري 1969 ۾ ڏٺي جڏهن ھو اڃا اقتدار ۾ نه آيو ھو. سو عظيم ليڊر ٿيڻ جي خواهش ڪرڻ ته سولي آهي پر ان منزل کي ماڻڻ لاءِ جيڪي قربانيون ڏيڻيون ٿيون پون انھن بابت عمران خان جھڙو عياش شخص سوچي به نه ٿو سگهي.
ساڳي ريت آڪٽوبر 1989 ۾ مون اسلام آباد جي قومي اسيمبلي ۾ ويھي تڏھوڪي وزير اعظم بينظير ڀٽو خلاف بي اعتمادي واري رٿ جمع ٿيڻ کان وٺي 15 ڏينهن کان پوءِ ووٽنگ ذريعي ناڪام ٿيندي به ڏٺي. ان وقت صدر غلام اسحاق خان ۽ فوجي سربراهه جنرل اسلم بيگ ڀٽو خاندان جا ويري ھئا. پر تڏهن به بينظير صاحبه مخالف ڌر خلاف اخلاق کان ڪريل ٻولي، ڪنهن خوف يا وائڙپ جو ڏيکا نه ڏنو. ھن کي ڄاڻ ھئي ته ڪوھه مريءَ واري “پنجاب ھائوس” ۾ وڏي صوبي جو وڏو وزير ميان نواز شريف ڪرنسي نوٽن جا ٻورا ڀري ويٺو آهي جن ذريعي پيپلز پارٽيءَ جي قومي اسيمبلي وارن ناراض ميمبرن کي خريد ڪرڻ لاءِ پڙي کولي ڇڏي اٿس. کيس اسلامي جمهوري اتحاد (آئي جي آئي) جي سڀني جماعتن ۽ رئيس غلام مصطفي جتوئي مرحوم جي پٺڀرائي مليل ھئي جيڪو اپوزيشن اتحاد جو چڱو مڙس هو.
ميان نواز شريف جن ميمبرن کي خريد ڪيو تن کي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي لاھور ڀرسان ڇانگا مانگا ريسٽ هائوس ۾ رکي محفوظ ڪيو جڏهن ته ڪي پي ڪي جي تڏهوڪي وزير اعليٰ آفتاب شيرپائو پ پ جي قومي اسيمبلي ميمبرن کي سوات ۾ پناهھ ڏني ته جيئن کين اغوا ٿيڻ کان بچائي سگھجي. اسپيڪر ملڪ معراج خالد وزير اعظم بينظير ڀٽو خلاف جمع ڪرايل بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ لاءِ 15 ڏينهن کان پوءِ اجلاس گهرايو، ڏاڍي پرامن ماحول ۾ ميمبرن پنهنجي پنهنجي مرضيءَ سان مخالفت توڙي حمايت ۾ ووٽ وڌا. جڏھن ووٽ پورا ٿيا ته ٻنهي ڌرين جا امين ويھاري ڳڻپ ڪرائي ويئي. نتيجو اهو نڪتو ته بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي اڪثريت ظاھر ڪري اپوزيشن کي شڪست ڏني ۽ سرخرو ٿي ويئي.
انھيءَ شاندار ماحول جي ابتڙ ھن ڀيري ھڪڙو ته وزير اعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي اسيمبلي ھال مان کسڪائي ڇڏيو تنهن ڪري بي اعتمادي جي رٿ اسپيڪر بدران اسيمبلي جي سيڪريٽري جي آفيس ۾ جمع ڪرائڻي پئجي ويئي. ٻيو ته اھا رٿ جمع ٿيڻ کان پوءِ عمران خان جنھن نفرت ۽ ڪاوڙ وچان پنهنجن سياسي مخالفن خاص ڪري آصف زرداريءَ کي نشانو بڻائڻ ۽ پلاند وٺڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن تن مان ته سندس پنهنجي بڇڙائي ظاھر ٿي پيئي آهي. منجھس ٽڪي جو به سياسي تدبر يا سھپ ناهي. سڄي ڄمار يورپ جي جمھوري ملڪن ۾ رهي پاڻ جمھوري احترام ۽ آداب ڪونه سکي سگهيو. سندس وزيرن جا چھرا ڏسو ۽ بيان پڙھو ته سواءِ ڪوڙ جي ٻيو ڪجھه به نه ٿا ڳالهائين. اندروني طرح ته وزيرن منجهان به گهڻا ته ان ڏينهن کان عمران خان سان ناراض آهن جڏهن مراد سعيد نالي ھڪ ڇوڪراٽ منسٽر کي ٽاپ ٽين ۾ پھريون نمبر ڊڪليئر ڪيائين. اڱاري تي ڏنل سندس اھو بيان پڻ واڳ ڌڻين کي ھرگز نه وڻيو هوندو ته اسٽيبلشمينٽ چورن جو ساٿ نه ڏيندي. ان جو سنئون سڌو مقصد اھو آهي ته سڀاڻي جڏهن عمران خان ووٽنگ ۾ ھارائي گھر ڀيڙو ٿيندو ته ھو ايئن سمجهندو ته اسٽيبلشمينٽ چورن جو ساٿ ڏنو آهي؟ لڳي ٿو ته ھمراھه ھوش وڃائي ويٺو آهي. ٻيا وڌيڪ پنج سال راڄ ڪرڻ جي ھام ھڻندڙ وزير اعظم کي اتحادين جي ڳالهين مان پڪ ٿي ويئي آهي ته ڌرتي سندس پيرن ھٿان نڪري چڪي آهي. ھو ڪيئن ٿو دعويٰ ڪري ته ھاڻي زنجيرن مان آجو ٿي ويو آهي. سوال آهي ته آخر ڪير ٻڌي ويٺو ھو پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان کي زنجيرن ۾؟
مونکي عمران خان جي بدحواسي تي پيپلز پارٽي جي خاتون اڳواڻ شيري رحمان جو ھي تبصرو وڻيو آهي ته، عمران خان جو ھي بيان ته “آصف علي زرداري منهنجو پھريون ٽارگيٽ آهي سوال ٿو پيدا ڪري ته ڇا وزير اعظم ھاڻي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندو؟”