گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ بدامنيءَ جي واقعن ۾ ٿيندڙ واڌ مان ائين لڳي پيو ته ڪيترائي اهڙا شهر آهن، جتي ماڻهن جو جيئڻ جنجال لڳو پيو آهي. عوام قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ چونڊيل نمائندن تي ويساهه ڪندو آهي ته اهي کين تحفظ فراهم ڪندا ۽ ان سان گڏ اهي انهن جي جان مال جي حفاظت به ڪندا پر عوام ته بدامني، ڦرون ۽ ڌاڙن خلاف احتجاجن جو سلسلو جاري پيو رکندو اچي، نتيجي ۾ سنڌ جا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ غير محفوظ سمجهي رهيا آهن. حيدرآباد، رتوديرو، ٽنڊو آدم، ميرپورماٿيلو، عادلپور ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن مان بدامني جون خبرون ڪالهه رپورٽ ٿيون آهن. جن کي پڙهي خبر پوي ٿي ته پوليس جهڙو اهم ترين ادارو پنهنجون ذميواريون نڀائڻ کان ڪيٻائي رهيو آهي. سنڌ ۾ ان قسم جا واقعا روز جو معمول ٿي ويا آهن. پر جيئن ته پوليس اهڙن ڏوهارين کي سوگهو ڪرڻ ۾ گهڻي ڀاڱي ناڪام ويندي آهي يا جيڪڏهن اهي جهلجي به پوندا آهن ته کين سزائون نه ملنديون آهن، تنهنڪري اهي واقعا ٿيندا رهندا آهن. پر امن امان سان رهڻ هر شهري جو حق آهي ۽ ان لاءِ پوليس کي پنهنجو فرض ضرور نڀائڻ گهرجي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب عادلپور ڀرسان ڳوٺ لکو ڀيل مان 13 سالن جي رابيه ڀيل مبينا اغوا ٿي وئي، جنهن جي خلاف وارثن گهوٽڪي – خانپور مهر لنڪ روڊ ڌرڻو هڻي بند ڪري ڇڏيو. احتجاج جي اڳواڻي ڇوڪري جي پي باچو ڀيل، ما مائي نوران، درشن ڀيل، نظرو ڀيل، وڪي ڀيل، گدلو ڀيل، آفتاب ڀيل، رنگيلو ڀيل ۽ لالو ڀيل ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته اسان جي ڇوڪري کي پاڙي جو بااثر ذاڪر تڳڙ زبردستي اغوا ڪري ويو آهي. اسان اهڙو اطلاع اي سيڪشن پوليس کي ڏنو پر اڃا تائين پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. پوليس بااثر ماڻهن جي مدد ڪري رهي آهي. اسان ان وقت تائين روڊ نه کولينداسين، جيستائين اسان جي ڇوڪري بازياب نه ٿيندي. ٻئي پاسي ميرپورماٿيلو ويجهو هڪ هفتو اڳ اغوا ٿيل سرحد جا رهواسي موج علي شاهه ۽ فياض دايو بازياب نه ٿيا، جنهن جي خلاف وارثن ۽ سياسي، سماجي تنظيمن ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي لطيف شاهه، ميان عبدالرحيم ڀارو، رضا شاهه، اختر دايو ۽ عبدالرزاق دايو چيو ته ٻئي مغوي ميرپورماٿيلو شادي ۾ شريڪ ٿيڻ لا سرحد کان ڪشمور وڃي رهيا هئا ته اسان جي نوجوانن کي رستي مان اغوا ڪيو ويو، جيڪي اڃان تائين بازياب ناهن ٿي سگهيا. پوليس به ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي آ جي سکر ۽ آ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جلد ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڊي آ جي سکر جي آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو.
سنڌ ۾ اهڙين ڪاررواين کان پوءِ پوليس متاثر جي ڌڻي به ڪانه ٿيندي آهي بلڪه هتي ته ماحول اهڙو ٿي ويو آهي جو هر ماڻهو پنهنجي حفاظت جو بندوبست پاڻ ڪري ته جيئن پوليس کي پنهنجي ذميواري نه نڀائڻي پوي. جڏهن ڪابه متاثر ڌر پوليس ڏانهن ويندي آهي ته ان کي رليف ته ڪونه ملندو آهي پر کيس وڌيڪ ڀوڳڻو پوندو آهي، ان ڪري عام ماڻهو جو پوليس تي اعتبار نه رهيو آهي. نتيجي ۾ ماڻهن جا مسئلا به حل نٿا ٿين ۽ ڏوهارين جو من به وڌيو وڃي، جيڪي پنهنجي مرضيءَ سان جتي به واردات ڪرڻ چاهين ته آرام سان ڪري ويندا آهن. پوليس کاتي کي جيڪڏهن بهتر ڪيو وڃي ۽ اها ڏوهارين خلاف ڪنهن به نرميءَ سان ڪم نه وٺي ته پوءِ ڪيترن ئي مسئلن کان بچي سگهجي ٿو. تنهنڪري ان پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني وارن واقعن جي ڪري عوام وڌيڪ پريشان نظر اچي رهيو آهي. اهو اڳ ئي ڪيترن ئي سماجي ۽ معاشي مسئلن جو شڪار آهي. مٿان وري ڦرون، ڌاڙا ۽ امن امان جي بگڙيل صورتحال ان کي وڌيڪ پريشان ڪري رهي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جنهن به ضلعي يا جنهن به شهر ۾ اهڙي قسم جون وارداتون ٿين ته ان جو ذميوار اتان جي پوليس ٿاڻي کي سمجهيو وڃي. ڇاڪاڻ ته پوليس به جڏهن عوام جي مسئلن جو ڪو تدارڪ نه ڪري ته ان جو مطلب اهو آهي ته اها پنهنجن فرضن ۾ ڪوتاهي ڪري رهي آهي. تنهنڪري سنڌ جي هر شهر ۾ بدامنيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سنجيدگي اختيار ڪئي وڃي.