پاڪستان جي سياسي تاريخ ناڪامين سان ڀريل آهي. بُري حڪمراني ۽ سياسي عدم استحڪام هن ملڪ جي تاريخ رهي آهي. حڪومت جي ڳالهه ڪجي توڙي رياست جي، هر سطح تي اميرن جو راڄ آهي. هڪ عام سپاهي ويهن هزارن جي پگهار تي شهادت جو جام نوش ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هڪ عام سياسي ڪارڪن جيئي جيئي جا نعرا هڻي پنهنجي توانائي ۽ عمر وڃائي ٿو پر اقتدار ۾ ان جي ڀائيواري ڪنهن به ريت قائم نه ٿي ٿئي. اقتدار جا مزا ۽ فائدا ايترا لاجواب آهن جو سياسي تاريخ اسٽيبلشمينٽ ۽ سويلين سياسي قيادت وچ ۾ لڳاتار ڇڪتاڻ جي تاريخ بڻيل آهي. جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو پُڙ هميشه ڳرو رهيو آهي. هن ملڪ جي سياسي منظر نامي کي رياستي طاقتن پسمنظر ۾ ويهي پنهنجي مرضيءَ مطابق پئي سنواريو ۽ بگاڙيو آهي. ڪهڙي پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿيڻي آهي ۽ ڪهڙي پارٽيءَ کي ڪياڙيءَ وارو هٿ ڏئي اقتداري ايوان کان تڙي ڪڍڻو آهي اهو اسٽيبلشمينٽ طئي ڪندي آهي جنهن کي بعد ۾ عوامي امنگ يا ملڪي سالميت جو نالو ڏئي اها ذميواري عوام کي کڻائي ويندي آهي. پنهنجي لاءِ بار بار ايڪسٽينشن وٺڻ وارا هر ٽن سالن کان پوءِ سياسي منظر نامي تي ڪجهه تبديليون ڪرائي عوام کي اهو تاثر ڏيندا رهندا آهن ته جن کي اوهان چونڊيو ٿا اهي نااهل آهن. جنهن سرشتي جي حمايت ۾ پوري دنيا ۽ اوهان بيٺا آهيو اها جمهوريت ۽ پارليماني نظام بيڪار آهي. مرحوم جنرل ايوب خان جي بقول اسان جي گرم ملڪ ۾ اهو يورپ ۽ آمريڪا جي ٿڌن ملڪن وارو ٿڌو نظام ڪم نه ٿو ڪري. هن وقت پاڪستان اندر اهڙي صورتحال آهي جنهن موجب عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ساڳيو تاثر ڏيڻو آهي ته توهان جي خواهش مطابق جنهن کي اقتدار ۾ اچڻ ڏنو ويو اهو نااهل ثابت ٿي چڪو آهي سو هاڻي ان جو متبادل آڻڻ جي ضرورت آهي.
پيپلز پارٽيءَ جو لانگ مارچ شروع ٿيو، عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪرڻ جون ڳالهيون هليون ته وزيرِ اعظم سميت سموري ڪابينا وڦلڻ لڳي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان لاءِ وزيرِ اعظم پاڻ گُٿا لفظ استعمال ڪرڻ لڳو. عوامي جلسن ۾ تقرير ڪندي اهڙي ٻولي استعمال ڪئي وئي جيڪا وزيرِ اعظم ته ٺهيو پر هڪڙي عام سياسي ڪارڪن کي به نه ٿي سونهين. ظاهر آهي اهڙو ردِعمل ۽ ٻولي وزيرِ اعظم ۽ سندس ٽيم جي وائڙائپ جو اظهار هئي. اقتدار کي واقعي به خطرو آهي اهو ان منجهان ظاهر ٿيڻ لڳو ته اسٽيبلشمينٽ پاران موجوده تڪرار ۾ اڻ ڌريو ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پيپلز پارٽيءَ کي لانگ مارچ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. آصف زرداريءَ ميڊيا کي ٻڌايو ته عدم اعتماد واري رٿ جي ڪاميابيءَ لاءِ هُو ذاتي طور تي ڪوششون وٺي رهيو آهي. شيخ رشيد احمد جهڙي انتهائي باخبر وزير چيو ته حڪومت طئي ٿيل شيڊيول کان ڇهه مهينا اڳ چونڊون ڪرائي سگهي ٿي جيڪڏهن مخالف ڌر ڳالهيون ڪرڻ لاءِ راضي هجي. وزيرِ اعظم سنڌ جي گورنر کي جهانگير ترين ۽ عليم خان سان رابطو ڪرڻ يا کين هٿيڪو ڪرڻ جي خدمت انجام ڏيڻ جو چيو آهي. اهڙا اطلاع به آهن ته وفاقي حڪومت جي اعلى آفيسن منجهان رڪارڊ گم ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. اها سموري صورتحال ظاهر ڪري ٿي ته حڪومت کي حقيقي خطرو آهي ۽ جڏهن سياسي اقتدار کي خطرو حقيقي هجي ته پڪ سمجهڻ گھرجي اهو خطرو غير سياسي قوتن کان آهي. اهو خطرو اسٽيبلشمينٽ کان آهي. موجوده صورتحال ۾ تحريڪِ انصاف کي خطرو انهن کان آهي جن کيس اقتدار ۾ آندو هو. پردي جي پٺيان موجود هدايتڪارن اهو محسوس ڪري ورتو آهي ته عمران خان ۽ انب جي ککڙيءَ ۾ ڪوئي فرق نه رهيو آهي ان ڪري هاڻي ان ککڙيءَ منجهان هٿ ڪڍڻ ۽ وري نئون انب هٿ ۾ کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي.
عدم اعتماد جي رٿ پيش ٿيڻ کان پوءِ آئيني طور تي اسپيڪر مجبور آهي ته ستن ڏينهن اندر اجلاس گهرائي ۽ ان رٿ جي حمايت توڙي مخالفت ڪندڙن جا ووٽ ڪرائي. وزيرِ اعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ تي ووٽنگ کليل نموني ٿيندي آهي جڏهن ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ تي ڳجهي نموني ووٽنگ ڪرائڻي هوندي آهي. بي اعتماديءَ جي رٿ ڪامياب ٿيڻ لاءِ 172 ميمبرن جي حمايت ضروري آهي جڏهن ته هن وقت مخالف ڌر وٽ 163 ميمبر آهن. رٿ جي حمايت لاءِ گهربل ميمبرن جو تعداد اڻ پورو ته آهي پر اها کوٽ اک ڇِنڀ ۾ ختم ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن کلاڙين کي کيڏڻ جي اجازت ملي وڃي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته مخالف ڌر عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪرڻ کان اڳ ان تي پورو پورو توجهه ڏنو هوندو پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن رٿ ناڪام ٿي وئي ته پوءِ مخالف ڌر ڇا ڪندي؟ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر کي ڌڪ پٽيو يعني اها اڻ ڌري نه رهي. اندران ئي اندران عمران خان کي سهڪار ڏنائين. جيئن اها اڳ لڳاتار ڏيندي آئي آهي. جيئن اها اڳ لڳاتار ڇرڪائيندي آئي آهي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ٻين جي خبر ته ڪانهي پر ميان نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان پاران تمام سخت ردِعمل سامهون اچڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. اهي ٻئي اڳواڻ هينئر تائين جيڪو ٿورو گھڻو رک رکاءُ قائم رکيون آيا آهن سو به نه رکن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي بنهه وائکو ڪري رکن. جيئن ته موجوده حڪومت جون ناڪاميون ۽ خراب حڪمرانيءَ جو رڪارڊ ايڏو وڏو ۽ چِٽو آهي جو کيس گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ دير ئي نه لڳندي. عمران خان سياسي ميدان ۾ سيکڙاٽ هئڻ وارو اظهار ايترو گھڻو ڪيو آهي جو اڪيلو زرداري يا مولانا به سندس حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ڪافي آهن. مخالف ڌر کي اسٽيبلشمينٽ کان ڪنهن به قسم جي مدد جي ضرورت ڪانهي سواءِ ان جي ته اها اڻ ڌري رهي. لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ مخالف ڌر کي اهڙي پڪ ڏياري به آهي پر جيڪڏهن اها پنهنجي واعدي تان عين موقعي تي ڦري وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ظاهر آهي بحران اڃان وڌيڪ شدت اختيار ڪندو. ملڪ جو اڳوڻو صدر ۽ ٽي وزيرِ اعظم روڊن تي آهن. پيپلز پارٽيءَ جو لانگ مارچ پنهنجي جاءِ تي پر پي ڊي ايم جو لانگ مارچ ۽ ڌرڻو جيڪو 23 مارچ تي اعلانيل آهي سو به اچڻو آهي. اهڙي صورتحال ۾ لڳي ٿو مخالف ڌر پنهنجي بي عزتي خاموشيءَ سان برداشت ڪانه ڪندي.
پڙهندڙ اهو سوال ڪري سگهي ٿو ته جيڪڏهن حڪمراني ڪنڊن جي سيج ۽ خدمت ڪرڻ جو نالو آهي ته پوءِ اها خدمت ڪير به ڪري ان تي ويڙهه ڇالاءِ آهي؟ ڪنڊن جي ان سيج تي ڪو ٻيو ڇو نه سمهي جو اسين ان تي سمهڻ لاءِ ضد ڪري رهيا آهيون؟ جواب اهو آهي ته جڏهن انقلابي، قومپرست ۽ ٽريڊ يونين سطح جي سياست ۾ اڳواڻ مئي مارائي کان سواءِ مَنجي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن، جڏهن ادبي سنگتن جي ستن ماڻهن جي ڪميٽيءَ جي اڳواڻي حاصل ڪرڻ لاءِ به بين الاقوامي سطح جون سازشون ڪيون وينديون هجن، تڏهن ملڪ جي حاڪميت حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، ڪهڙيون ڪهڙيون اٽڪلون ۽ سازشون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، اها خبر انهن کان پڇو جيڪي ان ڊوڙ ۾ شامل آهن. جيڪي اڳواڻي ۽ اختيار جي نشي جي ذائقي کان واقف آهن. انهن کان پڇو ته اهي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ ايترو ضد نيٺ ڇالاءِ ٻڌيون بيٺا آهن!؟
آخري ڳالهه اها ته هن ملڪ ۾ سياستدان ڦاهي چڙهندا رهيا آهن، جيل ڀوڳيندا رهيا آهن، آخر ۾ پنهنجي ملڪ اندر ئي فوت ٿي ويندا آهن. ان هوندي به اهي غدار ۽ وطن جا دشمن سمجهيا ويندا آهن. ان هوندي به انهن کي سيڪيورٽي رسڪ طور پيش ڪيو ويندو آهي. پر جيڪي اصل محبِ وطن آهن، جيڪي ٻين کي غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏيندا آهن، اهي ڦاهي نه چڙهندا آهن، اهي جيل نه ويندا آهن، اهي رٽائرمينٽ کان پوءِ پنهنجي پياري ملڪ ۾ رهڻ پسند نه ڪندا آهن. انهن جي آڊيو وڊيو ليڪ ڪانه ٿيندي آهي. ان ڪري نه ته اهي متقي آهن. ان ڪري نه ته اهي ٽوپيون کپائي گذر سفر ڪندا آهن بلڪه ان لاءِ ته اهي سوارن جا به سوار آهن. ان ڪري عمران خان جهڙو به آهي سياسي ۽ سويلين قيادت جو ماڻهو آهي. مٿس تنقيد ۽ ڪاوڙ جي انتها هوندي به آئون ذاتي طور تي ان ڳالهه جو حامي آهيان ته هُو پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري. جيتوڻيڪ عدم اعتماد جي رٿ ۽ لانگ مارچ به آئيني سرگرميون آهن پر اهي جڏهن آئين کي لتاڙيندڙن جي حڪم، اشاري يا اجازت ملڻ کان پوءِ عمل ۾ اچن ته اهڙي عمل جي مخالفت ۽ نندا ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته ڳالهه جتان شروع ڪئي هئي اتي ئي ختم ڪريون ٿا ته پاڪستاني عوام تي حڪمرانيءَ جو حق سندن چونڊيل نمائندن کي هئڻ گھرجي. هر ٽن چئن سالن کان پوءِ عوام کي اهو محسوس ڪرائڻ ته سويلين سياسي قيادت نااهل آهي وارو ڌنڌو هاڻي بند ٿيڻ گھرجي.