ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاور جي پڇاڙي

Eidtorial-Article-Aijaz Mangi

روس جي جڳ مشهور ناول نگار ليئو ٽالسٽاءِ پنهنجي ناول”اينا ڪرينن” جي شروعات انهن لفظن سان ڪئي آهي ته “سمورا سکي ڪٽنب هڪ جهڙا هوندا آهن، سمورن دُکي ڪٽنبن جا دُک الڳ الڳ طرح جا هوندا آهن.”
ڇا ٽالسٽاءِ جي مٿئين ڳالهه پٿر مٿان پاتل ليڪو آهي؟ ٿورو به غور ۽ فڪر ڪرڻ سان محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته ڄڻ ٽالسٽاءِ جي اها ڳالهه ٻڌاري تلوار جهڙي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين نظر ايندو آهي ته ڄڻ سمورا خوش خاندان هڪجهڙا هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته سمورا ناخوش خاندان ساڳي صورت وارا آهن.
اها ڳالهه ٻي ڪنهن حالت ۾ نظر اچي يا نه اچي پر جڏهن هڪ حڪمران جي اقتدار جو انت اچڻ لڳندو آهي، تڏهن هن جي مايوسي ڪاوڙ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ هن جي ڪاوڙ ۾ به مايوسيءَ جي جهلڪ هوندي آهي. اهو ممڪن آهي ته عمران خان ان بحران مان نڪري وڃي، جنهن بحران ۾ هو مڪمل طور تي بوکلائجي ويو آهي پر پنجاب جي شهر مليسيءَ کان وٺي ڪراچيءَ تائين هن جو انداز صاف صاف اهو ٻڌائي رهيو هو ته همراهه هوش ۾ ناهي.
گذريل ڏينهن هو ڪراچيءَ ۾ جهڙي ريت ايم ڪيو ايم جي آغوش ۾سياسي سڪون محسوس ڪري رهيو هو، هن جو هو روپ ڏسي شدت سان اهو پرويز مشرف ياد اچي رهيو هو، جيڪو هن وانگر بظاهر من موجي نظر ايندو هو ۽ دنيا جهان جي پراوهه نه ڪندو هو. پرويز مشرف هڪ ڪمانڊو جنرل هو ۽ هن ۾ اعتماد جو مصالحو ڪجهه سرس هو پر پنهنجن سياسي مخالفن سان هو به ان طيش ۽ ڪاوڙ سان پيش ايندو هو، جيئن عمران خان پيش ايندو آهي. پر پاڪستان جي رنگين مزاج آمر جو جڏهن انت اچي رهيو هو ته هو به ايم ڪيو ايم کي 12 مئيءَ جو ڀاڪر پائي پنهنجي مايوسيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اها 12 مئي جنهن جي معافي اڃان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ مقبول صديقيءَ ورتي آهي. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ ۾ 9 مارچ جو ڏينهن پرامن هو ۽ اهڙي ڪا صورتحال نه هئي، جنهن سبب ماحول ۾ ڪا ڪڙاڻ ڀرجي وڃي پر وزير اعظم عمران خان جي مايوسي ڏسڻ وٽان هئي. پير پاڳاري پاران هن سان ملڻ کان انڪار بعد هن جو ايم ڪيو ايم جي آسري تي اطمينان محسوس ڪرڻ جي ڪوشش دوران هن جو دک لڪڻ ۾ نه پئي آيو ۽ هو تمام گهڻي تڪليف ۾ نظر اچي رهيو هو. عمران خان وزير اعظم جي حيثيت سان پنهنجن مخالفن کي جن نالن ۽ جن لقبن سان پڪاري رهيو هو، اهو سڀ ڪجهه ان پيڙا سبب هو، جنهن پيڙا کي بيان ڪندي انگريزي ٻوليءَ جي عظيم شاعر ۽ ناٽڪ نويس وليم شيڪسپيئر لکيو آهي ته Authority leaves the dying king يعني سياسي سگهه موڪلائڻ لڳندي آهي، مرندڙ بادشاهه کان!
عمران خان ته خيرن سان اڃان تائين خوبرو ۽ خوش صحت آهي پر هن جي اندر ۾ جيتري لوڇ پوڇ ۽ جيتري بيچيني نظر اچي ٿي، اڳ ۾ ايتري ڪڏهن به نظر نه آئي هئي. اڪثر اهو لڳندو هو ته عمران خان کي اقتدار جي ڪا پرواهه ناهي پر هن ڀيري شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته هن پاران اقتدار کان الڳ ٿيڻ ڪيترو نه مشڪل آهي. ان ڳالهه جو مطلب اهو ناهي ته عمران خان وزارت اعظميٰ جي ڪرسيءَ تان واقعي به هيٺ لهي رهيو آهي. ڇو ته هن ملڪ حڪمران اهي انسان هوندا آهن، جن کي پنهنجي زوال جي خبر سڀ کان آخر ۾ پوندي آهي پر انهن جي بي يقيني انهن جي چهرن مٿان ائين ڇپيل هوندي آهي، جو اها خاص ته ڇا پر عام انسان کي به نظر ايندي آهي. هن مهل عمران خان اها ضد ڪري رهيو آهي ته هو ڪنهن به ريت اين آر او نه ڏيندو پر ڇا هو ڪو پرويز مشرف آهي؟ جنهن وٽ اين آر او ڏيڻ جا اختيار هجن!! هو ته پاڻ هن مهل تائين اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته آخري فيصلا ڪهڙي سطح تي ٿيندا آهن ۽ ڪير ڪندا آهن؟
عمران خان جي موجوده حالت کي ڏسي واقعي به پرويز مشرف جي پڇاڙي ياد اچي رهي آهي ۽ اهو سوال فطري طور محسوس ٿي رهيو آهي ته ڇا پاور جي پڇاڙي اهڙي هوندي آهي؟ جڏهن اقتدار ڪنهن ڏانهن ايندو آهي ته هو اهڙي ريت ٻهڪندو نظر ايندو آهي، جهڙي ريت بهار جي موسم ۾ وڻن جي گلن سان جهنجهل ٽار نظر ايندو آهي ۽ جڏهن اقتدار ڪنهن کي الوداع ڪري ويندو آهي، تڏهن هن جي منهن ۾ هڪ تمام گهري مايوسي هوندي آهي ۽ اها مايوسي انهن سمورن مهانڊن جي مٿان نظر ايندي رهي آهي، جيڪي مهانڊا ڀرپور پاور ماڻڻ کان پوءِ اقتدار کان محروم ٿيڻ لڳندا آهن. ظاهر آهي ته اقتدار کان الڳ ٿيڻ جا سبب سياسي هوندا آهن ۽ انهن جي نوعيت خارجي هوندي آهي پر اقتدار کان الڳ ٿيڻ جي ڪيفيت ۾ جيڪا داخلي مايوسي هوندي آهي، ان جو اظهار سياسي ڪتابن ۾ ملڻ مشڪل آهي. بلڪه ان قسم جي فضوليات جي سياست جي ڪتابن ۾ ڪا گنجائش به نه هوندي آهي. اها ڪيفيت پاڻ ۾ فقط شاعري ئي سمائي سگهي ٿي.
جڏهن به ڪو اهل اقتدار ڪمزور ٿيڻ لڳندو آهي، تڏهن هن سان ملڻ وارن ماڻهن جو انگ گهٽجندو ويندو آهي ۽ هو پاڻ کي تمام گهڻو اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. ان اڪيلائيءَ جي ڪيفيت هڪ پراڻي اردو نظم ۾ تمام خوبصورت انداز سان سمائي وئي آهي. معلوم ناهي ته اهو نظم ڪنهن جو آهي پر ان نظم ۾ واقعي اها ڪيفيت موجود آهي، جيڪا اقتدار کان الڳ ٿيندڙ حڪمران محسوس ڪندو آهي. هن جا احساس واقعي اهڙا هوندا آهن، جهڙي طرح شاعر لکيو آهي:
“پهر مجهي تاريڪ ڪرڪي تيرگي بڙهتي گئي
مين ني ديکا دور تڪ
سنسان تهين گليان ميري
اور پهر مين روشني ڪي ڪرچيون مين
عڪس اپنا ديکهه ڪر تجهه سي جدا هوتا گيا”
هر حڪمران جڏهن به اقتدار ۾ ايندو آهي، تڏهن هن جي چوڌاري هڪ مسرت جو پڙ نظر ايندو آهي ۽ هن جي ماٺ ۾به هڪ قسم جي مسڪراهٽ هوندي آهي. هن جي مٺ ۾ هر اها شيءِ هوندي آهي، جيڪا هن جي حڪم جو انتظار ڪندي آهي ۽ هو ڀلي حڪم نه ڪري پر پنهنجي وجود ۾ پاور جي لست محسوس ڪرڻ ۾ جيڪا لئه آهي، اها ان کي عملي طور تي استعمال ڪرڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪرائيندي آهي. عام طور تي اهو ڪافي هوندو آهي ته ڪو اقتدار جي موج ۽ مستيءَ ۾ هوندو آهي ۽ هو ان ڪيفيت ۾ ايئن ٽن هوندو آهي، جيئن ڪو مڌماتو پويون ڍڪ پري مئڪدي مان ٻاهر نڪرندو آهي ته هن کي چنڊ به ڪنهن پيالي جيان محسوس ٿيندو آهي ۽ هو اهو پيالو پيئڻ جي به پاڻ ۾ طاقت محسوس ڪندو آهي.
مڌ جي مستيءَ جو چڙهڻ ۽ مڌ جي مستيءَ جو لهڻ به ائين ئي هوندو آهي، جيئن ڪنهن عام سياستدان جو اقتدار ۾ اچڻ ۽ اقتدار مان وڃڻ! هن وقت عمران خان پنهنجي زندگيءَ جا اهي تجربا ڪري رهيو آهي، جيڪي هن اڳ ۾ محسوس نه ڪيا هئا. جڏهن هو اڃان وزير اعظم نه ٿيو هو پر اقتدار جا پاڇا هن جي مٿان سدائين پوندا رهندا هئا ۽ ان مهل به ڪنهن کي مجال نه ٿيندي هئي ته هو هن سان ملڻ گوارا نه ڪري! جڏهن ته هاڻي ماڻهن جا حقيقي سبب به هن کي نه ملڻ جا بهانا محسوس ٿيندا هوندا ۽ جن ماڻهن وٽان هن کي ٺپ جواب ملندو هوندو ته هن جي دل ۾ ڪيتري نه تڪليف پيدا ٿيندي هوندي!!
عمران خان هن وقت مايوسيءَ جو آئينو آهي ۽ هن جي مايوسي فرسٽريشن جي ان دائري ۾ داخل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ انسان تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪندو آهي. ان مهل ڪيترائي احساس جرم انسان کي وڪوڙي ويندا آهن ۽ هن کي پنهنجين غلطين جو اهڙو احساس ٿيڻ لڳندو آهي، جنهن جو ڪو حل ممڪن نه هوندو آهي. ان ڪيفيت ۾ انسان اهو محسوس ڪندو آهي ته ڄڻ هن ڪجهه به نه ڪيو هجي پر هن کان ئي سڀ ڪجهه ڪرايو ويو هجي. اها ساڳي ڪيفيت، جيڪا البرٽ ڪاموءَ جو اهو ڪردار محسوس ڪري ٿو، جيڪو شدت سان غمگين ٿيندي چوي ٿو “اسان ڪجهه به نه ٿا ڪريون ۽ اسان کان سڀ ڪجهه ڪرايو ٿو وڃي!!”
عمران خان به سڀاڻي اهو ئي چوندو ته هن ڪجهه به نه ڪيو پر هن کان اهو ڪجهه ڪرايو ويو پر تاريخ هن کان پوءِ به پڇا ڪندي ته هن پنهنجو پاڻ کي اهو ڪجهه ٿيڻ ڇو ڏنو؟ عمران خان جي زندگيءَ ۾ خوشقسمتيءَ جي خوبين جا انيڪ مثال رهيا آهن. اهو ممڪن آهي ته عمران خان هن ڀونچال ۾ به بچي وڃي پر جنهن ڪيفيت مان هو هن وقت گذري رهيو آهي، ان ڪيفيت کي صحيح طرح سان سمجهڻ لاءِ روس جي ٻي عظيم اديب دوستو وسڪيءَ جو ناول “ايڊيٽ” پڙهڻ گهرجي.
اهو ناول انسان جي اندر جي اها ڪيفيت بيان ڪري ٿو، جڏهن انسان پاڻ کي تمام گهڻو تنها محسوس ڪري ٿو ۽ هن کي لڳي ٿو ته هو تيزيءَ سان پنهنجي فطري انت ڏانهن وڌي رهيو آهي. پاور جي پڇاڙي به انسان جي جيون جي پڇاڙيءَ جهڙي هوندي آهي. جڏهن ان جي انت جو ڪو سگهارو سبب نه هوندو آهي ته اهو انت تمام گهڻي پيڙا جو سبب بڻجي ويندو آهي ۽ اها پيڙا هن جي اندر کي ائين ڇلڻ لڳندي آهي، جيئن تيز چاڪو ڪمند کي ڇلڻ لڳندو آهي. پڇاڙي ته سدائين پيڙا واري هوندي آهي. اها جيون جي پڇاڙي هجي يا پاور جي پڇاڙي هجي!! ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟
هي ڪجهه ڏينهن عمران خان جي پاور جي پڇاڙيءَ جا آهن يا نه پر هو اقتداري انت واري ڪيفيت مان ضرور گذري رهيو آهي!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button