ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سپريم ڪورٽ جو ساراهه جوڳو فيصلو

Editorial

پي ٽي آءِ حڪومت اچڻ کان پوءِ گهڻي ڀاڱي عمران خان جي ڪابينه پارليامينٽ مان قانون سازي منظور ڪرائڻ بدران آرڊيننس جاري ڪرڻ تي زور ڏيندي رهي آهي. جنهن سان هڪ تاثر ته اهو ٿو ملي ته حڪومت پارليامينٽ کي هڪ اهم ۽ جمهوري ادارو نٿي سمجهي ۽ ٻيو اهو ته اها جمهوري قدرن تي يقين نٿي رکي. پي ٽي آءِ پاڻ اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته اها ملڪ جي سڀ کان وڏي جمهوري پارٽي آهي. تنهنڪري ان کي ملڪ جي جمهوري نظام ۾ رهندي نه رڳو قانون سازي ڪرڻ گهرجي پر ايندڙ حڪومتن لاءِ به مثال قائم ڪرڻ گهرجن. وزير اعظم عمران خان پارلياماني اجلاسن ۾ شرڪت به بنهه گهٽ ڪندو رهيو آهي. ان کان سواءِ جڏهن به پارليامينٽ ۾ ڪي بل پيش ڪيا وڃن ٿا ته اتي قانوني ۽ آئيني گهرجون به پوريون نه ڪيون وينديون آهن. هن وقت تائين پي ٽي آءِ جي هڪ اهڙي حڪومت آهي جنهن وڌ کان وڌ آرڊيننس جاري ڪيا آهن. جڏهن ته آرڊيننس اهڙي ريت جاري نه ڪيا ويندا آهن، جيئن هي حڪومت جاري ڪري رهي آهي. اهي ته هنگامي حالتن ۾ جاري ڪيا ويندا آهن يا ڪنهن مجبوري سبب جاري ڪيا ويندا، جنهن جو به هڪ خاص مدو رکيل هوندو آهي پر پي ٽي آءِ ته ان کي هڪ معمول بڻائي ڇڏيو آهي. ڪالهه ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو جاري ڪيو آهي. اهو نه رڳو ساراهه جوڳو آهي پر هڪ تاريخي فيصلو آهي.
عدالت هنگامي حالت کانسواءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو ته آئيني شرطن کانسواءِ صدر ۽ گورنر آرڊيننس لاڳو نٿا ڪري سگهن. جسٽس فائز عيسيٰ 30 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو. فيصلي موجب آئين جي هر لفظ تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ گهرجي، آرڊيننس جاري ڪرڻ جو طريقو آئين ۾ ڏنل آهي، ايمرجنسي کانسواءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. فيصلي موجب آئيني شرطن کانسواءِ صدر ۽ گورنر آرڊيننس لاڳو نٿا ڪري سگهن. آرڊيننس جو مدو ڪجهه مهينن ۾ ختم ٿي ويندو آهي، آرڊيننس کي ڊگهي مدي وارا حق ۽ ذميواريون ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. جمهوريت ۾ عوام پنهنجي خيالن جو اظهار چونڊيل نمائندن ذريعي ڪندو آهي، قانون سازيءَ جي عمل ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته عوام جي حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي. فيصلي موجب انڪم سپورٽ ليوي ايڪٽ 2013ع سينيٽ مان منظور نه ڪيو ويو آهي، عوامي نمائندن پاران قانون سازي آئيني گُهر آهي، ملڪ ۾ نمائنده جمهوريت ئي عوام جي اتحاد ۽ ڀائيچاري کي جنم ڏئي ٿي. پارليامينٽ ذريعي قانون سازي عوام ۽ وفاق کي مضبوط ڪري ٿي، آئين جي ڀڃڪڙي عوام جي بي عزتي آهي. سپريم ڪورٽ انڪم سپورٽ ليوي 2013 لاءِ ڪمشنر انلينڊ روينيو پاران داخل درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
ملڪ ۾ جمهوري قدرن جي مضبوطي لاءِ ضروري آهي ته جمهوري طريقي سان فيصلا ڪيا وڃن. اهي فيصلا چونڊيل نمائندن جي اڪثريتي راءِ سان ڪيا وڃن. ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪا حڪومت اها دعويٰ ڪري ٿي ته اها ملڪ جي جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اقتدار ۾ آئي آهي ته پوءِ کيس اهو عملي طور ثابت به ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين عملي طور اهي شيون نظر ڪونه اچي ويون آهن. سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو جاري ڪيو آهي، ان ۾ به اهو چيو ويو آهي ته آئيني شرطن کان سواءِ صدر ۽ گورنر آرڊيننس لاڳو نٿا ڪري سگهن. هيستائين آرڊيننس جاري ڪري حڪومت جيڪي به پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سي نه رڳو آئين جي ٽڪراءُ ۾ آهن پر اهي غيرجمهوري پڻ آهن. جيڪڏهن حڪومت کي پنهنجي جمهوري طاقت تي يقين آهي ته ان کي گهرجي ته اها قانون سازي لاءِ ڪوبه بل پارليامينٽ ۾پيش ڪري ۽ ان تي بحث مباحثي کان پوءِ ان کي پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري. تنهنڪري سپريم ڪورٽ جي هاڻُوڪي فيصلي جي آجيان ٿي ڪجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button