عالمي ادب پڙهڻ جو وڏي ۾ وڏو فائدو اهو آهي ته ماڻهوءَ کي پنهنجي خطي سان گڏ باقي دنيا جي حالتن جي به خبر پوندي آهي. ناول جي حوالي سان اهو به چيو وڃي ٿو ته جيڪي ڳالهيون، واقعا ۽ حالتون حڪمرانن ۽ فاتحن جي تاريخ ۾ نه ڏنل هوندا آهن، اهي ڳالهيون ۽ واقعا ناولن ۾ پڙهڻ لا ملندا آهن. ناول لا اهو به چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن قوم جو مزاج، ريتن ۽ رسمن کي سمجهڻو آهي ته ان قوم جو ادب ۽ خاص ڪري ان جي ناول کي پڙهجي. دنيا جي ٻئي ادب جيان فن لينڊ جي ادب جو به پنهنجو ئي هڪ الڳ مزاج رکندڙ آهي، جنهن ۾ برف ۽ برف سان ڍڪيل جابلو چوٽين جو ذڪر ملي ٿو.
ان حوالي سان ڊاڪٽر حميرا اشفاق فن لينڊ جي چونڊ ڪهاڻين جي اردو ۾ ڪيل ترجمي جي تعارف ۾ لکي ٿي ته فن لينڊ دنيا جي نقشي تي پنهنجي جاگرافيائي حيثيت کان وڌيڪ پنهنجي تهذيب ۽ ادبي حوالن سان نمايان سڃاڻپ رکي ٿو. هڪ اهڙو سماج جيڪو پنهنجي ماضي جي سٺين روايتن سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ پنهنجون صلاحيتون وڌائيندو هجي، اتي اهڙي قسم جو اعلى ادب پڙهڻ لا ملندو آهي، جيڪو فِنش ٻولي ۾ لکجي رهيو آهي، هتان جي ادب ۾ روايتي حوالا پنهنجي فني خوبين سان پڙهڻ لا ملن ٿا.
اهڙي ريت وري ارشد فاروق جنهن فن لينڊ جي چونڊ ڪهاڻين کي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي لکي ٿو ته فِنش افسانوي ادب ۾ تاريخ، ٻارن لا لکيل ڪهاڻيون، راند، سير ۽ تفريح، جديد مشني دور جا اثر، هڪ فلاحي رياست ۾ وڏي عمر جي ماڻهن جي صحت جي حوالي سان سار سنڀال وغيره جهڙا موضوع پڙهڻ لا ملن ٿا. اهڙي نموني جيڪڏهن فن لينڊ جي ناول نگار اسڪو شيلبرگ جي ناول “دي برادرز” جي ڳالهه ڪجي ته ان ۾ به فن لينڊ جي ماڻهن جي ڳوٺاڻي زندگي ۽ اباڻي ملڪيت تي ٻن ڀائرن جي جهيڙي جي ڪهاڻي پڙهڻ لا ملي ٿي.
ليکڪ جو تعارف:
فن لينڊ جي مشهور ناول نگار اسڪو شيلبرگ جو جنم 30 سيپٽمبر 1964ع ۾ ٿيو، هن جو ڳاڻيٽو فِنش ٻولي جي ڪجهه اهڙن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جنهن کي فن لينڊ سميت باقي دنيا ۾ به مشهوري ملي آهي. هن سال 2000ع ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ هن وقت تائين سندس ڇهه ناول Iranian kuolemat, Pilatus, Herodes, The Brothers, Amandan maalmat ۽ Ludvig ڇپجي چڪا آهن. انهن مان ڪجهه ناولن کي فِنش افسانوي ادب جا ڪجهه اهم انعام پڻ ملي چڪا آهن ۽ نامزاد ٿي چڪا آهن، جن ۾ فن لينڊيه پرائيز، ساونيه پرائيز ۽ تلڪنتجا پرائيز شامل آهن. جڏهن ته سال 2010ع ۾ ڇپيل سندس ناول جو ترجمو انگريزي ٻولي ۾ ٿي چڪو آهي.
دي برادرز (2010ع) جي ڪهاڻي:
هي 120 صفحن جو ننڍڙو ناول جيڪو سال 2010ع ۾ پائرني پريس وارن ڇپرايو آهي، ان جو انگريزي ترجمو ايملي جريمايه ۽ فلئر جريمايه ڪيو آهي. هي ناول 1809ع ۾ سوئيڊن جي بادشاهت ۽ روسي شهنشاهت کانپو فن لينڊ جو روسي سلطنت جو حصي ٿي وڃڻ کانپو واري فِنش سماج جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هي ٻن ڀائرن هينرڪ ۽ ائرڪ جي ڪهاڻي آهي، انهن ٻنهي ڀائرن 1809ع واري ان ويڙهه ۾ حصو ورتو، هڪ ڀاءُ روسي سلطنت جي فوج ۾ ڀرتي ٿي وڙهيو ته ٻيو ڀاءُ وري پنهنجي وطن جي حفاظت ڪرڻ لا وڙهيو. جنگ جي ميدان ۾ ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون به آيا پر هڪ ٻئي تي گولي نه هلائي سگهيا. هن ناول جي ڪهاڻيءَ جو پسمنظر فن لينڊ جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ واسا آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڀائرن جي اباڻي ملڪيت آهي، جيئن ته وڏو ڀاءُ هينرڪ ڪيئي سال اڳ گهران ڪاوڙجي نڪتو ۽ سينٽ پيٽرس برگ ۾ وڃي رهيو، ان ڪري هن جي ننڍي ڀا ائرڪ اباڻي ملڪيت سنڀالي ورتي، پر جنگ ۾ روسي فوج جو سپاهي ٿي هينرڪ موٽيو ته فن لينڊ جي فتح کانپو کيس پنهنجي ملڪيت جو خيال آيو ۽ هو پنهنجي گهروارن کان پنهنجو حصو گهرڻ لڳو، جنهن تي گهر ۾ جهيڙو ٿي پيو. ڪهاڻي انهن ٻن ڀائرن جي گهروارن ۽ نوڪرن جي چوڦير ڦرندي رهي ٿي، جنهن ۾ رکي رکي جنگ جي تباهي جو احوال پڻ ملي ٿو. مثال طور هڪ باب جنهن جو عنوان مائوري آهي ان ۾ ڪردار جنگ جي حوالي سان ڳالهائيندي چوي ٿو ته اوهان ايتري تائين جنگ کي سمجهي نٿا سگهو جيتري تائين اوهان ان کي ڏسي نٿا وٺو ۽ جڏهن ڏسي وٺو ٿا ته سمجهو ٿا ته هاڻي دنيا ۾ وڌيڪ ڏسڻ لا ڪجهه بچيو ئي نه آهي. چچريل جسم ۽ گهوڙا، اهي ئي اوهان جي دنيا ٿيو پون. دنيا ۾ سڀ کان عجيب ڳالهه اها آهي ته اوهين ڪيئن جنگ جا عادي ٿي وڃو ٿا، ڪيترو جلد اوهان جو ذهن ٻين جهڙو ٿي وڃي ٿو.
هن ناول جي ٻي خوبصورت ڳالهه هينرڪ ۽ ائرڪ جي ماءُ جو راز آهي، جيڪو ليکڪ ڏاڍي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آهي. جڏهن هينرڪ گهر جي پوڙهي نوڪر کي مارڻ اچي ٿو ته سندس ما کيس ائين ڪرڻ کان روڪي ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي ته اهو ئي هنن ٻنهي ڀائرن جو پيءُ آهي ۽ ان کانپو هو ان حوالي سان قصو ٻڌائي ٿي ته جيئن سندس مڙس کيس شادي کانپو گهر وٺي آيو ته کيس خبر پئي هو پيءُ نٿو ٿي سگهي، ان جو ذميوار هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڪيل گناهن کي سمجهي ٿو ۽ کيس اهو به احساس ٿئي ٿو ته هن زندگي هن به ڪي اهڙا گناهه ڪيا آهن، جن جي سزا طور ڌڻي هن کان پيءُ ٿيڻ واري صلاحيت کسي ورتي آهي. هو پاڻ ئي زال کي آڇ ڪري ٿو ته هو خانداني نوڪر سان سمهي جيئن کيس اولاد ٿي. شروع شروع ۾ اهي ٻئي فيصلو ڪن ٿا ته هو آچر ڏينهن نوڪر سان سمهندي پر ڪجهه وقت نوڪر سان سمهڻ کانپو زال مڙس کي اهو احساس ٿئي ٿو ته مذهبي حوالي سان آچر ڀلارو ڏينهن آهي ۽ ڪٿي خداوند ان حوالي سان به هنن کي سزا نه ڏئي. ان کانپو ڏينهن مٽايو وڃي ٿو، ڪجهه وقت کانپو هينرڪ وارن جي ماءُ هفتي ٻه ڀيرا ۽ پو چار پنج ڀيرا سمهڻ شروع ڪري ٿي. نيٺ کيس ٻه پٽ هينرڪ ۽ ائرڪ ڄمن ٿا. جنهن کانپو هو نوڪر سان سمهڻ ڇڏي ڏئي ٿي ۽ پاڻ اهو واعدو ڪري ٿي ته جيتري تائين هن جو مڙس جيئرو آهي، هو ٻئي ڪنهن مرد سان نه سمهندي. ان باب ۾ جنسي لذت ۽ ان کان پو پيدا ٿيندا ندامت واري احساس کي خوبصورتيءَ سان ڇٽيو ويو آهي.
ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو انداز:
هن ناول ۾ ملٽيپل نريٽرز اسٽائيل کان ڪم ورتو ويو آهي، جنهن ۾ هر ڪردار ڪهاڻي بيان ڪندڙ به آهي. ناول کي ننڍڙن ننڍڙن بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر باب جو عنوان ڪنهن ڪردار جو نالو آهي ۽ اهو ڪردار وري ضمير متڪلم ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٿو.
ملٽيپل نريٽر جي حوالي سان صوفيا وارڊ پنهنجي مقالي “ملٽيپل نريٽرز، ملٽيپل ٽرٿس” ۾ ڄاڻائي ٿي ته هن قسم جو تجربو 19هين صدي جي ناولن ۾ عام جام ملي ٿو. هن قسم جي انداز کي مختلف ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو جهڙوڪر: ان ۾ گهڻ رخيون ڪهاڻيون بيان ڪيل هونديون جيڪي هڪ ٻئي سان جڙيل هونديون آهن، ساڳي واقعي جا هڪ کان وڌيڪ پسمنظر ڏيکاري سگهبا آهن ۽ هر ڪردار پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندو اڳيان وڌندو آهي.
هو وڌيڪ ڄاڻائي ٿي ته ملٽيپل نريٽرز جي مدد سان ليکڪ شين جي وسعت تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ملٽيپل نريٽرز وارو تجربو عالمي ادب ۾ ته عام جام ڏسڻ ۾ ملي ٿو، ان کانسوا سنڌي ۾ مون به پنهنجا ٻه ناول يوٿوپيا ۽ ريگل چوڪ ملٽيپل نريٽرز واري ٽيڪنيڪ تي لکيا آهن.
شيلبرگ جي هن ناول دي برادرز کي شاهڪار ناول ته نٿو چئي سگهجي، پر ان هوندي به هي ناول پڙهڻ وٽان آهي. جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جي ڪينواس کي ننڍو رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.