اسلام آباد جي پارليامينٽ لاجز ۾ جيڪي منظر سامهون آيا، اهي ڪجهه ڪلاڪن جي ردعمل کانپوءِ Back to pavilion ٿي چڪا آهن. حڪمرانن کي پنهنجي وزن جي خبر پئجي وئي ته جمهوريت جو تختو ڌڙام ڪرڻ ڪا اڪ جي ماکي ناهي، جيتري سمجهي وئي. ان دوران اهي قوتون لڪ ڇپ ۾ سرگرم نظر آيون، جيڪي ملڪي نظام کي ڊي ريل ڪرڻ نٿيون گهرن. انهن قوتن جي ڊپ ۽ عوامي ردعمل کانپوءِ حڪمرانن لاءِ خاموشي سان پوئين پيرن ڀڄڻ کانسواءِ ڪوبه گس نه رهيو. پاڪستان جا حڪمران توڙي جو پاڻ کي ڪنهن به بلاڪ يا ڌر جو حصو نٿا سمجهن پر ان هوندي به هي ملڪ دنيا جي گولي کان الڳ ناهي. عالمي برادري ۾ جنهن به ملڪ ۾ ڪا تبديلي ايندي ان کان پاڪستان به متاثر ٿيندو. هينئر تائين عمران خان جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ جيتريون سرگرميون تيز آهن، انهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته حڪومت جي سموري طاقت جي باوجود ان جون ڄنگهون ڦڙڪي رهيون آهن. حڪمران جيترا آپي کان نڪتل هاڻ نظر اچن ٿا، اوترا ورلي نظر آيا هوندا. اهي ادارا جن جي ڪلهن تي چڙهي سمورا حڪمران ايندا آهن، انهن جي دل به جلد ڀرجي ويندي آهي. ڪجهه عرصي کان حڪومت جي مدي پوري ڪرڻ جي روايت سامهون آئي، ان حوالي سان ميثاق جمهوريت به اهم دستاويز آهي، جنهن جي روشني ۾ اهي قوتون جيڪي وري وري مداخلت ڪنديون رهيون آهن، انهن کي روڪڻ جو فارمولو به موجود آهي، ان سان گڏ اهي ادارا جيڪي عوام جي چونڊيل نمائندن کي جنبش قلم سان گهر ڀيڙا ۽ نااهل قرار ڏيندا رهيا آهن، انهن کي به حدن ۾ رکي سگهجي ٿو. دنيا جو اهڙو ڪهڙو ملڪ آهي، جتي ادارن تي ڪو چيڪ اينڊ بيلنس نه هجي ۽ اهم مقررين کي جمهوري ادارن مان نه گذاريو ويو هجي. ادارن جي خودمختيار ٿيڻ جو اهو مطلب نه هجڻ گهرجي ته ڀولي جي هٿ ۾ پسٽل ڏئي ڇڏجي ۽ اهو جنهن تي چاهي فائر ڪري!
دنيا جا اھي ملڪ، جتي 1960 ۽ 1970 جي ڏھاڪن دوران جيڪي جمھوريت تي راتاھا ھنيا ويندا ھئا، انهن ملڪن جهڙا منظر ھاڻ پاڪستان ۾ نظر اچڻ لڳا آھن! ھي ملڪ جيڪو نھ ئي بنانا ريپبلڪ آھي، نڪي وري جمھوريت کان اڻ واقف آھي، اھڙي ملڪ کي شايد ماضي ڏانھن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. تاريخ جي ڦيٿي کي پوئتي ڪيئن ڦيرائي سگھجي ٿو؟ ھي ئي سوچڻ جھڙي ڳالهه آھي. گذريل ٻن ھفتن کان عمران خان جي حڪومت کي مخالف ڌر جي پارٽين مان خطرو پيدا ٿيو آھي، انهن حڪومت کي ھٽائڻ يا حڪومت جي تبديلي لاءِ پارليامينٽ جو گس اختيار ڪيو آھي، بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿيڻ کانپوءِ حڪومتي ڌر جيڪو ردعمل ظاھر ڪرڻ شروع ڪيو آھي ۽ ايستائين جو ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو، جنھن قسم جي باهھ لڳائڻ واري ٻولي ڳالھائڻ شروع ڪئي ۽ جوابي ڪارروائي بھ ساڳي انداز سان شروع ٿي آھي، ان سان حڪومت توڙي مخالف ڌر کي ڪو به فائدو پھچڻو ناھي، پر ملڪ سڙي رک ٿي سگھي ٿو. رياست جي پنھنجي طاقت ٿيندي آھي، ان جو صحيح يا غلط استعمال بھ ٿي سگھي ٿو ۽ ان حوالي سان ڪجھه دل ڏاريندڙ منظر بھ سامھون آيا آھن، پر عوام جي طاقت اڳيان ڪابھ طاقت بيھي نھ سگھندي آھي. اسٽريٽ پاور جو استعمال جيترو فيصلائتو ٿيندو آھي، اوترو ئي خطرن سان ڀرپور بھ هوندو آھي. ھينئر حڪومتي ڌر اسلام آباد جي پارليامينٽ لاجز ۾ جيڪا ڪارروائي ڪئي، ان جي نتيجي ۾ سمورو ملڪ جام ٿي ويو. ھي صورتحال ڪابھ حڪومت سنڀالڻ جي پوزيشن ۾ اچي نٿي سگھي.
جنھن ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو کان وٺي وزيرن تائين باھه لڳائڻ کي دعوت ڏئي رھيا ھجن ۽ ھو اھا ڳالهه سمجھڻ کان قاصر ھجن تھ ھو جيڪو ڪجھه چوڻ ۽ ڪرڻ گھرن ٿا، ان سان ملڪ جي حالت ڪيتري خراب ٿيندي ۽ ان جا ڪھڙا نتيجا نڪرندا تھ پوءِ اھڙي ملڪ جو اللھ ئي حافظ آھي. حڪومت کي ڪنھن بھ سياسي ڌر جي ڪارڪنن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو خيال ان وقت آيو ھجي، جنھن وقت، اھا وزير اعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪري، حڪومت کي چلتو ڪرڻ جي تياري ڪري، پوءِ اھڙي عمل کي ڪوبھ صاف ۽ شفاف قرار ڏئي نٿو سگھجي. ھي پھريون ڀيرو ٿيو آھي تھ پارليامينٽ جي ميمبرن کي چيو ويندو ھجي تھ اھي اجلاس ۾ شريڪ ٿي نٿا سگھن. جيڪڏھن ڪنھن بھ ڌر کي پارليامينٽ جي اڪثريت جي حمايت حاصل آھي يا نھ، ان جو موقعو ڏيڻ گھرجي، پر جيڪڏھن جمھوري ۽ پرامن انداز سان معاملن کي سلجھائڻ بدران وڌيڪ الجھايو وڃي تھ ان جي نتيجن کي ڪوبھ منھن ڏئي نھ سگھندو.
ھن ملڪ ۾ چون ٿا ته آئين ۽ قانون جي حڪمراني آھي ۽ سمورن ادارن کي آئين جي ڪتاب مطابق ڪم ڪرڻو آھي، انھن جا فرض واضح ٿيل آھن ۽ ڪنھن کي ڪھڙو ڪم ڪرڻو آھي، اھو سڀ ڪجھه واضح پيو آھي تھ پوءِ فساد ڦھلائڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي. جيڪڏھن مخالف ڌر چئي ٿي يا دعوا ڪري ٿي تھ وزير اعظم پنھنجي اڪثريت وڃائي ويٺو آھي تھ پوءِ انھن کي ثابت ڪرڻ ڏنو وڃي. جيڪڏھن ميمبرن جون وفاداريون، ڪا ڌر تبديل ڪرائي سگھي ٿي تھ اھا حڪومت ھوندي آھي، پر ھي پھرين حڪومت آھي، جيڪا مخالف ڌر تي الزام مڙھي ٿي تھ اھا حڪومتي اتحادين ۽ ان جي ميمبرن جون وفاداريون خريد ڪري رھي آھي. جنھن نوعيت جو ماحول آھي ۽ حڪومت جي صفن مان نڪتل گروپ ۽ انھن سان لاڳاپيل ميمبر پنھنجي پارٽي جي خلاف ٿي بيٺا آھن، انھن جا ڪھڙا مفاد آھن، اھو بھ واضح پيو آھي، ۽ اھي اتحادي جيڪي ساڍن ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي دوران حڪومت ۾ موجون ڪري رھيا آھن، اھي ناراض آھن، ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ ڪٿي نھ ڪٿي ڳڙٻڙ ضرور آھي. ھي سڀني کي خبر آھي تھ صورتحال ڪھڙي طرف وڃي پئي، ان جي باوجود ملڪ کي ڇڙواڳي جي ور چاڙھڻ لاءِ ٻارڻ سوريو ويندو تھ معاملو انتھائي خطرناڪ ٿي سگھي ٿو.
جيڪڏھن وزير اعظم چئي تھ الف يا ب، ان جي بندوق جي نشاني تي آھي تھ ھي ڪيتري خطرناڪ ڳالهھ ٿي سگھي ٿي. ھينئر جوابي ڪارروائي ڪندي بلاول ڀٽو، جيڪو لٺ جو جواب باٺي سان ڏنو آھي، ان مان ثابت ٿئي ٿو تھ ھي اھا سياست ناھي، جيڪا، برداشت سيکاريندي ھئي. جمھوريت جي آبياري ڪندڙن ھميشھ ھي سبق ڏنو تھ جمھوريت پاڻ بدلو آھي، جيڪو آمرن کان ورتو ويندو آھي. ھن ملڪ ۾ انھن قوتن کان انتھائي سلڇڻي ۽ خوبصورت انداز سان جمھوريت پنھنجو بدلو ورتو، ھاڻ ايڪشن جو ري ايڪشن سامھون اچي رھيو آھي. ھي بھ حقيقت آھي تھ جنھن گھر جا اڪثريتي ڀاتي ماريا ويا ھجن، انھن شھادت جو جام پيتو ھجي، انھن ۾ برداشت جو مادو ختم ٿي وڃي تھ اھا فطري ڳالهھ ٿي سگھي ٿي. جنھن جاءِ تي باھه ٻرندي آھي، اھا ئي سڙندي آھي!
ھينئر ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ انتھائي تاءَ واري صورتحال سامھون اچي وئي آھي، سمورا ننڍا وڏا رستا بلاڪ آھن ۽ اسلام آباد ۾ جيڪو ايڪشن ورتو ويو، ان جو ردعمل سامھون اچي ويو آھي. ھي اھڙا مظھر آھن، جن کي حڪومت کي سمجھڻ گھرجي. جيڪڏھن حڪومت آڳ لڳائيندي تھ اھو انتھائي خطرناڪ ٿيندو، ان سان اھي قوتون، جيڪي ڊگھي عرصي کان جمھوريت کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اھي آپي کان ٻاھر ٿي سگھن ٿيون. ھي شايد ٻيو ڀيرو آھي تھ طاقتور ڌرين پنھنجو ردعمل ڏيندي، سياست کان پري رھڻ ۽ پنھنجي پيشھ وري فرض نڀائڻ جي ڳالهھ ڪئي آھي، اھو سٺو سنئون آھي ۽ ان جي جيتري واکاڻ ڪجي گھٽ آھي. پر جيڪڏھن زمين تي باھه جا الا نظر ايندا تھ پوءِ ان جو ڪوبھ ردعمل سامھون اچي سگھي ٿو. ھينئر ملڪ کي آئين مطابق ھلڻ گھرجي ۽ ان سان گڏ اعليٰ عدالت کي بھ Proactive ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، اھي بھ جمھوريت جون ضامن ٿينديون آھن. جمھوري عمل کي جمھوري انداز سان حل ڪرڻ گھرجي.
ھي خبرون بھ اچن پيون تھ ڪجھه طاقتور حلقا ڇانگا مانگا جي سياست ڪرڻ گھرن ٿا، اھي چاھين ٿا تھ اسيمبلي ميمبر غلامن جيان هوندا آهن، انھن کي اشارن تي رقص ڪرڻ گهرجي، انھن کي جيڪي آئيني ۽ بنيادي حق حاصل آھن، انھن تان ھٿ کڻي ڇڏين. ھڪ ڀيرو ٻيھر اھي قوتون ھارس ٽريڊنگ ڪرڻ گھرن ٿيون. انھن جو اھو عمل انھن قوتن کي شھه ڏيندو، جيڪي پھريان ئي جمھوريت يا سول حڪمراني تي چٿرون ڪري رھيون آھن. حڪمرانن جو اچڻ وڃڻ معمول جي ڳالهھ آھي، صرف جمھوري عمل کي ئي جاري رھڻ گھرجي. ھي ڳالهھ بھ سمجھڻ جھڙي آھي تھ حڪومت اھا ئي جٽادار ھوندي آھي، جنھن کي عام ماڻھو چاھي، پر جيڪڏھن بندوق جي زور تي اقتدار تي قبضو ڪيو ويو تھ ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ اھڙي حڪومت اڪيلائپ جو شڪار ٿيندي، دنيا جي گولي تي اھڙن حڪمرانن کي ڊينوسار قرار ڏنو ويندو آھي. پھريان ئي پاڪستان جھڙن حڪمرانن کي ھائبرڊ سويلين نظام جو طعنو ڏنو پيو وڃي ۽ ھاڻ تھ حڪمران ثابت ڪن پيا تھ سمنڊ پار جيڪو ڪجھه انھن لاءِ چيو ويو اھو گھڻو غلط نھ ھو…!