ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بي اعتمادي رٿ: اميد ۽ امڪان

Editorial-Article-Yameen Jatoi

بي اعتمادي واري رٿ جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو بحث پهرين ڏينهن کان موجود آهي. هڪڙا پراميد آهن ته ٻين جون وري ٻئي ڪيفيتون آهن، يعني پراميد به آهن ته انهن امڪانن جو به اظهار ڪن ٿا ته رٿ ناڪام به ٿي سگهي ٿي. جڏهن ٻيا بنهه ان را جا آهن ته ”ناڪام“ ٿيندي. هاڻي ٺوس صورتحال ان بابت ڇا ٿي چئي؟ ان جو هڪڙو اظهار پاڻ ان رٿ جي مک هدف نيازي صاحب جي هر گذرندڙ ڏينهن سان سندس وڌندڙ پريشاني مان به ٿئي ٿو. لوئر دير واري تقرير ته ان جو ٺوس اظهار هئي.
بهرحال، ٻه لفظ ان تقرير بابت پڻ عرض ڪبا. لوئر دير ۾ عمران نيازي جنهن انداز ۾ تقرير ڪئي، مخالفن خلاف جيڪي گٿا لفظ ڳالهايا ايئن هن نه ته پهريون ڀيرو ڪيو آهي ۽ نڪي آخري ڀيرو! سندس ماضي واريون تقريرون کڻي ڏسجن ته سندس انداز بنهه نه بدليو آهي. فرق صرف ايترو آهي ته اها ساڳي تقرير، اهو ساڳو انداز پهرين اقتدار ۾ اچڻ لا هو ۽ هاڻي اقتدار مان تڙي ڪڍڻ تي آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته سندس ان تقرير ۾ اهڙو ڪجهه به نئون نظر نه آيو! اها ئي ساڳي چريائپ ۽ پاڳل پڻو نظر آيو. خوامخواهه همراهه کي پڇ ٻڌي مهري ڪيو ويو هو. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هو کيس اقتدار ۾ آڻيندڙن سان کين جانور چئي مخاطب نه ٿئي ها. هي سياسي طور ايترو ته اڻڄاڻ ۽ ڪورو آهي جو کيس ٽائمنگ جي به خبر ڪانهي ته ڪهڙي وقت ڪهڙو بيان ڏيڻو آهي يا پوزيشن وٺڻي آهي. همراهه جارحاڻي موڊ سان گڏ آيو ته پاڻ کي ”پراعتماد“ ثابت ڪرڻ لاءِ هو پر اٽلندو اها تقرير سندس ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي.
سندس تقرير کان پوءِ اپوزيشن سخت ردعمل ڏيکاريو آهي. هن وزيراعظم کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته ”عمران خان پنهنجي زبان کي لغام ڏي ٻي صورت ۾ اسان کي لغام ڏيڻ اچي ٿو. بداخلاقي ڪندڙ ۽ گاريون ڏيندڙ شخص وزيراعظم نه هجڻ گهرجي. عدم اعتماد جي رٿ ناڪام ٿي ته معاملا روڊن تي کڻي اينداسين.“
شهباز شريف وزيراعظم کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته ”پنهنجي زبان کي لغام ڏي، ٻي صورت ۾ اسان کي لغام ڏيڻ اچي ٿو. پهريان عليما خان جي اثاثن جو جواب ڏيو، اوهان بني گالا جو گهر ڊڪليئر ناهي ڪيو، ان جو جواب ڏيو. حرام حرام جون ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي بني گالا واري گهر جو حساب ڏئي. جيڪڏهن عمران خان ڊي چوڪ اچڻ چاهي ٿو ته اسان به سياسي طور تي مقابلي لاءِ تيار آهيون. جمهوريت جي لاءِ سموري اپوزيشن قربانيون ڏنيون آهن. عمران نيازي ڌانڌلي جي پيداوار آهي، اسان تي الزام هڻندڙ پاڻ اسٽيبلشمينٽ جو آندل آهي. اسان منهن کوليو ته کيس لڪڻ لا جا نه ملندي.“
مولانا فضل الرحمان چيو ته ”اوهان جي زبان ٻڌائي رهي آهي ته اوهان وزيراعظم جي عهدي تي ويهڻ جي لائق نه آهيو. اسان کي اميد آهي ته عدم اعتماد ڪامياب ٿيندي پر امڪان آهي ته نه به ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري عمران خان! اهو نه سوچجانءِ ته تنهنجي حڪومت کي هلڻ ڏينداسين. معاملا روڊن تي کڻي اينداسين، ملڪ انارڪي ڏانهن ويندو ۽ پوءِ تون ئي چوندين ته ايئن نه ڪيو. توهان عمران خان جون تقريرون ٻڌو، لڳي ٿو ته هو پيدائشي طور تي شرافت کان محروم آهي. خبر ناهي ڪهڙي معاشري ۾ وڏو ٿيو آهي، اسان جي ڳچي ۾ پئجي ويو آهي. عوام جي نجات جا ڏينهن ويجها اچي چڪا آهن. عمران خان اسان توکي جام ڪرڻ چاهيون ٿا، تنهنجي فطرت ۾ شرافت ناهي. گاريون ڏئين ٿو، نالا بگاڙين ٿو، تنهنجو ان منصب تي ويهڻ ان منصب جي توهين آهي، اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي ته جنهن خلاف عدم اعتماد پيش ٿي چڪي آهي، اهو ڪهڙي ريت ائين عوام ۾ تقريرون ڪري رهيو آهي.“
بلاول ڀٽي زرداري چيو آهي ته ”عمران خان جون گاريون ثبوت آهي ته کيس پنهنجي شڪست جي خبر پئجي وئي آهي. ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن کٽيندڙ ڪپتان کي پنهنجي مخالفن کي گارگند ڪندي ٻڌو آهي؟ مخالفن کي گار گند کٽيندڙ ڪپتان نه پر ائين ته شڪست کاڌل عنصر ڪندا آهن.“
پهرين اليڪشن ڪميشن چونڊ ضابطي اخلاق تي ڪيل نظرثاني تحت وزيراعظم کي لوئر دير ۾ جلسو ڪرڻ کان روڪيو پر جيئن ته هو ملڪ جي ڪنهن به قانون کان پاڻ کي مٿانهون ٿو سمجهي، سو، هن اليڪشن ڪميشن جي اهڙي پابنديءَ کي ٿڏي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي اليڪشن ڪميشن کيس نوٽيس اماڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
جڏهن ته وزيراعظم جي نااهلي لاءِ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست به داخل ڪئي وئي آهي. آئيني درخواست سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر امان الله ڪنراڻي داخل ڪرائي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ”پاڪستاني شهري طور وزيراعظم خلاف آئيني درخواست جمع ڪرائي آهي. عمران خان پنهنجي عهدي، آئين ۽ اخلاقن جي ڀڇڪڙي ڪئي آهي، آرٽيڪل 9 ۾ قانون کي ڏسندي هر شهري جو تحفظ لازمي آهي. وزيراعظم صاف لفظن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، وزيراعظم تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي.“
جڏهن ته فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت جي سمورن اتحادي اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ اچڻ کان اڳ وزيراعطم تي اعتماد جو باقاعدي اعلان ڪندا. جنهن سان هي سمورو ماحول ختم ٿي ويندو. پنجاب ۾ هڪ انار سئو بيمار وارو حال آهي. سڀني کي مطمئن ڪنداسين ۽ فيصلا اتفاق راءِ سان ٿيندا. عليم خان يا جهانگير ترين کي پي ٽي آئي جو حصو سمجهون ٿا ۽ اهي ئي فيصلا ڪندا جيڪو پي ٽي آئي ڪندي.“
فواد چوڌريءَ جي ان دعويٰ جي ابتڙ سندس اتحادي ته ان کان ناراض ئي لڳن ٿا. ايم ڪيو ايم ته نيازي سرڪار تي بي اعتمادي ظاهر ڪري چڪي آهي. وسيم اختر چئي چڪو آهي ته ”ساڍن ٽن سالن کان پو هاڻي حڪومت تي ڀروسو ڪونهي.“ جيستائين نيازي سرڪار جي ٻي اتحادي پارٽي (ق) ليگ جو تعلق آهي ته اها به ان مان گهڻو خوش نظر نه پئي اچي. هاڻي ٻنهي ڌرين ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا آهن. ڪلهه شيخ رشيد طنز ڪندي چيو ته ”5 ووٽ رکندڙ به وزيراعليٰ لا بليڪ ميل ڪري رهيا آهن.“ جنهن تي مونس الاهي ردعمل ڏنو ته ”شيخ رشيد وساري پيو ته هو ان ئي پارٽي جي اڳواڻن جي وڏن کان شاگردي واري زماني ۾ ڏوڪڙ وٺندو هو.“ اها صورتحال حڪومت ۽ اتحادين ۾ ناچاڪائي جي ثابتي ڏيئي ٿي. (ق) ليگ جي اڳواڻ چوڌري شجاعت جو چوڻ آهي ته ”ڪنهن ٻڏتر جو شڪار ناهيون، ڪلهه (اڄ) آخري فيصلي جو امڪان آهي.“
هوڏانهن تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين، (ق) ليگ، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جي ڊي اي وزيراعظم خلاف گڏيل اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ واري ڏينهن اسيمبلي هال ۾ ميمبرن کي نه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت جي اهم وزيرن تي واضح ڪيو ته بي اعتمادي رٿ آئيني ۽ جمهوري عمل آهي، ان کي آئيني ۽ جمهوري طريقي سان ئي منهن ڏيڻ گهرجي. اتحادي پارٽين جا ميمبر وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد تي ووٽنگ واري ڏينهن اسيمبلي هال ۾ ضرور ويندا. تحريڪ انصاف جي ٽنهي اهم اتحادي پارٽين سان اسد عمر، پرويز خٽڪ، فواد چوڌري سان ٿيندڙ ملاقاتن ۾ جڏهن اها تجويز ڏني وئي ته جيئن تحريڪ انصاف اهو فيصلو ڪيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ جي ڏينهن تحريڪ انصاف جا اسيمبلي ميمبر ايوان ۾ نه ايندا ۽ جيڪو به پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙِي ڪندو، ان جي خلاف اسپيڪر کي درخواست ڏني وڃي ۽ اسپيڪر انهن ميمبرن جون نشستون خالي قرار ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ريفرنس اماڻيندو. (ق) ليگ جي وفاقي وزير طارق بشير چيما ايم ڪيوا يم جي سربراهه خالد مقبول صديقي ۽ آئي ٽِي وزير سيد امين الحق جڏهن ته جي ڊي اي جي اڳواڻ غوث بخش مهر ان تجويز کي اهو چئي رد ڪري ڇڏيو ته اسان تحريڪ انصاف جا اتحادي ضرور آهيون ۽ هر ڏکئي مرحلي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي، جيتري قدر عدم اعتماد جو معاملو آهي هي اپوزيشن جو هڪ آئيني ۽ جمهوري حق آهي. ان جو مقابلو به آئيني ۽ جمهوري طريقي سان ڪرڻ گهرجي. اتحادي پارٽين وفاقي وزيرن کي چيو ته اوهان اسان جي ڳڻتي نه ڪريو، تحريڪ انصاف جا جن ميمبرن جا اپوزيشن سان رابطا آهن. انهن لاءِ سوچيو، اسان پنهنجن ميمبرن کي ووٽنگ واري ڏينهن ايوان ۾ آڻينداسين.“
سو، اهڙين اڳڀراين سان ته صورتحال نيازي سرڪار جي بنهه حق ۾ نظر نه پئي اچي. پر جيئن ته اڇي ڪاري جي مالڪ وڏي سرڪار کي ئي آخري فيصلو ڪرڻو آهي، تنهنڪري، ”ڪجهه به ٿيڻ“ جا امڪان هر وقت رهن ٿا. شايد ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي مولانا به چيو آهي ته ”اسان کي اميد آهي ته عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿيندي پر امڪان آهي ته نه به ٿي سگهي ٿي.“

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button