تاريخ ۾ قومن جي آزاديءَ جون مختلف تحريڪون اُڀريون آهن، جن ۾ مظلوم قومن ڊگهي جدوجهد ڪري ۽ وڏيون قربانيون ڏيئي پنهنجي ڌرتيءَ کي غلاميءَ مان آزاد ڪرايو آھي ۽ دنيا جي اديبن، شاعرن ۽ ناول نگار قومن جي سورهيائي، قرباني ۽ جدوجهد تي شاعري، ڪهاڻيون مضمونن ۽ شاهڪار ناول تخليق ڪيا آهن ۽ انهن لکڻين ماڻهن کي متاثر ڪرڻ سان گڏوگڏ قومن جي آزادي جي تحريڪ کي تيز پڻ ڪيو آهي. اهو سبب آهي ته ماضي ۾ سنڌ ۾ پڻ ويٽنامي، روسي، چيني ۽ فرانسيسي تحريڪن تي لکيل ادب وڌ ۾ وڌ ترجمو ڪيو ۽ پڙهيو ويندو هو ۽ انهن ڪتابن سنڌ ۾ انقلابي رومانس پيدا ڪري ڇڏيو هو.
سنڌ جي اڄوڪي حالتن ۾ پڻ اهڙين ڪهاڻين ۽ ناولن جي ضرورت آهي، جيڪي سنڌ جي ماڻهن کي متحرڪ ڪن. ان حوالي سان هن وقت به سنڌيءَ ۾ عالمي ادب جا ڪي سٺا ناول ۽ ڪهاڻيون ۽ ٻين سنجيده موضوعن تي ڪتاب ترجما ٿي چپجي پڻ رهيا آهن. ان ئي سلسلي ۾ اختر حفيظ جو ترجمو ڪيل ناول “روءَ نه پڄڙا” آهي جيڪو ڪينا جي ڌرتي ڌڻين جي ڏکن، تڪليفن ۽ ڳورن کان پنهنجون زمينون ۽ ڌرتي وٺڻ لاءِ هلندڙ مائو مائو تحريڪ جي ڪهاڻي آهي. جنهن جو ليکڪ گُگي واٿنگيو آهي.
ناول جي شروعات هڪ ٻار جي ڪردار کان ٿئي ٿي، جيڪو اسڪول وڃڻ چاهي ٿو ڇوته ڪارن وٽ تعليم نه هئي تنهنڪري اُهي ڳورن جا غلام هئا ۽ اها تعليم ئي هئي جيڪا انهن کي غلاميءَ مان آزادي ڏياريندي ۽ ان ڪري ان ٻار (جوروگي) لاءِ اسڪول وڃڻ سوجهري ڏانهن وڃڻ مثل هوندو آهي ۽ ڪينا جي هر ماڻهو لاءِ اها ڳالھه فخر لائق هئي ته انهن جا ٻار اسڪول وڃن ٿا. ائين جوروگي اسڪول وڃڻ شروع ڪري ٿو ۽ مختلف شين تي سوچڻ ۽ سوال ڪرڻ شروع ٿو. ائين هڪ رات جوروگي جو پوڙهو پيءُ نگودو جڏهن هڪ مرد ۽ عورت ۽ انهن کي خدا طرفان ڏنل زمين جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو ته جوروگو وٽ سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسان ڪينا جي ڪارن جون زمينون ڪيڏانهن ويون؟ ته اُتي جوروگيءَ جو پيءُ هن کي عالمي جنگ جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو جنهن دوران ڪينا جو ڪارا برطانيه جي ڳورن جي ان جنگ ۾ پوري طرح شامل ٿين ٿا. انهن لاءِ پنهنجي ڌرتيءَ جا ٻيلا ڪٽي رستا ٺاهين ٿا ۽ انهن کي جنگ ۾ سوڀ ۾ ملي ٿي. پوءِ ان جي بدلي ۾ ڪارن کي ڳورن جي غلامي ملي ٿي ۽ پنهنجون زمين ۽ ڌرتي کسجي وڃي ٿو. ان سڄي روئداد جو ذڪر نگودو هنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته “پهرئين ته سج سموري ڌرتي ساڙي ڇڏي پاڻي لپ به ڪانه هئي ۽ مال به مري ويو پوءِڳورا اچي ويا، انهن اسان جي زمين کَسي ورتي پهرين ڌڪ سان سڄي ڪانه کسيائون، پوءِ هڪ وڏي جنگ لڳي پر اسان انهن لاءِ ويڙهه ڪرڻي پئي، اسان کي ٻيلا وڍڻا پيا ۽ اسان انهن لاءِ ِرستا ٺاهياسين. اسان برطانوي ڳورن جي جنگ کٽڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ٿڪل ٽُٽل موٽياسين. اسان سندن مدد ڪئي آهي. اُهي اُن جي بدلي ۾ اسان کي ڇا ڏيندا؟ انهن موٽ ۾ اسان کي ڪجھه ڪونه ڏنو پر انهن ته اسان جي زمين به کسي ورتي.” هاڻي جوروگي جي خاندان ۽ ڪينا جي ماڻهن جو اهو ئي خيال هو ته اها زمين حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي ته جوروگي ۽ ڪينا جا ٻار تعليم حاصل ڪن، تعليم ئي انهن جي آخري اُميد هئي. جئين صفعي 32 تي ليکڪ ان خيال جو اظھار هن ريت ڪري ٿو. نگودو جوروگيَءَ کي ٻڌايو ته تعليم ئي سڀ ڪجھه آهي پر دل ۾ نگودو سوچيو ته پنهنجي ڌرتي هجڻ تعليم کان وڌيڪ اهم آهي. تعليم ان لاءِ سُٺي هئي جو اها ڪارن ماڻهن کي انهن جي زمين واپس ڏياري سگهي ٿي.” اُهائي اُميد جوروگيءَ جي دل ۾ هُئي ته هُو پڙهي پنهنجي پيءُ کي پنهنجي زمين واپس وٺي ڏيندو ۽ پنهجن ڀائرن جون مشڪلاتون دُور ڪندو.
هڪ طرف پنهنجي ڳوٺ ۾ نگودو پنهنجي پُٽ جوروگيءَ کي تعليم ڏياري رهيو هوندو آهي ته جيئن اُهي پنهنجي زمين واپس وٺي سگهن ته ٻئي طرف نگودو جو ٻيو پُٽ بورو شهر ۾ ٻين ويڙهاڪن سان گڏجي آزاديءَ جي تحريڪ هلائي رهيو هوندو آهي جنهن جو اڳواڻ مائو مائو تحريڪ هڪ نوجوان جومو هو، جيڪو هڪ پڙهيل لکيل نوجوان هو، جنهن جي اڳواڻيءَ ۾ مزدور ۽ هاري پنهنجون زمينون ۽ ڌرتي حاصل ڪرڻ لاءِ هڙتالون ڪندا رهندا آهن. ائين مائو مائو تحريڪ تمام تيز ٿيڻ لڳي ۽ ان جو خبرون جوروگي ۽ سندس پيءُ نگودو تائين پهچڻ لڳيون ۽ انهن ۾ هڪ ٻئي اُميد وڌڻ لڳي ته مائو مائو تحريڪ ڪاميابي حاصل ڪندي انهن کي تمام جلدي پنهنجي ڌرتي ۽ زمينون ملنديون، پر ڳورن وڏي چالاڪي ڪئي ۽ انهن مائو مائو تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ موقعي پرست ۽ غدار ڪارن کي لالچون ڏيئي ڪارن خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ائين مائو مائو تحريڪ ڪمزور ٿيڻ لڳندي آهي ۽ ڪيترائي ويڙهاڪ گرفتار ٿي جيلن ۾ واڙجي ويندا آهن پر پوءِ نگودو جي آخري اُميد ان جو ننڍڙو جوروگيءَ هوندو آهي جيڪو تعليم حاصل ڪري پنهنجي زمين واپس حاصل ڪندو ۽ اهو ننڍڙو جوروگي به اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا خواب پيو ڏسندو آهي. ائين ناول جي ڪهاڻي انهن ٽن نقطن جوروگيءَ جي تعليم، زمين حاصل ڪرڻ جي اُميد ۽ مائو مائو تحريڪ جي چوڌاري گهمي ٿي .
ان کانسواءِ هن ناول ۾ اهو نتيجو پڻ ڪڍيو ويو آهي. عالمي جنگ مظلوم قومن لاءِ ڪيڏي خطرناڪ ثابت ٿي جنهن سبب انهن کان پنهنجي ڌرتيءَ به ڦرجي وئي ۽ ڳورا ڪيئن چالاڪيءَ سان مظلوم قومن تي حڪومت ڪن ٿا. ان کانسواءِ هن ناول جي منفرد ڳالهه اها ته ناول ۾ ڪينيا جي ٻهراڙي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي جنهن مان ائين لڳي ٿو ته اسان سنڌ جي ڪنهن ٻهراڙيءَ جي ڪنهن ڳوٺ جي ڪهاڻي پڙهي رهيا آهيون، جن وٽ تعليم ۽ روزگار نالي ڪابه شيءِ نه آهي. ان کانسواءِ هن ۾ جن ٻن اهم مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو اُهي ٻئي مسئلا سنڌ ۾ به رهيا آهن. هڪ طرف سنڌ کي هر وقت ٻاهران آيل قومن ۽ حڪمران طبقن کان خطرو رهي ٿو، جيڪي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ تي قبضو ڪرڻ جون سازشون ڪندا رهن ٿا، جنهن جي خلاف پڻ سنڌ ۾ وڏيون تحريڪون هلنديون رهنديون آهن، ته ٻئي طرف سنڌين لاءِ ڪينيا جي ماڻهن جيان تعليم جي به تمام گهڻي اهميت آهي ڇوته هتي سنڌ جي تعليم هٿ سان وٺي تباهه ڪئي وئي آهي، هٿ سان ٻهراڙين جا اسڪول تباهه ڪيا ويا آهن ته جيئن ٻھراڙيءَ جا ماڻهو نه پڙهي سگهن. اهو تعليمي ۽ سياسي شعور ئي آهي جيڪو سنڌ کي حڪمران طبقن جي سازشن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري هن ناول جي سنڌي ترجمي جي اهميت پڻ وڌي وڃي ٿي. هي ناول اسان کي ٻيهر پنهنجي ڌرتيءَ جي حالتن تي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. انهن حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو، جيڪا پڻ هن ترجمي جي ڪاميابي آهي .