ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

انڊس ڊيلٽا

Editorial-Article- Noor Thahmoor

سڄي دنيا ۾ 14 مارچ دريائن جو عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي، 1997ع ۾ برازيل جي شهر ڪيوريٽيبا ۾ ڊيمن کان متاثر ٿيندڙ ماڻھن جي پهرين عالمي گڏجاڻيءَ ۾ 14 مارچ تي دريائن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اڄ سڄي سنڌ سميت ۽ پوري دنيا ۾ هي ڏينهن هن نعري يا ٿيم سان ملهايو پيو وڃي ته دريائن جي حياتياتي گوناگونيت، قدرتي ۽ فطري جيوت جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ دريائن ۾ زهريلي مواد جو ڇوڙ بند ڪري انهن جو تحفظ ڪيو وڃي. دنيا جا اُهي ملڪ خوبصورت، شاهڪار، خوشقسمت ۽ خوشحال ترين سمجھيا ويندا آهن جتي درياءَ وهندا رهندا آهن ۽ اُهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا آهن ۽ انهن دريائن جي ڪنڌيءَ ڪنارن تي دنيا جي عظيم تهذيبن جنم ورتو آهي. انهن مان سنڌو سڀيتا به هڪ آهي، جيڪا سنڌو نديءَ جي بدولت وجود ۾آئي جيڪا پنج هزار سال پراڻي تهذيب آهي. انهن دريائن جي ڇوڙ وارن علائقن کي ڊيلٽا سڏيو ويندو آهي. اهڙي ريت سنڌو درياءَ دنيا جي ڇت سڏجندڙ ملڪ تبت جيڪو چين جي قبضي ۾ آهي، ان جي مانسروور ڍنڍ، ناگا پربت، وادي ڪشمير، وادي ڪيلاش ۽ پاڪستاني جي ميداني علائقن کان ٿيندو 3000 ميل سفر ڪندي کاري ڇاڻ وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. دنيا جو هي ستون نمبر وڏو درياءَ آهي. سنڌو ندي دنيا جي انهن 10 ندين جي خطري واري فهرست ۾ به شامل آهي، جن کي شديد خطرا درپيش آهن. ان ڇوڙ واري علائقي کي انڊس ڊيلٽا سڏيو وڃي ٿو. ماضيءَ جو هي سکيو ۽ سائو ستابو انڊس ڊيلٽا هاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري اجڙي تباھ ۽ برباد ٿي چڪو آهي. هي ڊيلٽا سنڌو درياءَ جي ميرانجھڙي پاڻيءَ جنهن ۾لٽ، دز ۽ مٽيءَ جي ذرڙن ۽سامونڊي کارين جي کاري ٻاڙي پاڻيءَ جي ميلاپ سان ٺهيو آهي. ماضيءَ ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 150 ملين ايڪڙ ساليانو پاڻي ايندو، جيڪو سالاليانو 400 ملين ٽن لٽ آڻيندو هو جنهن سان انڊس ڊيلٽا ساليانو 4 کان 30 ميلن تائين ٺهندو هو ۽ 130 ڪلوميٽر پري وڃي عربي سمنڊ سان ملندو هو. انڊس ڊيلٽا دنيا جو پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا آهي. اهو 6 لک هيڪٽرس تي ڦهليل آهي جيڪا 15 لک ايڪڙ زمين جي برابر آهي جنهن ۾ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعا اچي وڃن ٿا ۽ انهن جي 350 ڪلوميٽرن جي سامونڊي پٽي به هن ۾ شامل آهي. هن ۾ 17 ڪريڪس آهن، انڊس ڊيلٽا جي شڪل هٿ واري وڃڻي وانگر آهي. ڏھ لک ايڪڙن تي تمر جا ٻيلا هئا جيڪي هاڻي گھٽجي اڍائي لک ايڪڙ رهجي ويا آهن. پاڪستان جا 97 سيڪڙو تمر جا ٻيلا انڊس ڊيلٽا ۾ آهن، انهن مان تقريبن 95 سيڪڙو ايويسينا مرينا Avicennia marina نالي تمر جي جنس جو قسم آهي، باقي5 سيڪڙو ٻين تمر جي جنسن جا آهن. اڳي انڊس ڊيلٽا ۾ 8 قسمن جون تمر جون جنسون هيون جنهن مان هاڻي 4 ختم ٿي چڪيون آهن، هاڻي هٿرادو طريقي سان رائزوفوريا نالي جنس جي پوکائي ڪئي پئي وڃي. انڊس ڊيلٽا دنيا جو ماضيءَ ۾ وڻج واپار ۾ تمام خوشحال خطو رهيو آهي، هتي ڪيترائي بندرگاھ هئا جنهن ۾ديبل بندر، ڪيٽي بندر، لاهري بندر، سوکي بندر، شاهبندر، اورنگا بندر، سنڊوبندر، کڏو بندري ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا بندر ۽ بازاريون هيون. هن علائقي جي خوشحاليءَ جو اندازو هن مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڪيٽي بندر ميونسپالٽي ڪراچي ميونسپالٽيءَ کي قرض ڏيندي هئي ۽ مرحوم سائين عزيز جعفراڻي پاران ڪيٽي بندر جي ميونسپالٽي جو هٿ ڪيل اهو تاريخي رڪارڊ آهي جنهن ۾ ڏيساور ملڪن موڪليل وڙن، وکرن ۽ سامان جو تفصيل آهي جنهن ۾ سڪل مڇي، گيهھ، ڪوئلو، ڳاڙها چانور، سڳداسي چانور، چوپايو مال، ماکي، جانور، داليون، مڱ، تر ۽ ڪاٺ سميت ٻيا اسم شامل آهن.
هن سرسبز، سائي ستابي ۽ خوشحال خطي جي تباهي تڏهن کان شروع ٿي جڏهن کان انگريز دور ۾سنڌو درياءَ تي ڊيم، بئراج ۽ ڪينال ٺاهي سنڌوءَ جو قدرتي ۽ فطري وهڪرو گھٽايو ويو. اهڙيءَ ريت هن آباد ماڳ جي تباهي ۽ بربادي شروع ٿي جيڪا اڃا تائين جاري ساري آهي. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ڊيلٽا جي قدرتي۽ فطري ماحولياتي سرشتي تي تمام گھڻا ناڪاري اثر پيا آهن جنهن ۾ تمر جا ٻيلا جيڪي 10لک ايڪڙن تي ڦهليل هئا، اُهي گھٽجي اڍائي لک ايڪڙ رهجي ويا آهن. تمر جا ٻيلا جيڪي قدرت جو هڪ بيمثل ۽ املهه تحفو آهن، انهن کي نه فقط اٺ کائيندو پر هنن وڻن جي پاڙن ۾ جھينگو،کيکڙو ۽ مڇي جي ٻچن جي پالنا يا پرورش به ٿيندي آهي ڄڻ ته هي قدرتي طور نرسريون آهن. تمر جا ٻيلا ڍال بنجي قدرتي آفتن جهڙوڪ سامونڊي طوفان، سونامي ۽ سامونڊي کاڌ کي روڪين ٿا.
هتي ٻه سئو مڇيءَ جا قسم، 300 پکين جا قسم 130 قسمن جا گاهه 80 جانورن جا به قسم هئا جيڪي هاڻي اڻلڀ ٿي ويا آهن .پلي مڇيءَ جهڙي ذائيقيدار مڇيءَ جو نسل تمام خطرناڪ حد تائين گھٽجي ويو آهي. پلو مڇي جيڪو پنهنجو نسل وڌائڻ لاءِ سدائين سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ ۾ اوڀاري پاسي يعني مخالف رخ ۾ سفر ڪندو آهي. اهو هاڻي ڪوٽڙي بئراج پار نٿو ڪري سگھي.
ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪري سمنڊ تيزيءَ سان انساني وسندين،آباد کيتن، جزيرن، چراگاهن، ڍنڍن ۽ ڍورن کائي رهيو آهي. هيستائين جي انگن اکرن موجب سمنڊ ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جي 40 لک ايڪڙ زرخيز زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي. سمنڊ جو کارو پاڻي هاڻي جھرڪن تائين پهچي چڪو آهي ۽ زير زمين ان سمنڊ جي پاڻيءَ جو اثر حيدرآباد پار ڪري چڪو آهي. اهڙي هڪ خطرناڪ رپورٽ سينيٽ جي ماحوليات بابت اسٽئنڊنگ ڪاميٽي به جاري ڪئي آهي جنهن موجب ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعو 2050ع تائين سمنڊ ۾ ٻڏي سدائين لاءِ ڌرتيءَ تان مٽجي ويندا ۽ ڪراچي 2060ع تائين سمنڊ ۾ ٻڏي ماضيءَ جو داستان ٿي ويندو.ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جي سمنڊ روزانو 100 ايڪڙ زرخيز زمين ڳڙڪائي رهيو آهي ۽ انهن ضلعن جي 8 تعلقن ۾ سامونڊي کاڌ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي، تقريبن 8 لک ماڻهون پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي سنڌ جي ٻين مختلف علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا آهن.
ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ هاڻي 10 ملين ايڪڙ فوٽ کان به گھٽ ساليانو پاڻي ڇڏيو وڇي ٿو ۽ ڪنهن سال ته ڦڙو به ناهي ڇڏيو ويندو جيئن سال 2000ع ٿيو. انڊس ڊيلٽا ۾ مٺي پاڻيءَ جي وهڪري ۾ گذريل 50 سالن کان مٿي جي عرصي ۾ 140 ملين ايڪڙ فوٽ کان 10 ملين ايڪڙ فوٽ کان به گھٽ تائين پاڻيءَ جو وهڪرو رهيو آهي. 1960ع ۾پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ورلڊ بئنڪ ۽ گڏيل قومن جي ٽياڪڙيءَ سان سنڌ طاس معاهدو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جا ٽي اوڀر وارا درياءَ راوي،ستلج ۽ بياس جنهن جا منهن يا هيڊ ورڪس انڊيا ۾ هئا اُهي پنجاب وارن وڪڻي پنهنجا بئراج ،ڪينال ،ناليون ٺاهي پنهنجو آبپاشي جو نظام بهتر ۽ جديد ڪيو، انهيءَ سان سنڌوءَ جي وهڪري ۾ شديد گھٽائي ٿي ڇو ته اُهي ٽيئي نديون سنڌو جو مددگار يا ڀريندڙ نديون هيون. پنجاب انهن وڪرو ڪيل ندين جي پئسن مان سنڌ کي هڪ ٽڪو به ڪونه ڏنو، الٽو سنڌوءَ تي بئراج، ڊيم ڪينال ۽ واهه ٺاهي انهن وڪرو ڪيل دريائن ۾ جي سڪي ويل پيٽن پاڻي وهائڻ لڳو جنهن سنڌ شديد پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار ٿيندي رهندي آهي.
جڏهن 1962ع ڪوٽڙي بئراج ٺهيو ته انهيءَ جي ڪري انڊس ڊيلٽا کي تمام گھٽ پاڻي ملڻ لڳو. ان کان اڳ اهو ڏينهن خالي نه هو جڏهن ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ويندو هو. ڊيلٽائي علائقي ۾ مٺي پاڻيءَ جي ڇوڙ لاءِ عالمي اداري آءِ يو سي اين 35 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇڏڻ جي سفارش ڪئي آهي. 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ 10 ملين ايڪڙ فٽ ڇڏيو ويندو ۽ انڊس ڊيلٽا جي ماحولياتي اسٽڊي عالمي ماهرن کان ڪرائي ويندي جيڪا پاڻي ٺاهه جي 14سالن کان پوءِ 2005ع ۾ انٽرنيشنل پينل آف ايڪسپرٽ جي ماهرن وفاقي حڪومت جي هدايتن تي ڪئي جنهن کي به حڪومت ڪافي سالن تائين ڳجھو رکيو .انهيءَ رپورٽ ۾ روزانه 5000 ڪيوسڪ پاڻي ڊائون اسٽريم ڇڏڻ جي سفارش ڪئي ويئي آهي.هاڻي ته قصو گھڻو اڳتي نڪري ويو آهي، اُهي 10 ملين ايڪڙ فٽ ساليانو پاڻي به ڪو فائدو نه ڏيئي سگھيو، ڊيلٽا جي بحاليءَ لاءِ هنگامي بنيادن تي منصوبه بندي ڪري فوري طور گھربل مقدار م پاڻي ڇڏڻ گھرجي جيئن قدرتي ماحولياتي نظام کي برقرار رکي سگھجي. ماهيگيرن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ سماجي تحريڪ فشرفوڪ فورم سنڌو درياءَ جي بحالي ۽ انڊس ڊيلٽا جي بقا لاءِ سنڌوءَ تي وڌيڪ ڊيم نه ٺاهڻ ۽ هن ڏينهن تي مطالبو ڪري ٿي ته سنڌو درياءَ کي انسانذات وارو حق ڏيئي سنڌو نديءَ کي بچايو وڃي. ارسا جي ٻيهر جوڙجڪ ڪري ان ۾ پنجون حصيدار انڊس ڊيلٽا کي ڪيو وڃي.1991ع واري پاڻي ٺاهه کي ختم ڪري نئون واٽر ايڪٽ آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button