ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رڳو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏوهاري آهي؟

Editorial-Article-Kamran Hussain

ملڪ ۾ چئن صوبن ۾ صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن آھي، مرڪز ۾ وري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن آھي، سمورين ڪميشنز جا رولز پنھنجا آھن ۽ تقريبن ھڪجھڙا آھن. صوبائي ڪميشن نج صوبائي حڪومتن جي ماتحت ادارا آھن جن جي حوالي سان قانونسازيءَ جو اختيار صوبائي حڪومتن کي ڏنل آھي. سنڌ ۾ ٻين ادارن سان گڏ 16 ۽ سترھين گريڊ جون سرڪاري نوڪريون ڏيڻ لاءِ صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن اھڙو ادارو بڻجي ويو آھي جو جيڪو به گهران ڪاوڙجي ٿو، اھو پنھنجي ڪاوڙ ھن اداري مان ڪڍي ٿو. ڪير انھيءَ کي ڪرپشن جو ڳڙهه، ڪير زرداري مافيا، ڪير ٽالپر مافيا ڪير وري ٻيو نالو ڏي ٿو. بيشڪ ادارن ۾ خرابيون آھن، جتي سسٽم ئي خرابين جي جڙ ھجي، جتي سسٽم سان روزاني نوان تجربا ٿيندا ھجن اتي ادارا پرفيڪٽ ٿي ئي نٿا سگھن پر صوبائي ڪميشن تي مھربانن جون گهڻيون مھربانيون رھنديون آھن، سنڌي ۾ چوندا آھن ته دٻ درخواست دينوءَ تي. سو صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن اھو دينو آھي جنھن جي خلاف ھر درخواست ڪٿي نه ڪٿي دٻي وڃي ٿي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ شايد ڪنھن صوبي ۾ ڪا صوبائي ڪميشن ھجي جيڪا ڏهه مھينا بند ھجي، اھو واحد سنڌ صوبو آھي جنھن ۾ صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن کي تالا ھڻايا ويا، مون پڪ سڃاتا پنھنجا ھئا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾، ٿي واٽ ڏسايون ويرين کي وانگيئڙن جي واڙي ۾، ڌاريان ته ڌاريان پر پنھنجا به انھي معاملي ۾ پوئتي ناھن، ايستائين جو ڪميشن جي اندر به ڪجهھ ماڻھو آھن جيڪي اداري کي ھلڻ نٿا ڏين. اڳوڻي جسٽس امير ھاني مسلم سليم ڀنور جي چيئرميني ۾ ھلندڙ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا چٽاڀيٽي وارا نتيجا انھي موقعي تي رد ڪيا جڏھن سوين نوجوانن کي سفارش کانپوءِ جوائننگ آرڊر ملي چڪا. مون کي ٻه ٽي دوست سجھن ٿا، انھي آرڊر کانپوءِ انھن جو مٿو ڦري ويو. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي فراز قريشي ٻڌائيندو آھي ته اسان پڙھي پڙھي چريا ٿي پياسين، نه سفارش نه پئسا ھجن پنھنجي اھليت تي پاس ٿي سٺي ڪيڊر جو جوائننگ ليٽر وٺي خوش ٿياسين ڪنھن مھربان وڃي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي عدالت سڳوري ڪم ئي لاھي ڇڏيو، سليم ڀنور سفارتڪار ۽ عليشان قسم جو ماڻھو آھي، انھيءَ جي ڀاءُ منظور ڪاڪا تي ڪرپشن جا سوين الزام آھن، انھن کان انڪار نٿو ڪري سگھجي پر سليم ڀنور تي ڪڏھن زندگيءَ ۾ ڪرپشن جو الزام نه لڳو ھو، ھن کي ڪميشن جو چيئرمين پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ ڪيو ويو، اھو درست آھي ته قانون جي جيڪا گهر ھئي، انھيءَ ۾ ھن جي سروس ٽي چار مھينا کٽي پئي پر سليم ڀنور جي مقرريءَ جو نزلو اچي انھن اميدوارن تي ڪريو جن اميدوارن مان ڪيترن ئي محنت ڪري مقابلي جا امتحان پاس ڪيا. ھتي اھو چوڻ ضروري آھي ته انھيءَ ۾ لازمي آھي ته ڪجھه اھڙا ھوندا جن پئسي تي نوڪريون ورتيون ھونديون،
انھي عدالتي فيصلي ۾ ڪميشن جا ٻه ميمبر ھئا جن پنھنجو ڪيس مڙسيءَ سان وڙھي کٽيو انھي ۾ ھڪ غلام شبير شيخ ۽ ٻيو انجنئير سائينداد سولنگي ھو. انھن ڪيس ميرٽ تي وڙھيو کٽي ويا. سپريم ڪورٽ پنھنجي پر ۾ کين ھٽائي ڇڏيو ھو پر ٻنھي ميمبرن چيو ته کين ائين ھٽائي نٿو سگھجي مون کي خبر ناھي ته شبير شيخ ميمبر آھي يا نه پر سائينداد رٽائرڊ ٿي چڪو آھي. ڪميشن جي ڇٽاڀيٽي جي امتحان لاءِ عدالتي آرڊر ھو ته اھو ساڳيو امتحان وري ورتو وڃي، انھي لاءِ باقاعدہ گائيڊ لائين ڏني وئي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حوالي سان اھو فيصلو وڏو ھو جنھن نوجوانن کي ڌڪ رسايو.
مون اڳ ۾ جيئن ذڪر ڪيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي پنھنجو ادارو سمجھي انھي جي بھتريءَ لاءِ تجويزون جوڙڻ، گائيڊ لائين ڏيڻ بدران انھي جي خلاف شاھد ٿي بيھي رھڻ واري عادت اسان جي پنھنجي ماڻھن ۾ به آھي. سپريم ڪورٽ جي انھي فيصلي کانپوءِ ڪميشن عدالتي گائيڊ لائنز تي ڪم ڪندي رھي ته ھڪ ٻه درخواستون مقابلي جي امتحان 2018 ۽ ڊاڪٽريءَ جي امتحان خلاف سنڌ ھائيڪورٽ ۾ داخل ڪيون ويون، انھن درخواستن ۾ عدالت کان اھا استدعا ڪئي وئي ته جيڪي اميدوار فيل ٿيا آھن، انھن کي پاس قرار ڏنو وڃي. سنڌ ھائيڪورٽ ٽي جون 2021ع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 1989ع واري قانون کي معطل ڪري لکين ماڻھن جي روزگار تي سواليا نشان ھڻي ڇڏيو. جون ۾ اھو فيصلو آيو، انھي کان اڳ مارچ 2021ع کان اڳ ۾ عدالتي فرمان تي ادارو ڪم بند ڪري ويھي رھيو. ملڪ جي ڪنھن صوبي ۾ اھو ناھي ٿيو. عدالت سڳوري جيڪو فيصلو ڏنو انھيءَ جي خوشخبري اڳ ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظھار الحسن ڏئي ڇڏي ھئي پر سنڌ ۾ خواجه اظھار الحسن جي ذھنيت وارا ٻيا به ڪافي وڪيل پيا آھن جيڪي ٻن پئسن خاطر اھڙيون درخواستون کڻيو اداران مٿان خدا ڪارڻ شاھد بڻجيو وڃن. ملڪ جي ڪنھن صوبي ۾ ڪميشن جي خلاف ايترا ڪيس عدالتن ۾ نٿا اچن جيترا ڪيس سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف ڪن ٿا.
ٻي حقيقت اھا آھي ته ملڪ جي ڪنھن ڪميشن ۾ انھي قسم جون ڀرتيون به ناھن ٿيون جھڙيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ جمعي چانڊيي جھڙن ماڻھن جون ٿين ٿيون. اھو ماستر ماڻھو الائي ڪيئن رسائي ڪري ڪميشن تائين پھتو ۽ ڪروڙين رپيا ڪمائي ويو. انھيءَ کي سپريم ڪورٽ ڪڍيو پر اڄ به انھي جي ڪوشش آھي ته واپس اچان جيڪڏھن واپس نه اچان ته وري ڪو وڪيل وغيرہ ڪري ڪميشن جي ڪم کي ڊسٽرب ڪريان. سو جمعي چانڊيي، اظھار الحسن قسم جي ماڻھن جي ڪا کوٽ ناھي، خير ڪم رڳو اتي نه بيٺو پر ڪم اڳيان ھليو. سنڌ ھائيڪورٽ پنھنجي سنڌي سڄڻن جي درخواستن تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي تالا ھڻائي ڇڏيا. جڏھن سنڌ جي وڏي وزير اڳوڻي چيف جسٽس سان اھا شڪايت ڪئي ته سنڌ ۾ آفيسرن جي کوٽ آھي، سنڌ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن کي تالو لڳي ويو آھي، انھي کانپوءِ سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي، انھي اپيل تي ٻڌڻيون ئي ٻه ٿيون آھن. پھرين ٻڌڻي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس نوٽيس جاري ڪرڻ کانپوءِ اھو آرڊر جاري ڪيو ته ڌريون اسٽيٽسڪو مينٽين ڪن، ھاڻ ھن ۾ ڌريون ٻه ھيون، ھڪ صوبائي ڪميشن ٻي ڌر 2018ع جي اھا بئنچ جنھن جي حوالي سان سنڌ ھائيڪورٽ آرڊر ڪيو ته انھن جي مقرري ڪالعدم آھي. انھن ڪميشن پاس نوجوانن جو وڪيل مخدوم علي خان آھي. مخدوم علي خان عدالت ۾ اھو دليل ڏنو ته سنڌ حڪومت انھن نوجوانن کي اڃان نوڪرين مان ڪڍيو ناھي، اھي ڪم ڪري رھيا آھن، جنھن تي عدالت سڳوري اسٽيٽسڪو جو آرڊر ڪيو، انھي عدالتي آرڊر لاءِ مختلف تشريحون ٿيون، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس به ڪو سنڌين سان ڀلائي نه ڪئي. سنڌ ھائيڪورٽ جي آرڊر کي معطل نه ڪيو، ڊگھي عرصي تائين ڪيس به نه ھلايو. آخر ۾ اھڙو آرڊر ڪڍيو ويو جو ھر وڪيل وٽ انھي جي پنھنجي تشريح ھئي بعد ۾ مخدوم علي خان جي صلاح سان سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل انھي آرڊر تي سنڌ حڪومت کي اجازت ڏني ته ڪميشن کي فعال ڪيو وڃي. ايڊووڪيٽ جنرل ھڪ ته ڄمار جو وڏو، ٻيو وري سنڌين سان پويس ڪانه، ٽيون وري ھن کي سنڌي ماڻھن بدران پنھنجي عزت نوڪريءَ جو خيال وڌيڪ آھي، ھن اھا تشريح ڪئي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ ڪميشن ڪم ڪري سگھي ٿي، ڪميشن ڪم شروع ڪيو. التوا ۾ پيل ٽيسٽ انٽرويو آرڊر سفارشون سڀ ٿيون، ھڪ ڏينھن ساڳي ايڊووڪيٽ جنرل کي خبر ناھي ڪٿي چيف جسٽس جيڪو رٽائرڊ ٿي چڪو آھي، انھي ڪن ۾ چيو ته اوھان فيصلي جي تشريح درست ناھي ڪئي، ڪنھن محفل يا ٻي ڪنھن ڪيس ۾ اھڙي ڳالھه جي ڪا قانوني حيثيت ناھي رٽائرڊ جج جي اھا ڳالهھ ڪٿي رڪارڊ تي ناھي نه ئي ڪو فيصلو رڪارڊ تي آھي. جسٽس گلزار جي انھي ڳالھه تي ايڊووڪيٽ جنرل ڳنڍ ٻڌي بيھي رھيو. ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪرڻ کان سنڌ حڪومت کي روڪي ڇڏيائين، پھرين فيصلي جي اھا وضاحت ڪئي وئي ته ڪورٽ اجازت ڏني آھي وري ٻي وضاحت اھا ڪئي ته معاملو اڃان واضح ناھي، ڪورٽ اھو ضرور چيو ته ڪم ھلي پيو ته ھلڻ ڏيو. ڪميشن پنھنجي ڪم کي لڳي وئي، لکت جا امتحان انٽرويو، نتيجا سفارش پر ايڊووڪيٽ جنرل انھيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ وجھندو رھيو ته ڪورٽ سڀني کي ٽنگي ڇڏيندي ايستائين جو ڪميشن جن سوين اميدوارن جي ڪاميابيءَ جي سفارش ڪئي، انھن کي آرڊر ڏيڻ ۾ ايڊووڪيٽ جنرل رڪاوٽ بڻجي ويو،
بھرحال پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جو ايڊووڪيٽ جنرل بابر اعواڻ واري نيت سان ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، ڪنھن مھل ھا ڪنھن مھل نه ڪنھن مھل مونجھائي ٿو. ڪنھن مھل ڳالهھ چٽي ڪري ٿو. اڳ ۾ جيڪو ڪم ھائيڪورٽ ڪيو ھاڻ اھو ڪم وري سنڌ حڪومت ڪيو آھي. ڪميشن ٽن سالن کانپوءِ ليڪچررز جي امتحانن جو لکت ۾ نتيجو ڪڍڻ شروع ڪيو ته سرورس اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن جو ليٽر اچي ويو ته ايڊووڪيٽ جنرل چوي ٿو ته ڪميشن غلط ڪري رھي آھي، سپريم ڪورٽ ته ڪم جي اجازت ناھي ڏني، سپريم ڪورٽ ۾ وري سنڌ حڪومت جي اپيل ٻڌڻي لاءِ وري لڳي ناھي. سنڌ ڪميشن کي وري تالا لڳي ويا آھن. پھرين اھو ڪم سنڌ ھائيڪورٽ ڪيو پوءِ وري سپريم ڪورٽ مبھم قسم جو فيصلو ڏنو وري ھاڻ اھو ساڳيو ڪم سنڌ حڪومت ڪري ڇڏيو آھي. ھزارن جي انگ ۾ نوجوان آفر ليٽر کڻي ڪڏھن ايڊووڪيٽ جنرل جي آفيس ته ڪڏھن وري سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن جي آفيسن ۾ ڌڪا کائيندا وتن. 2018ع جي بئنچ جا مقابلي پاس نوجوان غير يقيني ڪيفيت ۾ آھن. سنڌ جو سروس کاتو اردو ڳالھائيندڙ جھوني ايڊووڪيٽ جنرل جي آڱرين تي نچي رھيو آھي. ڪميشن جو ھڪ سال زيان ٿي چڪو. سنڌ حڪومت کي جيڪڏھن ماڻھن کي روزگار ڏيڻ جو شوق آھي ته رڳو درخواست داخل ڪري وساري نه ويھي پر انھي تي ايڊووڪيٽ جنرل کي پابند به ڪري ته اھا درخواست ھلرائڻ لاءِ نئين درخواست داخل ڪري معاملو ھڪ پاسي ڪري. ڪميشن ۾ ويٺل جمعي چانڊيي جي مائينڊ سيٽ کي به گذارش آھي ته جنھن ٿالھي ۾ کائو ٿا، انھي ۾ سوراخ ڪرڻ بدران اداري کي بھتر انداز ۾ ھلڻ ڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button