قومن جي نجات ۽ بقا جي جنگ تمام ڊگهي، نهايت مشڪل ۽ گهڻ طرفي ٿيندي آهي. اها هڪ نسل کان ٻئي ڏانهن منتقل ٿيندي آهي، ته وري هڪ ئي وقت گهڻن ميدانن ۾ وڙهي ويندي آهي. اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته جنگ رڳو فوج جي تعداد ۽ بارود جي زور تي نه کٽي سگهبي آهي. ان لا صحيح حڪمت عملي به لازمي هوندي آهي. خاص ڪري جيڪا ڌر مادي طاقت ۾ ڪمزور هوندي آهي، ان لا حڪمت عملي جي اهميت اڃا گهڻي وڌي ويندي آهي. دنيا ۾ ننڍي کنڊ ۽ خود سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترا مثال موجود آهن ۽ تاريخ ۾ اهي ئي قومون سرخرو ٿينديون آهن، جيڪي تاريخ مان سبق سکڻ جي صلاحيت رکنديون آهن.
جڏهن سنڌي قوم جي نجات واري جنگ جي ڳالهه ڪجي ته ان جو شمار دنيا جي مشڪل ترين جدوجهد ڪندڙ قومن ۾ ٿئي ٿو. ان ۾ ته ڪي ٻه رايا ناهن ته اسان جي مصيبتن ۽ مشڪلن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ غلامي آهي. پر غلام ته بيشمار قومون رهيون آهن، جڏهن گڏيل قومن جو وجود پيو ته اٽڪل 50 ملڪ ان جا ميمبر هئا. هاڻي اهو تعداد 200 کي وڃي پهتو آهي. اهو نون آزاد ٿيندڙ ملڪن جي ڪري ٿيو آهي. جيڪو عنصر سنڌ کي مشڪل ترين صورتحال ۾ آڻي بيهاري ٿو، سو آهي ڌاري آبادڪاري، جيتوڻيڪ ان جو واسطو به غلامي سان اهي پر اهو عنصر سڀني غلام قومن جي جدوجهد ۾ ڪو نه هو. ان مصيبت کي منهن ڏيندڙ ڪجهه قومون فلسطين، فجي، آئرلينڊ، مغربي صحارا وغيره آهن. جن ۾ ويجهڙائي (2019) کان ڪشمير جو واڌارو ٿيو آهي.
اچو ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جي معاملي تي مختصر نظر وجهون. سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جي پهرين وڏي لهر پاڪستان ٺهڻ سان هندوستان جي مختلف حصن کان لڏپلاڻ ڪندڙن جي آئي، ٻي وڏي لهر ون يونٽ ٺهڻ سان پاڪستان جي مختلف حصن کان آيل ماڻهن جي هئي جڏهن ته ٽين وڏي لهر “افغان جهاد” جي نتيجي ۾ آئي. ان کان سواءِ مختلف وقعن تي مختلف سببن/بهانن سان بنگلاديش، برما، بوسنيا ۽ ٻين خطن کان به ماڻهو اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندا رهيا آهن.
انهن مان سڀ کان وڌيڪ اهميت ڀارت کان ايندڙن جي معاملي کي رهي آهي. ان ڪري هڪ ته اها تاريخ جي سڀ کان وڏي ۽ پاڪستان جي پهرين آبادڪاري هئي. ٻيو ان ڪري ان سنڌ جي صورتحال تي وڏو اثر وڌو ته ان جي اچڻ سان ڌرتي ڌڻين جي وڏي انگ جي بي گهر ٿيڻ ڪري آبادي جي تناسب ۾ خطرناڪ تبديلي آئي. ٽيون ان ڪري ته اهي ڀارت کان ايندڙ “حاڪماڻي” ذهنيت کڻي آيا. ان حاڪمائي ذهنيت مسئلي کي وڌيڪ گنڀير بڻايو آهي. سنڌين طرفان به انهن جي مسئلي کي خاص اهميت ڏني ويئي آهي، ۽ ان جي حل لا وري وري ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. مکيه هي آهن.
1980ع جي ڏهاڪي دوران ايم ڪيو ايم جي ٺهڻ سان پهرين نمايان ڪوشش جي شروعات ٿي. ايم ڪيو ايم جا ابتدائي مطالبا گهڻو تڻو مرڪز مخالف هئا. ان ڪري جيئي سنڌ محاذ سان به انهن جي ڪجهه ويجهڙائي ٿي ۽ سائين جي ايم سيد جي رهنما واري حيثيت کي به اهي مڃڻ لڳا. جڏهن اسان انهن جي دانشورن (اختر رضوي، رشيد حيدر، ڪبير پيرزادو ۽ ٻيا) سان مهاجر قوميت جو سوال اٿاريو ته انهن جو جواب هو ته “اهو عارضي مرحلو آهي صرف مهاجرن کي مذهبي جماعتن مان ٻاهر ڪڍڻ لا، باقي اڳتي هلي اسان سنڌي قوم جو حصو هونداسين.” پر پو اها حاڪماڻي ذهنيت ۽ مخصوص مهاجر پسمنظر ڪيئن ٿو پيڇو ڇڏي. (ان بابت سنڌ جي هڪ عظيم انسان ۽ حقيقي دانشور ڊاڪٽر جي ايم مهڪري تفصيل سان ٻڌايو آهي، جنهن ڪجهه احوال منهنجي ڪتاب ‘پوري زنديگ اڻپوري جدوجهد’ ۾ ڏنل آهي.) جيئن ئي 1987ع جي لوڪل باڊيز اليڪشن ذريعي ايم ڪيو ايم کي اقتدار جو ميوو چکڻ جو موقعو مليو ته اها پنهنجي مهاجر اصليت ۽ سنڌ دشمني واري ڪردار ۾ نڪري نروار ٿي، جنهن جا ليڊر مرڪز جي حڪمران (اصلي ۽ ظاهر) جي ڌن تي نچڻ لا ۽ ڪو به ڪڌو ڪم ڪرڻ لا هر وقت تيار هوندا هئا ۽ پو چوٿائي صدي تائين سنڌ ۾ خاص ڪير ان جي گدي واري شهر ڪراچي ۾ ڇا ٿيندو رهيو. ڪيئن روڊ رستن، گهرن پاڙن ۾ رت جي راند کيڏي وئي ان جي احوال سان تاريخ جا صفحا ڳاڙها لڳا پيا آهن.
ان دوران سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون به ٿينديون رهيون ته ڪراچي/ڏکڻ سنڌ صوبي جا مطالبا به ٿيندا رهيا ته فوج کي هڪ لک رضاڪار مهيا ڪرڻ جا اعلان به ٿيندا رهيا. پهرين ايم ڪيو ايم جا مقامي اڳواڻ ۽ حڪومتي وزير اهڙا بيان ڏيندا هئا. ان تي انهن جي اتحادي قومپرست جماعت جيئي سنڌ قومي محاذ جا اڳواڻ الطاف حسين کي اپيل ڪندا هئا ته پنهنجي وزيرن کي روڪي، اڳتي هلي جڏهن الطاف حسين 2014ع ۾ پاڻ سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو ڪيو ته جسقم جي دوستن ئي حيدرآباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني قومپرست پارٽين متفقه موقف ڏنو ته “جيستائين الطاف حسين پنهنجو بيان واپس نه وٺندو تيستائين ايم ڪيو ايم سان ڪنهن به قسم جو رابطو يا لاڳاپو نه رکيو ويندو.” اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه ڏينهن کان پو ئي هڪڙي اهم قومپرست اڳواڻ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي وڃي سلام ڪيو.
ٻي اهم ڪوشش 1993ع ۾ ٿي. ان جي ميزبان پاڪستان ميڊيڪل ائسوسيئيشن ۽ ان جو اڳواڻ مشهور ترقي پسند ڊاڪٽر رحمان هاشمي هو. ان ۾ چونڊ “سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ” دانشورن، استادن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن حصو ورتو. ان جو مقصد “ٻنهي ڌرين” جا مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌي انهن جو تجزيو ڪري افهام تفهيم ۽ ويجهڙائي پيدا ڪرڻ هو. سنڌين جي اڳواڻي محمد ابراهيم جويو صاحب ڪري رهيو هو، جڏهن ته ٻيا ڪجهه اهم نالا يوسف لغاري، پروفيسر لياقت عزيز، ابرار قاضي، ڊاڪٽر نسيم عالماڻي، پروفيسر اعجاز قريشي، پروفيسر مشتاق ميراڻي ۽ ليکڪ هئا. اردو وارن جي اڳواڻي مشهور صحافي ايم بي نقوي ڪري رهيو هو، جڏهن ته ان سان گڏ وڏو صحافي، ليکڪ ۽ سفارتڪار ايم ايڇ عسڪري، بصير نويد، راحت سعيد، ڪرامت علي، شيما ڪرماني، عمر عباس ۽ ٻيا ڪجهه دوست هئا.
پي.ايم.اي هائوس ڪراچي ۾ هر مهيني انهن دوستن جو اجلاس ٿيندو هو، اٽڪل 6-5 مهينن جي محنت کان پو هڪڙو پڌرو نامو “امن ۽ ڀائيچاري لا ڪميٽي” يا (Committee for Amity and peace in Sindh) جي نالي سان جاري ڪيو ويو. ان جا مک نقطا هي ڄاڻايا ويا. سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌي سمجهن ٿا ته (1) اردو ڳالهائيندڙ سنڌي اهڙن معاملن ۾ سندن ساٿ نٿا ڏين جيڪي سڀني سنڌين سان واسطو رکن ٿا. اڃا به انهن جي حمايت ڪن ٿا. جيڪي سنڌ جي اجتماعي مفادن جي خلاف ڪم ٿا ڪن. (2) اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ثقصافتي برتري جو اظهار ڪن ٿا، جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي گهٽتائي ڪرڻ ۽ ان کي شهري اسڪولن مان خارج ڪرڻ ۾ شامل آهن. (3) انهن ۾ ان رجحان کي هٿي ڏني پئي وڃي ته سنڌ کي نسلي بنيادن تي ورهايو وڃي. ٻئي طرف ڪيترا اردو ڳالهائيندڙ سنڌي سمجهن ٿا ته (1) انهن کي ڌرتي ڄاوا Sons of the Soil نٿو تسليم ڪيو وڃي. (2) نوڪرين ۾ ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪوٽا سسٽم ذريعي انهن سان تفريق ڪئي ٿي وڃي. (3) سنڌ جي شهري علائقن جا مسئلا حل ڪرڻ ڏانهن ڪو ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي.
مون ان پڌرنامي تي صحيح نه ڪئي ۽ پنهنجو اختلافي موقف ڏنو. ڪميٽي جو پڌرنامو انگريزي اخبار ڊان ۾ ڇپيو، جڏهن ته منهنجو موقف پشاور کان نڪرندڙ انگريزي اخبار فرنٽيئر پوسٽ ۾ 7 جولاءِ 1993ع تي شايع ٿيو. مون هڪڙي ته اها ڳالهه ڪئي ته ٻنهي ڌرين جي شڪايتن جو اپٽار ته ڪيو ويو آهي پر انهن جو حل نه ڄاڻايو ويو آهي. بهرحال منهنجي مکيه اختلاف جو تت اهو هو ته جڏهن اسان سنڌ واسين کي نسل ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي الڳ ڪري مخاطب ڪريون ٿا ۽ پو انهن وچ ۾ ويجهڙائي ۽ دوستي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته دراصل ان وقت ئي اسان دشمني لا در کولي ٿا ڇڏيون. ٽين قوت يعني رياستي نظام (جنهن کي اسان سنڌ جي مسئلن ۽ مصيبتن جو اصلي ڪارڻ سمجهون ٿا) ڪهڙي به ضرورت جي وقت پنهنجي مفادن خاطر ٻنهي نسلي ڌرين کي پاڻ ۾ ويڙهائي سگهي ٿي. هتي حڪمران ڊگهي عرصي کان اهو ڪم ڪندا ٿا رهن. سڀ کان وڏو مثال انگريز دور جو هندو-مسلم تضاد آهي. هڪ مرحلي تي خاص ڪري لکنئو پيڪٽ وقت واهه واهه ٿي وئي ۽ هندو-مسلم دوستي عروج تي نظر اچڻ لڳي. ان ۾ ادا ڪيل ڪردار جي ڪري ئي جناب محمد علي جناح کي هندو-مسلم اتحاد جي سفير جو لقب ڏنو ويو. پو دنيا ڏٺو ته ڪيئن هندو ۽ مسلمان هڪ ٻئي جي رت جا اڃايل بڻجي ويا ۽ اهو ئي محمد علي جناح هندو مخالفن جو چيمپيئن بڻجي چوڻ لڳو ته “هندو ۽ مسلمان وچ ۾ ڪا به شي هڪجهڙائي ناهي ۽ اهي گڏ رهي نه ٿا سگهن.” نتيجو آخر هندستان ورهائجي ويو. هاڻي ان ۾ به ڪو شڪ ڪو نه رهيو آهي ته ان ۾ انگريز جو مفاد ۽ هٿ هو پر ان کي موقعو ۽ ماحول هندن ۽ مسلمانن جي جدا تشخص واري صورتحال مهيا ڪيو.
ٻيو مثال مٿي ذڪر ڪيل سنڌي مهاجر معاملي جو آهي. جيئن ٻڌايو ويو ته ايم ڪيو ايم جي ابتدائي ڏينهن ۾ به انهن جو موقف مرڪز مخالف ۽ سنڌين سان ويجهڙائي وارو هو. وري سنڌ قوم اتحاد ٺهڻ کان پو به ٻنهي پاسن کان ويجهڙائي لا ڪوششون ٿيون. ايم ڪيو ايم جو اعليٰ سطحي وفد ٻه دفعا سنڌ قومي اتحاد جي قيادت سان ڳالهين لا حيدرآباد آيو. جنهن دوران اختلافي مسئلن جو حل ڪڍڻ طرف پيش رفت به ٿي. اتي “ٽين قوت” متحرڪ ۾ آئي ۽ 30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر جا قتلام ٿيا. ان سان جيڪا دوري ۽ نفرت پيدا ٿي، ان جا اثر سنڌ اڃا تائين ڀوڳي رهي آهي. (هلندڙ)