ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وزيراعظم: ويندو نه ويندو؟

Editorial- Article- Ajaz Mangi

ڪير ٿو چوي ته پاڪستان هڪ سياسي ملڪ ناهي؟ جيتوڻيڪ هن وقت مهانگائي ۽ معاشرتي مصيبتون چوٽ چڙهيل آهن پر انهن جو تذڪرو ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا مان ائين آئوٽ ٿي ويو آهي، ڄڻ اهي مسئلا هجن ئي نه! جڏهن ته هر هنڌ تي صرف اهو سوال ڪر کڻي بيٺو آهي ته وزير اعظم عمران خان بي اعتماديءَ جي آزمائش کي منهن ڏئي سوڀارو ٿيندو يا هو پاڪستان جو اهو وزير اعظم ثابت ٿيندو، جيڪو پنهنجن ميمبرن کي به پاڻ سان گڏ رکي نه سگهيو ۽ ايوان ۾ آئيني طريقي لوڻ پاڻي ٿي ويو؟ انهن سوالن تي نجي چينل چهچٽا لائي ويٺا آهن ۽ عوامي ماڳن يعني هوٽلن توڙي ڳوٺن جي اوطاقن تي به اهو سوال پنهنجو جواب گهري رهيو آهي. جڏهن ته ان سوال جو هن مهل تائين ڪنهن وٽ به ڪو پڪو پختو جواب ناهي. ان سوال جو جواب انهن وٽ به ناهي، جيڪي وزير اعظم کي هٽائڻ جي لاءِ ور وجهي نڪتا آهن ۽ ان سوال جو جواب انهن وٽ به ناهي، جيڪي عمران خان کي اڃان تائين وزير اعظم ڏسڻ چاهين ٿا. انهن سڀني کي معلوم آهي ته ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ ڪنهن وقت به وڏي ڌيان ۽ هوشياريءَ سان ٺاهيل راند ختم ٿي سگهي ٿي ۽ ڪنهن وقت به جيت جي ويجهو واري بازي هار ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي ۽ ڪنهن وقت به هار اوچتو جيت جو روپ اختيار ڪري سگهي ٿي. اسان جي ملڪ جي سياست ۾ عوامي ڀلائيءَ کان سواءِ ٻي هر شيءَ ممڪن آهي. اردوءَ جو مترنم شعر آهي:
”ايڪ وعده هي ڪسي ڪا جو وفا هوتا نهين
ورنه ان تارون ڀري راتون مين ڪيا هوتا نهين“
اسان جي ملڪي سياست ۾ سڀ ڪجهه ممڪن آهي پر جيڪڏهن ناممڪن آهي ته عوامي ڀلائي!
ڪڏهن ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ڄڻ عوام ملڪي سياست جو ماٽيلو پٽ هجي. اهڙو پٽ جنهن کي پيار محبت جو حقيقي حق نه ٿو ملي سگهي. هاڻي به سمورو زور ان ڳالهه تي آهي ته ڪير ايندو ۽ ڪير ويندو؟ پر ان باري ۾ ڪوئي ڪجهه به نه ٿو ٻڌائي ته ڪير ويندو ته عوام سان ڇا ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪير ايندو ته عوام لاءِ ڇا کڻي ايندو؟
شايد عوام کي به معلوم آهي ته انهن سياستدانن وٽ عوام جي لاءِ ڪجهه به ڪونهي. اهي سياست جا اهڙا فيڊر آهن، جن ۾ نعرن ۽ تاڙين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي ۽ صرف نعرن ۽ تاڙين سان بکايل ماڻهن جو پيٽ ڀرجي نه ٿو سگهي ۽ نه وري انهن جي قسمت ۾ خوشحاليءَ جو خوشگوار دور شروع ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن نعرا تبديليءَ جو باعث بڻجن ها ته هن وقت پاڪستان خطي جو سڀ کان خوش ملڪ هجي ها پر اسان جو ملڪ ڏکڻ ايشيا جو ڏکايل ملڪ آهي. ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته جنهن به سياستدان کي اقتدار گهرجي، ان جي پنهنجي ذاتي ۽ خانداني ۽ گروهي مفاد جي لاءِ گهرجي. ماڻهن کي ته سياستدان اقتدار ۾ اچي ڪجهه خيرات ۾ ڏوڪڙ ڏين ٿا ۽ ان جي لالچ ۾ انهن کان ايئن ووٽ وٺن ٿا، ڄڻ انهن اڳواٽ ووٽن جي قيمت ادا ڪري ڇڏي هجي!
هن وقت ملڪ جو مٿين سطح وارو منظرنامو انتهائي اذيت وارو ڏيک ڏئي رهيو آهي. حڪومت جا اتحادي تبديل ٿيندڙ حالتن تي اکيون کپائي ويٺا آهن ۽ انهن ڄڻ ته اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن انهن کي ”انهن وٽان“ پڪ ملي ته هاڻي عمران خان جي وزارت جا ڏينهن پورا ٿيا ته هو پاسو مٽائيندي دير نه ڪندا ۽ جيڪڏهن انهن کي ”انهن وٽان“ اهڙو ڪو اشارو نه مليو ته هو ساڳي پگهار تي سياسي وفا جا پتلا بڻيل رهندا. جڏهن ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جو هڪ ٻئي سان جيڪو مقابلو هلي رهيو آهي اهو ڪنهن مار ڌاڙ سان ڀرپور فلم ۾ پيش ٿيندڙ ڊائلاگن سان ڀرپور آهي. هڪ طرف مخالف ڌر جي دعويٰ آهي ته حڪومت جا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن ۽ حڪومت پنهنجي خاتمي جي فرسٽريشن ۾ مبتلا آهي. جڏهن ته عمران خان اڄ به پنهنجي ان موقف تي قائم آهي ته هو بي اعتماديءَ واري ڏينهن تي پوري قوم کي ڏيکاريندو ته هو ”ٽن ڪوئن“ جو ڪهڙي طرح سان شڪار ڪري رهيو آهي. اسان جي سياسي زوال جو هڪ انڊيڪيٽر اهو به آهي ته هاڻي اسان جا حڪمران شڪاري به ٿيڻ چاهين ٿا ته ڪنهن خطرناڪ جانور جا نه! ڪو شينهن يا ٻي ڪنهن خوفناڪ جانور جو شڪار ڪري ها ته ڳالهه ۾ ڪجهه وزن به محسوس ڪجي ها پر افسوس ته حڪمران شڪاري به ٿين ٿا ته ڪوئن جا!
ملڪي سياست ۾ جوڙ توڙ جي جيڪا بازي لڳي پئي آهي، ان جا ملڪ جي معاشي صورتحال تي برا اثر پوندا ئي پوندا! ڇو ته اسان وٽ منڍ کان وٺي اهو ئي طريقو رهيو آهي ته جڏهن به ڪا حڪومت ڪنهن به سبب جي ڪري ڪمزور ٿيڻ لڳندي آهي ته ان جو پهريون اثر اسٽاڪ ايڪسچينج جي مٿان پوندو آهي ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج بري طرح سان متاثر ٿيندي آهي. هاڻي به ملڪي معيشت لوڏي ۾ آهي. هڪ ته معيشت ڪمزور ۽ ٻيو ته ان مٿان ڪورونا جا لڳل گهاوَ ۽ ٽيون ته جيڪو لڳي اهو ڪاڻي اک ۾! يعني سياسي تڪرار جو زور به پيل آهي ته ان معيشت جي مٿان جنهن جا حال هونءَ ئي پورا آهن!!
اسان جي لاءِ اهم ڳالهه اها هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪا به ان هائوس تبديلي اچي ٿي ته اها ملڪ سان لاڳاپيل مسئلن کي ڪهڙي طرح حل ڪندي؟ اسان جي وڏي بدقسمتي اها آهي ته اسان جي مخالف ڌر سموري تياري ان جي ڪندي آهي ته ويٺل حڪمران کي ڪهڙي طرح گهر ڀيڙو ڪجي ۽ پاڻ اقتدار ۾ ڪيئن اچجي؟ عمران خان جهڙي ماڻهو به اهو ئي ڪجهه ڪيو. هن سالن جا سال ان لاءِ محنت ڪئي ته ڪنهن به طرح سان اقتدار ۾ اچي ۽ جڏهن اهو اقتدار ۾ آيو پوري دنيا جي ڏينهن ڏٺو ته هو ملڪ جي معاشي ۽ معاشرتي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيو. ان جو سبب اهو ئي هو ته هن اهڙي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪا تياري ئي نه ڪئي هئي. اهو وزير اعظم عمران خان جي مٿان ڪو الزام ناهي پر هو پاڻ به اها حقيقت تسليم ڪري چڪو آهي ته هن ملڪ هلائڻ جي باري ۾ ڪا تياري نه ڪئي هئي. هن وقت ته ملڪ هلائڻ جي لاءِ مناسب ٽيم به نه هئي. ان ڪري هن اڪثر وزير اهي کنيا، جيڪي اڳ ۾ هن جي مخالف حڪومتن ۾ رهي چڪا هئا.
اهو هڪ الميو آهي ۽ تمام سنجيده الميو آهي ته اسان جا اڪثر سياستدان ڊاهڻ جا ته ماهر آهن پر انهن کي ٺاهڻ ڪجهه به نه ٿو اچي. هن مهل به جيڪي سياستدان حڪومت جا پير ڪڍڻ جي سلسلي ۾ سرگرم آهن، انهن کي ان ۾ ته مهارت حاصل آهي ته ڪنهن کي ڪهڙو عهدو آفر ڪجي ۽ ڪنهن کي ڪهڙي ريت راضي ڪجي ته هو عمران خان سان اتحاد ختم ڪري ته جيئن هن جي حڪومت ڦهڪو کائي ڪري پر هو ان سلسلي ۾ تر جيتري تياريءَ ۾ ناهن ته عمران خان کان حڪومت کسي هو هڪ سال ۾ اهڙو ڇا ڪندا جو ان جو ملڪ ۽ عوام جي مٿان مثبت اثر پوي؟ اهڙي ڪا به رٿ ۽ اهڙي ڪا به راءِ هن مهل تائين منظرعام تي نه اچي سگهي ها ۽ جيڪڏهن هجي ها ته ان قسم جي بهتر شيءَ پاڻ کي هن مهل تائين پردي ۾ ڇو رکي ها؟ اها هر صورت ۾ پاڻ کي پڌرو ڪري ها پر ڪا شيءَ آهي ئي نه! ۽ نه وري ڪڏهن رهي آهي. جڏهن به ڪو سياستدان اقتدار ۾ آيو آهي ته صرف پروٽوڪول ۽ ملڪ جا وسيلا حاصل ڪرڻ جي لاءِ آيو آهي ۽ عمران خان به پاڻ کي اهڙو ثابت ڪيو.
عمران خان جي ڀرپور ڪوشش اها آهي ته هو عوامي دٻاءَ سان اقتدار ۾ اٽڪي رهڻ چاهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته هن بي اعتماديءَ جي رٿ واري ڏينهن تي اسلام آباد جي ڊي چونڪ تي ڏهن لکن جي جلسي جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته بقول مولانا فضل الرحمان هن هن کي 172 ميمبرن کي ڪٺو ڪري ايوان ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي پر هن کي معلوم آهي ته جڏهن پئسي جي بازي هلندي آهي، تڏهن گهڻا گهڻا پنهنجي همت کي هارائڻ ۾ راضي ٿي ويندا آهن ۽ هو پنهنجو پاڻ کي اخلاقي طور ٿي شڪست ڏيڻ ۾ پنهنجي لالچ جي مدد ڪندا آهن. هن وقت به اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ جي سياسي منظر تي صرف هڪ مونجهارو آهي ته ڪير ويندو ۽ ڪير ايندو؟ جڏهن ته ان ڳالهه سان اها ڳالهه مشروط هجڻ کپندي هئي ته جيڪو ايندو ته اهو عوام جي لاءِ ڇا کڻي ايندو؟ هڪ ته عدم اعتماد جي تحريڪ کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترائي امڪاني مرحلا آهن. جيڪڏهن عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ۽ عمران خان اهو علان ڪري ڪنٽينر تي چڙهي ٿو ته هو هر حال ۾ انهن ملڪ دشمنن کان ان سازش جو بدلو وٺندو پر اصل سوال ته اهو ئي آهي ته عدم اعتماد جي تحريڪ جي ڪاميابيءَ جي صورت ۾ موجوده مخالف ڌر مستقبل جي حڪمران ڌر بڻجي ڇا ڪندي؟ ڇا اها اچڻ شرط اهڙو بٽڻ دٻائيندي، جنهن سان پاڪستاني ڪرنسيءَ جو ڊالر سان هلندڙ مقابلو روپئي جي حق ۾ اچي ويندو؟ ڇا نوان حڪمران اچڻ شرط پيٽرول سستو ڪندا؟ ڇا عام واهپي واريون شيون ايتريون سستيون ٿي وينديون جو عام ماڻهن کي واقعي به اهو محسوس ٿيڻ لڳي ته هو تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ گهڻ طرفي بي انصافيءَ جو شڪار هئا ۽ انهن کي هاڻي انصاف ملي رهيو آهي ۽ اهو انصاف ملڪ جي مٿان هر حوالي سان مثبت اثر وجهندو؟ آخر مخالف ڌر اهڙو اعلان ڇو نه ٿي ڪري؟ جنهن ۾ عوام جي لاءِ خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جو ڪو پئڪيج هجي!!؟ ڇا عوام ايڏي وڏي سياسي ڊرامي مان صرف اهو حاصل ڪندو ته اڄ جيڪو ڪجهه عمران خان چئي رهيو آهي، عدم اعتماد جي رٿ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ اهو ڪجهه نوان حڪمران چوندا ته پوئين حڪومت ملڪي معاشيات جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. ان ڪري قوم صبر ڪري!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button