جڏهن کان اپوزيشن پارٽين عمران خان جي حڪومت خلاف تحريڪ عدم جمع ڪرائي آهي، ان وقت کان وٺي سياسي گرمي وڌي وئي آهي. هڪ پاسي عمران خان سرڪاري خرچ تي وڏا وڏا جلسا ڪري پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي اپوزيشن پارٽيون ان ڳالهه تي پراعتماد لڳي رهيون آهن ته اهي هن ڀيري پي ٽي آءِ حڪومت خلاف عدم اعتماد ۾ گهربل انگ پورو ڪري عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪنديون. ان ڪري هڪڙيون پارٽيون حڪومتي اتحادين سان ٺاهه ڪرڻ ۾ پوريون آهن ته ٻيون وري اپوزيشن کان ڪي رعايتون پڻ گهري رهيون آهن. اقتدار جي هن وِيڙهه ۾ مفادن کي ئي وڌيڪ اهم سمجهيو ويندو آهي. تنهنڪري جنهن پارٽيءَ کي جتي وڌيڪ مفاد نظر ايندو اها ان ڏانهن لڙي ويندي. پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو وري ايم ڪيو ايم کي اقتدار ۾ شامل ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وئي آهي ۽ خبرون اهي اچي رهيون آهن ته سنڌ ۾ کيس گورنر شپ ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ جي پراڻي اتحادي پارٽي رهي آهي پر پيپلز پارٽيءَ کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ پنهنجي مرضيءَ جا مفاد ماڻڻ لاءِ سنڌي قوم جي خلاف فيصلا ڪرڻ ۽ سنڌ جو سودو ڪرڻ ۾ به دير ڪانه ڪندي رهي آهي. ماضي ۾ اها نه رڳو سنڌ حڪومت کي بليڪ ميل ڪندي رهي آهي پر هن وقت به سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي فيصلن خلاف عدالتن ۾ درخواستون به جمع ڪرائي چڪي آهي. تنهنڪري پيپلز پارٽي جيڪڏهن پنهنجن مفادن خاطر ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي ته کيس وري به محتاط رهڻ گهرجي. هاڻوڪي صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم لاءِ پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ان ڪري به سولو ٿي ويو آهي جو اها سمجهي ٿي ته اها پيپلز پارٽيءَ جي مجبوري بڻجي وئي آهي.
عمران خان وڏن وڏن جلسن کي خطاب ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو هن وقت اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط وزير اعظم بڻجي ويو آهي پر حقيقت اها آهي ته سندس خطاب مان ڪمزوري ان وقت ظاهر ٿيڻ لڳندي آهي، جڏهن هو پنهنجن مخالفن تي چٿر ڪندو آهي يا انهن کي غلط نالن سان سڏيندو آهي. هو ان ڳالهه کي به خراب سمجهي ٿو ته سندس معاملي ۾ ڪنهن به اداري کي نيوٽرل نه هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هو ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو ته ڪوبه نيوٽرل نٿو ٿي سگهي. پر جيڪڏهن هن وقت کيس ڪنهن طاقتور اداري جي حمايت حاصل هجي ها ته هو ان عمل کي بهتر سمجهي ها. پر جيڪا صورتحال ملڪي سطح تي جڙي آهي، ان مان ائين لڳي ٿو ته اقتدار جي ٽرين آهستي آهستي عمران خان کان نڪري رهي آهي ۽ هو پنهنجي شڪست کي ڏسندي وڏي هلچل پيدا ڪري رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سندس اتحادي به ساٿ ڇڏڻ لاءِ تيار لڳا پيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي سڀ اتحادي ڪنهن نه ڪنهن مجبوريءَ سبب هن سان گڏ هئا ۽ هاڻ اهي اتحادي جڏهن اهو سمجهن ٿا ته پي ٽي آءِ حڪومت سندن ڪي به مطالبا پورا نه ڪيا آهن ته اهي ان سان وڌيڪ عرصو ڇو هلڻ چاهيندا، ڇاڪاڻ ته ڪنهن حڪومت سان ڪوبه اتحاد ڪن وعدن عيوض ڪيو ويندو آهي. تنهنڪري عمران خان وڏي وقت تائين جن اتحادين کي وقت ئي ڪونه ڏيندو هو، اڄ انهن وٽ پاڻ لڙي پيو وڃي ۽ انهن جي پيش ڪيل مطالبن کي ٻڌي به رهيو آهي ۽ انهن جي حل جي خاطري به ڪرائي رهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي سياسي صورتحال عمران خان حڪومت لاءِ ڪا بهتر ناهي ۽ جيڪڏهن هن پنهنجي انا جي تسڪين لاءِ اهو رويو جاري رکيو ته سندس حڪومت تاش جي پتن وانگر وکري ويندي ۽ هو پنهنجو اقتدار وڃائي ويهندو