ڪنهن به پارلياماني طرز حڪمرانيءَ واري رياست ۾ اپوزيشن (مخالف ڌر) جو تمام وڏو ڪردار هوندو آهي ته جيئن اها وقت جي حڪومت جي غلط پاليسين جي نشاندهي ڪندي رهي ۽ حڪومت جي غلط فيصلن تي عوام کي آگاهه ڪندي رهي، ان خلاف آواز پڻ اٿاريندي رهي. اهو ئي جمهوريت جو حسن ۽ آئيني حق پڻ آهي.
پاڪستان ۾ رائج طرز حڪمراني برطانيا جي پارلياماني نظام جي ڪاپي يا ائين کڻي چئون ته ورهاڱي کان اڳ واري برطاني راڄ جي ڇڏيل نظام کي پاڻ جاري ۽ ساري رکيو اچون، جيڪو اڻپورو نظام هو، ان جي باوجود 1947ع کان 1971ع تائين ڪڏهن عبوري آئين ۽ ڪڏهن بنا آئين جي نظام کي ريڙهيندي پئي آياسين. نظام جي ڪمزوريءَ ملڪ کي تمام وڏو نقصان ڏنو ۽ اڌ ملڪ بنگلاديش جي صورت ۾ الڳ ٿيو. ملڪ زخمي هو. هر طرف موت جو راڪاس هو. اداسي ۽ مايوسي هئي. اهڙيءَ صورتحال ۾ هڪ ڪرشماتي ليڊر شهيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ميدان تي آيو ۽ ملڪ کي هڪ متفقه آئين ڏئي هڪ بهترين حڪومتي نظام جو بنياد رکيو. جنهن ۾ طرز حڪومت جو پورو طريقيڪار ڏنل آهي ۽ مخالف ڌر جو ڪردار پڻ واضح ۽ چٽو بيان ٿيل آهي.
موجوده حڪومت 2018ع جي عام اليڪشن ۾ ڪهڙي ريت اليڪشن يا سليڪشن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آئي، ان تي تمام گهڻو بحث ٿي چڪو آهي ۽ پوڻا چار سال پڻ گذري چڪا آهن. ان ڪري اڄ ان تي وڌيڪ نٿا بحث ڪريون. اڄ اسان جو موضوع آهي ته اڄ جي حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت ۾ آهي يا اپوزيشن ۾؟
هيءَ جماعت جڏهن 2018ع کان اڳ مخالف ڌر ۾ هئي ته هن ڀرپور طريقي سان ان وقت جي حڪومت خلاف تحريڪ هلائي هئي، جنهن مان احتجاج ڪرڻ، ريليون ڪڍڻ، حڪومتي غلط پاليسين خلاف آواز اٿارڻ ته مخالف ڌر جو سياسي ۽ جمهوري ۽ آئيني حق هوندو آهي، پر موجوده حڪمران جماعت ڪافي اهڙا عمل پئي ڪيا، جيڪي غير آئيني عمل هئا، جيڪي اصولي طور ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جو نه آئيني ۽ جمهوري حق هو ۽ نه ئي رياستي قانون اهڙي عمل جي اجازت ڏين ٿا. مثال طور: ملڪ جو حڪومتي مرڪز جتي پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ، سيڪريٽريٽ ۽ غير ملڪي سفارتخانه وغيره موجود آهن. جنهن کي ريڊ زون جو درجو ڏنل آهي، جتي D چوڪ تي 126 ڏينهن ڌرڻو هڻي، پوري ملڪي ڪاروهنوار کي بند ڪري، غيرملڪي دورا ملتوي ڪرائڻ، نفرت انگريز تقريرون ڪرڻ، پارليامينٽ هائوس جي سامهون پارليامينٽ تي لعنتون وجهڻ، ملڪ جي سرڪاري نشرياتي اداري PTV تي حملو ڪرڻ، سپريم ڪورٽ جي توهين ڪرڻ ۽ ان کان وڌيڪ خطرناڪ ڪم رياست کي ٽيڪس نه ڏيڻ جو اعلان ۽ بجليءَ جا بل ساڙڻ، جيڪو عمل سول نافرمانيءَ جي زمري ۾ اچي ٿو. جيڪا رياست جي خلاف بغاوت هوندي آهي. اِهي سمورا عمل ڪنهن به اپوزيشن جماعت کي آئيني ۽ اصولي طور تي نه ڪرڻ گهرجن، ان سان رياست ۽ جمهوري نظام ڪمزور ٿئي ٿو.
حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ جو عمل:
موجوده حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ به انهن جي روين ۽ عمل ۾ ڪو خاص فرق نظر نٿو اچي. مخالف ڌر جو ڪم ته هوندو ئي حڪومتي پاليسين جي اصولي مخالفت ڪرڻ ۽ حڪومتي ڌر جي ذميواري ٿئي ٿي ته هو سمورن آئيني ادارن ۽ مخالف ڌر جي سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي هلي. خاص طور حڪومتي رويو پارليامينٽ جي سمورن ميمبرن سان هڪ جهڙو هجڻ گهرجي، پر موجوده حڪمت هر معاملي تي هر سطح تي فعل ويئي آهي، جنهن جا ڪجهه مثال ڏئي سگهجن ٿا ته جيئن عام عوام کي موجوده حڪومتي ڌر پاران ڪيل غير آئيني ۽ غير جمهوري اپائن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي.
(1) موجوده حڪومت پارليامينٽ جي موجودگيءَ ۾ ايوان صدر کي آرڊيننس جي فيڪٽري بڻائي رڳو آرڊيننس جاري ڪرڻ تي زور رکيو، جڏهن ته آئيني طور آرڊيننس فقط ان صورت ۾ جاري ڪبا آهن، جڏهن اسيمبليون فعال نه هجن.
(2) هر حڪومت ۾ ائين ٿيندو آهي ته جيڪڏهن آئيني ادارن جي فيصلي سان وقت جي حڪومت کي اختلاف هجي ته هو پنهنجي اٽارني جنرل ذريعي ان فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو مڪمل آئيني ۽ قانوني حق رکي ٿي، پر پاڪستان جي تاريخ جي هي پهرين حڪومت آهي، جنهن آئيني ادارن جي فيصلن سان اختلاف هجڻ جي صورت ۾ اپيل ڪرڻ بدران وفاقي وزيرن پريس ڪانفرنسون ڪري انهن آئيني ادارن جي خلاف گهٽ وڌ ڳالهايو. مثال طور: هڪ اڳوڻي آمر جي خلاف فيصلو آيو ته قانون جي وفاقي وزير پريس ڪانفرنس ڪري جج کي گهٽ وڌ ڳالهايو. ان جي دماغي توازن ٺيڪ نه هئڻ ۽ علاج ڪرائڻ جا مشورا ڏنائين.
(3) اليڪٽرانڪ مشين ذريعي ووٽن واري معاملي ۾ جڏهن اليڪشن ڪميشن پنهنجو چٽو موقف رکيو ته هن وقت اهو ممڪن ناهي ته حڪومت کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ ٻن وفاقي وزيرن ڪانفرنس ڪري اليڪشن ڪميشن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي باهه ڏيڻ جو مشورو ڏنو.
(4) تازو ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ صحافيءَ کي گرفتار ڪرڻ واري ڪيس ۾ ايف. آءِ. آر خلاف سخت جملا ڳالهايا ته وزيراعظم اٽارني جنرل کي گهرائي ان فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو چوڻ بدران چيو ته ان جج خلاف ريفرنس داخل ڪيو وڃي.
(5) ملڪ جو وزيراعظم اسيمبليءَ ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهي. چوي ٿو ته مخالف ڌر منهنجي خلاف ڳالهائي ٿي. سڄيءَ دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي. وڏن ترقي يافته ملڪن ۾ پڻ اسيمبلين ۾ ميمبر حڪومتن خلاف ڳالهائيندا آهن. اپوزيشن هوندي ئي ان لاءِ آهي ۽ اهو سندن آئيني حق آهي.
(6) ملڪ جو وزيراعظم چوي ٿو ته آئون پارليامينٽ جي اپوزيشن ليڊر سان هٿ ئي ڪونه ملائيندس. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ماڻهو وزيراعظم کي عزت ڏين ۽ وزيراعظم مخالف ڌر جي عوام پاران چونڊيل نمائندن کي عزت ته ڀلي نه ڏي پر سڄو ڏينهن چور چور، ڌاڙيل لُٽيرا، شڪلن تي گهٽ وڌ ڳالهائي ۽ نالا خراب ويٺو ڪري.
(7) چوري ۽ ڪرپشن جو الزام صرف اپوزيشن جماعتون لڳائي سگهن ٿيون، ڇو ته ان وٽ حڪومتي طاقت نه هوندي آهي. وزيراعظم جي هٿ ۾ ته سمورا ادارا موجود آهن، جتي ان کي ڪرپشن ۽ چوريءَ جو شڪ لڳي ٿو، اتي جانچ ڪرائي ۽ ثابت ٿيڻ تي لاڳاپيل عدالت کان سزا ڏياري، پر هي واحد وزيراعظم آهي، جيڪو حڪومت ۾ هوندي به رڳو الزام هڻي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو. پوڻا چار سال گذريا ويا. مخالف ڌر جا ڪيترائي ميمبر جيل ۾ پڻ رکيا، پر ڪجهه به ثابت نه ڪري سگهيو. ان ڪري اخلاقي طور تي انهن کان معافي وٺي، پنهنجا لفظ واپس وٺڻ گهرجن. پر هي اڃا تائين گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان مڙي نٿو.
(8) ملڪ جو قانون چوي ٿو ته جيستائين عدالت طرفان ڪو به ڏوهه ثابت نٿو ٿئي تيستائين ڪنهن به ڪيس ۾ نامزد ماڻهو کي ملزم ته چئي سگهو ٿا، پر مجرم نٿا چئي سگهو ۽ پاڪستان جو آئين هر شهري کي فيئر ٽرائل جو حق ڏئي ٿو.
عوام هن حڪومت مان مايوس ڇو آهي؟
موجوده حڪمران جماعت جڏهن مخالف ڌر ۾ هئي ته هنن حقيقتن جي ابتڙ عوام کي حسين خواب ڏيکاريا، جيڪي ڪنهن به ريت پورا ٿيڻ جهڙا نه هئا. پر معصوم عوام هنن پاران پيش ڪيل ڪوڙن خوابن جو سحر طاري ٿيو ۽ اڄ اک کلڻ تي ماڻهو مايوسيءَ جو شڪار ٿيا.
اصل ۾ عمران خان پاران ڏيکاريل حسين خوابن جو ان ڪري حقيقت سان تعلق نه هو، جو اهو فقط سياسي شخصيتن خلاف هڪ پيدا ڪيل پروپيگنڊا هئي. مثال: روزاني جي بنياد تي اربين روپين جي مني لانڊرنگ ٿئي ٿي ۽ هيترا ارب ڪرپشن ٿئي ٿي. هاڻي عوام پڇي ۽ سوچي ٿي ته پوڻا چار سال ۾ ڪا به مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن نه ٿي آهي ته اهي پئسا ڪيڏانهن ويا؟ توهان ته ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض کنيو ۽ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مهنگائي ٿي.
نوڪريون ۽ گهر نه ڏئي سگهيا. چون ٿا ته ڪورونا آيو، پئسا ڪونه هئا وغيره، پر عوام پڇي ٿو ته 15 ماڻهن جي وفاقي ڪابينا ٺاهڻ، وزيراعظم جو سائيڪل تي سفر ڪرڻ ۽ وزيراعظم هائوس ۽ گورنر هائوس جون ڀتيون ٽوڙي لائبرريون ۽ يونيورسٽيون ٺاهڻ کان توهان کي ڪنهن روڪيو آهي؟ هاڻي جڏهن پنهنجا اتحادي ميمبر ناراض ۽ مايوس ٿي هڪ آئيني عمل عدم اعتماد آڻڻ پيا چاهين ته وري موجوده حڪومت غير آئيني خبرون ڪرڻ ۾ مصروف آهي ته ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ ڪونه ڏبو. اسيمبليءَ تائين پهچڻ ڪونه ڏبو. اڃا ڪنهن ميمبر ووٽ ڏنو ناهي، ان کان اڳ نااهل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ۽ سڀ کان وڏو غير آئيني بيان ته اسيمبليءَ جو اسپيڪر جيڪو هائوس جو ڪسٽوڊين هوندو آهي ۽ آئين موجب هن کي هر ميمبر جي عزت ڪندي نيوٽرل ڪردار ادا ڪرڻو آهي، سو به چوي ٿو ته هو پارٽي پاليسيءَ موجب هلندو. شايد ان ڪري ٿو چوي ته بقول وزيراعظم جي نيوٽرل ته جانور ٿيندو آهي.
دنيا جي هيءَ واحد حڪمران جماعت آهي، جيڪا ڪنٽينر تان لهي حڪومت ۾ آئي ۽ اڄ حڪومت ۾ هوندي وري مخالف ڌر ۽ پنهنجن ناراض ميمبرن خلاف ڪنٽينر تي چڙهڻ جون تياريون پئي ڪري. جيڪڏهن واقعي ائين ٿئي ٿو ته هي ملڪي تاريخ جي پهرين ڪمزور ترين حڪومت چئبي، جيڪا حڪومت ۾ هوندي آئين ۽ پارلياماني رستي کان ڊڄي مخالف ڌر يا پنهنجي ئي ميمبرن خلاف احتجاج ڪندي نظر ايندي. ان صورت ۾ اهو هن حڪومت جو آخري احتجاج هوندو، ڇو ته سوڀ سدائين انهن جي ٿيندي آهي، جيڪي آئين ۽ پارلياماني رستو اختيار ڪندا آهن.