ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تڪراري ٿل ڪئنال رٿا

Editorial

سنڌ جي عوام کان وٺي سنڌ جون سياسي ۽ سماجي ڌريون پاڻي معاملي تي سدائين هڪ موقف اختيار ڪنديون رهيون آهن ته پاڻيءَ جي ورڇ ۾ سنڌ سان ٻيائي نه ڪئي وڃي ۽ نه ئي سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻي پنجاب جون زمينون آباد ڪيون وڃن. ان کان به اهم ڳالهه سنڌو درياهه تي ڊيمن ۽ ڪئنالن جو اڏجڻ آهي. پنجاب توڙي وفاقي حڪومت ان تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهيون آهن ته ڪنهن به ريت ڪالاباغ ڊيم اڏڻو آهي ۽ ٿل ڪئنال کي ٻارهو ئي وهائڻو آهي. جڏهن ته سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ جي ڪٽوتي ڪري، سنڌ جون زمينون بنجر ڪرڻ جو سلسلو ڏهاڪن کان جاري آهي. 91ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل نه پيو ڪيو وڃي پر جيڪو پاڻي سنڌ کي ملڻ گهرجي، اهو به ڪونه پيو ملي. مٿان وري هاڻوڪي حڪومت نوان ڊيم اڏڻ جون رٿائون کڻي آئي آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي حڪومت به سنڌ جون رهيل زمينون بنجر بڻائڻ چاهي ٿي ته جيئن سنڌ ۾ سامونڊي چاڙهه جاري رهي ۽ سنڌ جو جر به کارو ٿيندو رهي. جڏهن ته سنڌ پاڻي واري معاملي تي جيڪي به اعتراض واريندي رهي آهي، انهن کي اڻ ٻڌو ڪيو ويندو آهي. ڪالهه به جيڪو ايڪنڪ جو اجلاس ٿيو آهي، ان ۾ تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال 2 جي رٿا کي شامل ڪيو ويو آهي.
ڪالهوڪي خبر موجب تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي رٿا کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ تي سنڌ جي نمائندي احتجاج ڪيو. وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ايڪنڪ جي اجلاس ۾ سنڌ جي ميمبر نثار کهڙي وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿي چيو ته صوبن ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو مامرو سي سي آءِ ۾ التوا هيٺ آهي. سي سي آءِ جو فيصلو اچڻ تائين تڪراري ڪئنال جي رٿا کي روڪيو وڃي، اڳ ئي پاڻي جي سنگين کوٽ آهي. گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ سنڌ جي احتجاج کان پوءِ ايڪنڪ طرفان پاڻي تڪرار تي فيصلي جو معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اينڪ اجلاس ۾ سنڌ تڪراري گريٽر ٿل ڪينال فيز 2 منصوبي جي سخت مخالفت ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي نمائندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. نثار کهڙي موقف رکيو ته سنڌ پوڇڙ وارو صوبو آهي، جتي اڳ ئي پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي ۽ وفاق به پاڻيءَ جي کوٽ جو اعتراف ڪري رهيو آهي ۽ ٽيلي ميٽري سسٽم به ناهي. گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 پروجيڪٽ ان وقت تائين ملتوي ڪيو وڃي، جيستائين سي سي آءِ پاڻي جي ٽه رخي فارمولي تي فيصلو نه ڪري. هي ڪو پهريون ڀيرو ڪونهي ٿيو آهي جو گريٽر ٿل ڪئنال واري رٿا کي ايڪنڪ جي اجلاس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پهرين ڳالهه ته هڪ اهڙي تڪراري پاڻي رٿا جنهن تي سنڌ کي سخت اعتراَض آهن ۽ اهي اعتراض جائر به آهن ته پوءِ ان کي ڪهڙي ريت شروع ڪرايو پيو وڃي. جڏهن ته سي سي آءِ ۾ به سنڌ جي موقف کي ڪونه ٻڌو ويندو آهي، اهڙي ريت پنجاب اهو سمجهي ٿو ته درياهه ۾ ايندڙ پاڻي جيڪو سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو، اهو ضايع ٿي رهيو آهي، پر جيڪا درياهه جي معيشت آهي، ان جي اهميت کي پنجاب توڙي وفاقي حڪومت سمجهڻ لاءِ تيار نه آهي. وزير اعظم عمران خان به ڪجهه وقت اها ڳالهه ڪئي هئي ته ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان سنڌ جي ماڻهن جا خدشا ختم ڪيا ويندا. وزير اعظم کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن جا خدشا ختم ڪري اهو ڊيم اڏيو ويندو ته سنڌي ماڻهو پاڻي لپ لاءِ به سڪي ويندا ۽ سڄي سنڌ ريگستان بڻجي ويندي. تنهنڪري جن پاڻي رٿائن تي پوڇڙ وارو صوبو اعتراض واري رهيو آهي، سي اعتراض دليلن وسيلي پيش ڪيا ويندا آهن.
درياهن جي حوالي سان اڄوڪا پاڻي ماهر اهو به چون ٿا ته جهڙي ريت دنيا ۾ انساني حق آهن، اهڙي ريت درياهن جا به حق آهن ۽ ڪنهن به درياهه جو پهريون حق اهو آهي ته ان کي بندن يا ڊيمن وسيلي قيد نه ڪيو وڃي بلڪه وهڻ ڏنو وڃي، ان جي جيڪا به منزل آهي، ان کي اتي بنا رنڊڪن جي پهچڻ ڏنو وڃي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ درياهن کي ڊيمن ۽ ڪئنالن جي قيد مان آزاد ڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي ملڪ ۾ نوان نوان ڊيم اڏي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو عمل جاري رکيو پيو وڃي. جيڪڏهن ملڪ جا ٽي صوبا انهن سڀني پاڻي رٿائن تي راضي آهن، جن تي پنجاب ۽ وفاقي حڪومتون ضد ڪنديون آيون آهن ته پوءِ اهي ڊيم ڀلي ٺاهيو، جيتوڻيڪ پوءِ به ان سان عوام جو ئي نقصان ٿيندو. پر جڏهن هن ملڪ جو عوام توڙي پاڻي ماهر وڏن ڊيمن توڙي وڏن ڪئنالن کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي رد ڪن ٿا ته پوءِ انهن رٿائن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ايڪنڪ نه رڳو تڪراري ٿر ڪئنال رٿا کي ڪنهن بحث هيٺ نه آڻي پر ان رٿا کي ترت ختم ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ کي ان جي حصي پتيءَ جو پاڻي ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button