سياست ۾ جيڪڏهن ڪا ڳالهه يقيني هوندي آهي ته اها آهي غير يقيني. يعني سياست ۾ هميشه اڻ ٿيڻيون شيون ٿينديون رهنديون آهن. هميشه ٿيڻ جهڙيون شيون ناممڪن بڻجندي نظر اينديون آهن. اڄ جا دشمن سڀاڻي جا دوست ۽ ڪلهوڪا دشمن اڄوڪا دوست بڻجندي نظر ايندا رهندا آهن. سياست ۾ جيئن ته اهو سڀ ڪجهه معمول جي ڪاروائي هوندو آهي ان ڪري اڄ ڪلهه پاڪستاني سياست ۾ به غير يقيني ۽ ٻڏتر واري ڪيفيت نظر اچي رهي آهي. غير سياسي ماڻهو وري اهڙي ڪيفيت جا عادي نه هئڻ ڪري پهريان پريشان ۽ پوءِ خوفزده ٿي ويندا آهن.
وزيرِ اعظم جي خلاف قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر وٽ پيش ڪيل عدم اعتماد واري رٿ تي بحث لاءِ اجلاس 22 مارچ تي سڏايو ويو آهي. حڪومت توڙي مخالف ڌر ان معاملي تي پنهنجي سرگرمين کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته وٽس گهربل ووٽ موجود آهن يعني ان رٿ کي ڪامياب ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي جڏهن ته حڪومتي ڌر جي دعوى آهي ته رٿ هر حال ۾ ناڪام ٿي ويندي.
بي اعتماديءَ واري رٿ سامهون اچڻ کان پوءِ جيڪا اڳ ڀرائي ٿي آهي ان منجهان اهو چِٽو ٿي چڪو آهي ته وزيرِ اعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم جا ميمبر ان رٿ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪندا جيڪو ڪري سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ ڪيتريون ئي ڇرڪائيندڙ خبرون سامهون اچي سگهن ٿيون. جنهن ۾ آئيني حدن ۾ رهندي بي اعتماديءَ واري رٿ جي معاملي کي جيترو ٿي سگهي ڊگهو ڪرڻ به شامل آهي ته سياسي سرشتي جي تڏا ويڙهه ڪرائڻ تائين به وڃي سگهجي ٿو.
تحريڪِ انصاف جي قيادت کي اها ڳالهه هاڻي ئي کُکي وئي آهي ته انهن جا ڪجهه ميمبر وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. اهو ئي سبب آهي جو کين اسيمبلي اجلاس ۾ اچڻ کان روڪڻ يا وري ڪارڪنن پاران سندن گهرن جو گهيراءُ ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن.
اطلاعات جي وفاقي وزير فواد چوڌريءَ پنهنجي هڪڙي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته تحريڪِ انصاف جا ايم اين ايز اسيمبليءَ ڏانهن ايندي ويندي 10 لک ڪارڪنن جي هجوم منجهان لنگهي ويندا. هڪڙي ٻئي وفاقي وزير شهباز گِل فرمايو ته غدارن جا فوٽو ڀتين تي چنبڙائينداسين ۽ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشيءَ وري چيو آهي ته ڪارڪنن کي چونداسين ته غدارن جي گهرن جو گهيراءُ ڪن.
ان جو مطلب ٿيو ته تحريڪِ انصاف بي اعتمادي رٿ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر قسم جي انتهائي قدم کڻڻ کان به نه ڪيٻائيندي جيئن ان پارليامينٽ لاجز واري معاملي وقت به ڪيو ۽ اڳتي لاءِ به لڳاتار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.
آئيني طور تي جيڪو ايم اين اي بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ ووٽ ڏئي ٿو ان جو ووٽ ڪارآمد ۽ ڳڻپ جوڳو آهي. ايتري تائين جو جيڪڏهن تحريڪِ انصاف جو ڪو ايم اين اي پنهنجي پارٽيءَ جي وزيرِ اعظم خلاف ووٽ ڏئي ته پارٽيءَ سان غداريءَ جي ڪري کيس ايم اين اي جي سيٽ ته وڃائڻي پوندي پر بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ ڏنل سندس ووٽ پوءِ به ڳڻيو ويندو.
جيڪڏهن تحريڪِ انصاف جو ڪو به ايم اين اي وزيرِ اعظم جي خلاف بي اعتماديءَ جي پيش ڪيل رٿ جي حق ۾ ووٽ ڏيندو ته ان کي پنهنجي پارٽيءَ سان غداريءَ جي ڏوهه ۾ وزيرِ اعظم يا اسپيڪر نه پر اليڪشن ڪميشن جي هٿان نااهل قرار ڏنو ويندو. اسيمبليءَ ۾ پنهنجي سيٽ وڃائيندڙ ايم اين اي اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وٽ اپيل ڪرڻ جو حق به رکندو آهي. اهڙيءَ ريت ممڪن آهي ته باقي بچيل سال سوا انهن اپيلن ٽپيلن جي ور چڙهي وڃي. چيو وڃي ٿو ته تحريڪِ انصاف جي جن ايم اين ايز کي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي شڪ هيٺ سمجهيو وڃي ٿو، وزيرِ اعظم انهن کي اسيمبلي اجلاس کان غير حاضر رهڻ لاءِ چوندو. ٻئي پاسي هن اسپيڪر سان اها ساز باز ڪري ڇڏي آهي ته جيڪو ميمبر منع ڪرڻ باوجود اسيمبلي اجلاس ۾ شريڪ ٿئي ان کي ان بنياد تي ئي نااهل قرار ڏنو وڃي ته هن پنهنجي قيادت جو حڪم نه مڃي غداري ڪئي آهي. پر آئيني طور تي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ قاعدي قانونن جي خلاف هوندو.
بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ لاءِ مخالف ڌر جي دعوى آهي ته وٽس انگ پورو آهي. حڪومتي ڌر جا ڪجهه ايم اين ايز وفاداريون تبديل ڪري سگهن ٿا جنهن جو وزيرِ اعظم سميت مختلف وفاقي وزيرن اڳواٽ خدشو ڏيکاريو آهي. قاف ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سان مخالف ڌر جي ٻنهي وڏين پارٽين يعني مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن جون لڳاتار گڏجاڻيون ٿيون آهن ۽ حڪومت جي ٻنهي اتحادي پارٽين مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملاقاتن کي معمول جي ڪاروائي ته ڪوٺيو آهي پر ڪنهن وقت به اهڙي ملاقات کان انڪاري ٿيڻ بجاءِ انهن مخالف ڌر کي سدائين ڀليڪار ڪيو آهي. پڙهندڙ کي خبر آهي ته حڪومت جون اتحادي اهي ٻئي پارٽيون پنهنجو وزن هميشه ان پُڙ ۾ وجهنديون آهن جنهن پُڙ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو وزن هوندو آهي. ان ڪري بي اعتماديءَ واري رٿ جي ڪاميابيءَ جا امڪان وڌندا پيا وڃن. اسٽيبلشمينٽ به ان پاسي بيٺل نظر اچي رهي آهي.
قاف ليگ کي خبر آهي ته اها ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندي. ان ڪري اها هاڻي کان ئي پنهنجون همدرديون ۽ وفاداريون تبديل ڪري ايندڙ وقت ۾ به اقتدار تي پنهنجي پڪڙ برقرار رکڻ چاهي ٿي. ان سلسلي ۾ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اها هاڻي پنجاب جي وڏ وزارت واري پنهنجي پراڻي فرمائش تان به هٿ کڻي وئي آهي. اهڙيءَ ريت ايم ڪيو ايم کي به خبر آهي ته وفاقي حڪومت جو اتحادي هجڻ جو ڪو فائدو ڪونهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت سان ڦڏي ۾ آهيو ته. ان ڪري جيڪڏهن ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي، پنهنجي ووٽرن ۽ تڪ جي ماڻهن کي ڪجهه ڏيکارڻ لاءِ هجي ۽ مٿان مالڪن جي هدايت الڳ، ته پوءِ سنڌ حڪومت سان ٺهي هلڻو پوندو.
سنڌ اندر ٽين اهم قوت پير پاڳارو آهي جيڪو ايترو بيمار ٿي پيو جو ان وزيرِ اعظم سان ملڻ کان به معذرت ڪري ڇڏي. نيٺ وزيرِ اعظم کي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي گذارو ڪرڻو پيو. حالانڪه جيڪڏهن الهه لڳ ڳالهه ڪجي ته زرداري صاحب جا اهي ڪهڙا گناهه آهن (جيڪڏهن آهن ته) جن ۾ ڊاڪٽر مرزا ساڻس شريڪ نه رهيو آهي؟ پر اقتداري سياست ۾ (بلڪ اڄ ڪلهه ته انقلابي سياست ۾ به) پنهنجي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري گذرڻ جائز آهي.
بي اعتماديءَ واري رٿ تائين معاملو نيٺ پهتو ڇا لاءِ؟ ان سوال جو جواب هڪ حد تائين حڪومت جي پنهنجي ڳچيءَ ۾ به پيل آهي. 2018 ۾ اقتدار ماڻڻ کان وٺي هن وقت تائين وزيرِ اعظم ڪڏهن به سياست ۽ سياستدانن کي اهميت نه ڏني. هُو ڪڏهن به اتحادين سان ملڻ نه ويو نه وري کيس رٺلن کي پرچائڻ جي ڪا ڳڻتي رهي. حڪومت ڪڏهن به آئين ۽ پارليامينٽ کي عزت ۽ اهميت جوڳو نه سمجهيو. پنهنجي اقتدار دوران حڪومت گھٽ ۾ گھٽ 70 صدارتي آرڊيننس منظور ڪرايا آهن جن منجهان 33 ته هڪڙي ڏينهن اندر منظور ڪرايا ويا هئا. ان سموري ڪارگذاريءَ منجهان ظاهر ٿئي ٿو ته قانون ساز اداري يعني پارليامينٽ کي بائي پاس ڪري قانون سازي ڪرائي وئي. اسٽيٽ بينڪ کي آئي ايم ايف جي حوالي ڪرڻ، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، نيب ۽ اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان سڌارن کان وٺي ڪنهن به ننڍي وڏي معاملي تي حڪومت مخالف ڌر کي ڪڏهن به اعتماد ۾ وٺڻ ته ٺهيو، ڪهڙو به ڪونه ڪيو. وزيرِ اعظم بي اعتمادي رٿ جي پٺيان ڏيهي پرڏيهي سازشون ڳولڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي ۽ روين تي نظر ڦيرائي ته کيس حقيقت سمجهه ۾ اچي ويندي. هُو هاڻي ناراض ايم اين ايز ۽ اتحادين سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي جيڪو کيس گھڻو وقت اڳ ڪرڻ گھربو هئو. هاڻي ته گھڻي دير ٿي چڪي آهي.
بي اعتمادي رٿ جو انجام ڇا ٿيندو؟ ظاهري طور اهو ئي نظر اچي رهيو آهي ته رٿ ڪامياب پئي ٿئي ۽ خان صاحب وڃي پيو، پر هُو آسانيءَ سان نه ويندو. خاموشيءَ سان گهر ڀيڙو ٿيڻ بدران هُو هڪڙي مقبول عوامي ليڊر جيان وڃڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ هُو ڊي چوڪ تي جلسو ڪرڻ گھري ٿو، جنهن لاءِ هُو يورپي يونين جي ميمبر ملڪن کي گارگند ڪري ٿو، جنهن لاءِ هُو پنهنجي ئي ايم اين ايز کي ست سريون ٻڌائي ٿو، جنهن لاءِ هُو قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي غير آئيني قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ٿو. هُو رڳو مخالف ڌر کي ئي رڳڙو ڏيڻ نه ٿو چاهي بلڪه پنهنجي سرپرستن جي به خير خبر لهندو. خان صاحب اهو پڙهي ورتو آهي جيڪو ڀِت تي لکيل آهي پر ان کي دل سان قبولڻ کان اڳ هُو جنهن جنهن کي به ان بحران جو ذميوار سمجهي ٿو ان جي پَٽڪي ۽ گريبان ۾ هٿ ضرور وجهندو.