مخدوم خليق ۽ آئون ذري گهٽ ساڳي ڄمار جا دوست سالن جا سال، ڏکن ڏوجھرن جا اذيتناڪ لمحا گڏ رهياسين. اسان جي ياري دوستي جا اکين ڏٺا شاهد اڄ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پريس ڪلبن ۾ اھم عھدن تي آهن. نالا نه ٿو لکان ته جيئن سندن پنھنجو ئي ضمير کين چھنڊڙي ھڻي.
ھا، سندس سڳو ننڍو ڀاءُ مخدوم رفيق الزمان اڄ به جيئرو صحيح سلامت آهي جيڪو اسان ٻنهي جي قرب ۽ پنھنجائپ جي شاھدي ڏيندو. مخدوم خاندان جي ھالا حويليءَ ۾ مرحوم خليق جي پنهنجي ھٿان فريم ڪرايل منهنجا انگريزي آرٽيڪل (جيڪي جنرل ضياءَ جي اونداهيءَ واري دؤر ۾ اسلام آباد جي سڀ کان وڏي انگريزي اخبار دي مسلم ۾ ڇپيا ھئا) سي اڄ به سندس ڊرائنگ روم جي ديوار تي ٽنگيل آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي تحقيق ڪرڻي آهي ته بيشڪ ڪري سگهي ٿو. مون کي ته اھڙي تاريخي حقيقت ويڊيو ذريعي پکڙجڻ تي روحاني خوشي محسوس ٿيندي.
حقيقت ۾ مخدوم خليق الزمان جھڙو سچو کرو ۽ سنڌ امڙ جو عاشق جسماني طور تي ھاڻ اسان کان وڇڙيو آهي پر سچ پڇو ته سائين جن روحاني طرح بلڪ سياسي حيثيت ۾ به ان ڏينهن وڇوڙو ڪري ڇڏيو هو جنهن ڏينهن محترمه بينظير ڀٽو کي 1989 ۾ منھن تي چيائين ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي عوامي پارٽيءَ کي اوهان جو ور آصف علي زرداري دشمنن حوالي ڪري، پارٽيءَ جي وفادار سچن ڪارڪنن کي پوئتي ڌڪي رهيو آهي. ھي واقعو قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو جي آفيس ۾ ٿيو جنهن جو اھم گواھه اڳوڻو وزير تعليم مرحوم عبدالسلام ٿهيم موڪلائي ويو آهي باقي نوي سالن جو بابو غلام حسين ميمڻ اڄ به جيئرو جاڳندو، ھوش حواس ۾ آهي جنهن جي سيني ۾ اھڙا تاريخي راز پوريل آهن جيڪي جڏهن به نڪري نروار ٿيندا ته سڄي ملڪ اندر ٿرٿلو اچي ويندو. ھينئر ته ماڻهو وزير اعظم عمران خان جي ڳالهين ۽ غير آئيني اعلانن مان ئي ڪڪ ٿي چڪا آهن. ھا، نئين ٽهيءَ جي پڙھندڙن جي ڄاڻ واسطي اھو لکندو ھلان ته بابو غلام حسين پ پ جو ايم آر ڊي تحريڪ وارو اھو ئي ھيرو آھي جنھن ٺٽي ضلعي مان سنڌ جي سڀني کان وڏي عوام دوست فلاسافر رسول بخش پليجي کي ٽي ڀيرا عام چونڊن ۾ ھارائي سوڀ حاصل ڪئي. ھن وفا شعار ۽ ايماندار سياسي ڪارڪن جو حشر به مخدوم خليق الزمان جھڙو ڪيو ويو.
پنجين جولائي تي جيئن ئي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کي جنرل ضياءَ الحق ڊاھي، ملڪ تي مارشل لا جو عذاب مڙھيو ته پ پ ۾ شامل وڏا وڏا زميندار، جاگيردار، ڀوتار، مير ۽ پير سڀ ڪوئن وانگر پنھنجن پنهنجن ٻرن ۾ لڪي ويا. ڪوبه ماڻهو تصور نه پيو ڪري سگهي ته ھالا شهر جي پيراڻي گاديءَ منجھان ڪو سھڻو، سدا ملوڪ جوان آمريت کي للڪارڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي بيواهه زال بيگم نصرت ڀٽو ۽ نياڻي بينظير جو اھڙي ڀوائتي ماحول ۾ ڀرجھلو ٿي سياسي ميدان ۾ سر تري تي رکي ڪاھي پوندو. مخدوم خليق الزمان جي والد ماجد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي به خود اھو اندازو نه هو سندس اولاد منجهان ھڪڙو شينھن مڙس به اسٽيبلشمينٽ جي ظالماڻي نظام سان ٽڪر کائڻ لاءِ پنهنجي سکي ستابي زندگيءَ کي طلاق ڏيئي، شھيد ڀٽو جي نياڻيءَ جو ڊرائيور بڻجڻ کان وٺي بلوچستان جي مڇ جيل تائين سزائون ڪاٽيندو.
بھرحال جنرل ضياءَ جو ظلم ستم ۽ ٽارچر وارو دؤر ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهيءَ تي چاڙهڻ کان پوءِ ايتري قدر ظالماڻو ٿي ويو جھڙو اڄوڪو جمھوري زمانو ڏسو پيا. حڪمرانن کي ھوش ئي نه آهي ته هو ڪيڏا نه وڏا تاريخي ڏوھه ڪري جمھوري قدرن کي لڄائي رهيا آهن. ضيا جي دور ۾ به نادرشاهي فرمان جاري ٿيندا هئا ته جيڪي به سندس حڪمرانيءَ کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا انھن جو نه رڳو لنگھه بند ڪيو ويندو بلڪه کين سياسي طور تي ھميشه لاءِ نااهل ڪري ڇڏبو. اھڙي ڊڪٽيٽر شپ واري صورتحال ۾ جڏهن ڀٽو صاحب جا غريب مسڪين پارٽي ڪارڪن پنهنجن سرن جو سؤدو ڪرڻ لاءِ تيار ھئا ته 1977 وارين تڪراري چونڊن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ايئن گم ٿي ويا جيئن گڏھه جي سامائجڻ سان سندس سڱ غائب ٿي ويندا آهن.
ان وقت ھالا حويليءَ منجهان ھڪڙو خوبرو نوجوان پنهنجي پيري مريديءَ کي پاسيرو رکي، بي سھارا ڪارڪنن جو هڏ ڏوکي بڻجي ويو. ملڪي سطح تي ايم آر ڊي ٺاهي بيگم نصرت ڀٽو، نوابزاده نصرالله خان، ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، ايئر مارشل اصغر خان، غلام مصطفيٰ جتوئي، مولانا احتشام الحق ٿانوي، معراج محمد خان، عاصمه جھانگير، ملڪ حاڪمين خان، پاڪستان بار ڪائونسل جو ليڊر عبدالحفيظ لاکو. پروفيسر غفور احمد، ڊاڪٽرعبدالحئي بلوچ، استاد رسول بخش پليجو، شھيدفاضل راھو، حسين بخش ناريجو، ڊاڪٽر فيروز احمد ۽ ٻيا ھزارين جمھوريت جا جيالا ڪارڪن جيلن کي ڀرڻ لاءِ تيار ھئا پر سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ اندر جتوئي صاحب سان گڏوگڏ جنهن سياسي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي جي خون جو پلاند وٺڻ لاءِ سنڌي قوم کي ميدان تي لاٿو، ان جو نالو آهي مخدوم خليق الزمان جنهن جي حڪم تي ھٽڙي کان سڪرنڊ تائين جوشيلا پارٽي ورڪر روزانو ان نيشنل ھائي وي کي بند ڪري ڇڏيندا هئا جتان ڪراچيءَ جي سمنڊ کان ۽ پنجاب کان وٺي سامونڊي بندرگاهه تائين پرڏيهي واپار لاءِ مال رسايو ويندو هو. 14 آگسٽ 1983 تي شروع ٿيل ھن تحريڪ ٽن مهينن تائين سڄي پاڪستان کي جڏو ۽ مفلوج ڪري ڇڏيو. شاھراھه کي بلاڪ ڪرڻ جو سولو طريقو اهو ڪتب آڻيندا ھئا ته پنجاھه سال پراڻا بڙ جا گھاٽا وڻ آريءَ سان وڍي ڇڏبا هئا جيڪي قومي شاهراهه مٿان ميلن تائين وڇائجي ويندا هئا. نه گاڏيون اچي سگهن ۽ نه ڪيڏانهن وڃي سگهن.
نتيجي طور ھڪ مھيني اندر نيشنل ھائي وي تي ٽريفڪ جام ھئي ۽ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ٿيڻ لڳو. جنرل ضياءَ جي حمايتي ڪارخانيدارن ۽ سرمائيدارن ڪڏهن تصور به ڪونه ڪيو ھو ته مارشل لا جو راڄ ھوندي، سنڌ جا سٻاجهڙا ۽ امن پسند ماڻهو ايڏي وڏي گوريلا جدوجهد ڪري ڏيکاريندا. ظاهر آهي ته پليجو صاحب ۽ فاضل راهو جي مختلف وقتن تي ھلايل ھاري ھلچل باري ۾ به مخدوم خليق اخبارن ۽ ڪتابن ۾ گھڻو ڪجھه پڙھيو ھو جنھن جو سندس ذهن تي اثر ايتري قدر نڪري نروار ٿيو جو جڏهن غلام مصطفيٰ جتوئي جي آڇ تي جنرل ضياءَ سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ غير جماعتي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته جنرل ضياءَ انهن چونڊن کان پوءِ اھو فيصلو ڪيو ته نئون وزير اعظم سنڌ مان کڻندو. سندس انھيءَ سوچ جي نتيجي ۾ محمد خان جوڻيجي جھڙو شانائتو، عوام دوست سياسي اڳواڻ ملڪ جو وزيراعظم چونڊيو ويو ڇاڪاڻ ته جنرل ضياءَ پنجاب جي چوڌرين ۽ شريفن کي حڪم ڏنو ته مون ھن ايماندار سياسي رھنما جو نالو چلو ڪاٽي (استخاره) ذريعي ڳولھي لڌو آهي.
پليجي صاحب ۽ فاضل راهو سنڌ اندر پنهنجي قومي عوامي تحريڪ (شروعاتي نالو، سنڌي عوامي تحريڪ) پاران جيل ڀريو تحريڪ ۾ ھارين ۽ ھارياڻين جون ايڏي وڏي تعداد ۾ گرفتاريون پيش ڪيون جو مارشل لا واريون فوجي عدالتون ڪيس ھلائي ھلائي ٿڪجي پيون. بھرحال جڏهن پليجي صاحب کي لاھور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ رکي، باقي سنڌي اڳواڻن کي لانڍي جيل ڪراچي شفٽ ڪيائون ته اتان مون کي پير مظهر ھڪڙو خط اماڻيو جيڪو مون برسات مئگزين ۾ ڇاپيو. لکيائين ته “منهنجي نانا سائين قاضي عبدالمجيد عابد سنڌ جي گورنر جنرل جھانداد جي ڪابينه ۾ وزارت وٺي، سنڌ سان غداري ڪئي آهي. اسان پنهنجي ليڊر محترمه بينظير ڀٽو سان مارشل لا جي خاتمي تائين جدوجھد جاري رکنداسين. مخدوم خليق الزمان سنڌ جو چمڪندڙ ھيرو آهي.”