ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اسٽيبلشمينٽ جو امتحان

Editorial-Article- Ajaz Mangi

ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ مزي ۾ ناهي. جڏهن ته پاڪستان جي سياسي تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به ملڪي سياست ۾ ڪنهن بحران جنم ورتو آهي، تڏهن اسٽيبلشمينٽ ان کي ناپسنديده نظرن سان ناهي ڏٺو. جڏهن به حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ ٻئي جي گريبانن ۾ هٿ وڌا آهن، تڏهن اسٽيبلشمينٽ ان راند کي رس چس سان ڏٺو آهي. جڏهن به ملڪ جون سياسي پارٽيون پارليامينٽ مان ٻاهر نڪري ميدانن تي زور آزمائي ڪرڻ لاءِ نڪرنديون آهن، تڏهن اسٽيبلشمينٽ کي ملڪي مفاد جي مجبوري پيش پوڻ لڳندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار اڻٽر ٿي ويندو آهي. پر هي پهريون ڀيرو آهي، جڏهن اسٽيبلشمينٽ سرڪار ۽ سياسي پارٽين جي وچ ۾ وڌندڙ محاذآرائيءَ سبب خوش ناهي.
هن ڀيري ملڪ جو وزير اعظم جڏهن ڊي چونڪ تي لکين ماڻهو ڪٺا ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان سان ٽڪرائڻ جي لاءِ مولانا فضل الرحمان پنهنجي مدرسي وارا ڪارڪن شهر اقتدار ۾ ڪٺا ڪري رهيو آهي، ان جو مطلب ته ملڪ جو دارالحڪومت مقابلي جو اهڙو ميدان بڻجڻ طرف وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ سياسي ڪارڪن پاڻ ۾ دست گريبان ٿيندا ۽ اهو سڀ ڪجهه عالمي ميڊيا جي آڏو ٿيندو ۽ سوشل ميڊيا تي ته ان جون عجيب غريب وڊيو ڪلپس پيون شيئر ٿينديون. ان طرح سان اڳواٽ ئي معاشي طور تي پريشان پاڪستان کي جيڪا مشڪل پيش ايندي، ان جو اندازو اسٽيبلشمينٽ کي به آهي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ سخت دٻاءُ محسوس ڪندي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ مفاهمت وارو عمل وڌائي رهي آهي. عمران خان جنهن مخالف ڌر جي پاران تحريڪ عدم اعتماد شروع ڪرڻ تي پنهنجي زبان ۽ بيان تان اخلاقي پابنديون لاهي ڇڏيون، سو هاڻي وري روايتي سياسي اخلاقيت جي طرف پير وڌائي رهيو آهي ۽ هن اڳواٽ ئي اهو راز به فاش ڪري ڇڏيو آهي ته هن کي آرمي چيف چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي ”ڊيزل“ نه ڪوٺ! جڏهن ته هن ان جو جواب به ڏنو هو ته چوڻ واري کي هن اهو چيو ته اهو نالو هن کي مون نه پر عوام طرفان عطا ٿيو آهي.
ڊيزل، فضلو، بيماري، شوباز، ڀڳوڙو وغيره وغيره واري ٻوليءَ ۾ جڏهن فرق اچي رهيو آهي ته ان جو مطلب اهو ئي نڪري ٿو ته ڪٿي بند دروازي جي پويان ڳالهين جو سلسلو هلي پيو آهي. ڇو ته عمران خان ان سموري عرصي جي دوران پهريون دفعو مخالف ڌر جي مٿان فضيلت ڀري تنقيد جي ابتدا ڪئي آهي. سمنڊپار رهندڙ پاڪستانين کي خطاب ڪندي هن پنهنجن حامين پاران ”ڊيزل ڊيزل“ جي هوڪرن کي همٿائڻ بدران اها وضاحت پيش ڪئي ته مخالف ڌر جي مٿان اهي ڪيس انهن ئي ٺاهيا آهن، جيڪي هن مهل مخالف ڌر ۾ هڪ ٻئي جا اتحادي آهن. ان کان سواءِ هن اها وضاحت به ضروري سمجهي ته مولانا فضل الرحمان جي مٿان ”ڊيزل“ نالو مسلم ليگ ن رکيو هو. ڇو ته هو ڊيزل سپلاءِ جي پرمٽ مان پئسا ڪمائي رهيو هو. اهڙي طرح عمران خان پاران پاڻ غيراخلاقي ۽ بقول مخالف ڌر بازاري ٻوليءَ جي استعمال واري الزام مان آجو ڪرائڻ جي پويان به ڪا نه ڪا مفاهمت ڪر موڙي رهي آهي.
هن مهل مخالف ڌر جا مجموعي طور تي ٽي مطالبا آهن. سڀ کان پهريون مطالبو اهو آهي ته ان مٿان هلندڙ احتساب جي عمل ۾ نرميءَ جو مظاهرو ڪيو وڃي ۽ مبينا ڪرپشن جي معاملي کي مخصوص انداز سان ان پاسي ڌڪيو وڃي، جنهن کي ٺيٺ پنجابيءَ ۾ ”مٽي پائو“ چيو ويندو آهي. ملڪ جي مخالف ڌر جو ٻيو اهم مطالبو اهو آهي ته ان کي ايندڙ چونڊن ۾ چانس ملڻ جي پڪ ڏني وڃي. ڇو ته هن مهل اقتدار جي غلام گردشن ۾ اهي افواهه عام آهن ته 2023 واري چونڊ ۾ نه رڳو عمران ڪامياب ٿيندو پر ٺيڪ ٺاڪ طرح سان ڪامياب ٿيندو. مخالف ڌر اقتدار کان ايترو گهڻو وقت پري رهي نه ٿي سگهي. مخالف ڌر پنهنجو اهو مطالبو به صاف لفظن ۾ رکيو آهي ۽ مخالف ڌر جو ٽيون مطالبو اهو آهي ته عمران خان کي اخلاقي طرح سان تنقيد ڪرڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي. مخالف ڌر جي انهن مطالبن تي همدرديءَ سان غور ڪرڻ جي پڪ ملڻ بعد مخالف ڌر ڪنهن حد تائين ڳالهه ٻڌڻ جي پوزيشن ۾ آئي آهي. ان ڪري ملڪ جي تمام تاڻيل سياسي فضا ۾ بظاهر ڪجهه نه ڪجهه نرمي پيدا ٿيڻ جا آثار ڏسجي رهيا آهن. جيتوڻيڪ هن مهل تائين مخالف ڌر پاران اهڙو ڪو بيان نه آيو آهي ته اها پنهنجي موقف تان هٽي رهي آهي يا اها ميدان ۾ مقابلو نه ڪندي يا اها حڪومت خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ پيش نه ڪندي. پر سڀ کان اڳ ۾ وزير اعظم جيڪو پنهنجي لهجي ۾ هلڪي تبديلي پيدا ڪئي آهي، اها صلح طرف سفر جو سنوڻ محسوس ٿي رهي آهي.
هونءَ ته پاڪستان جي سياسي موسم به ڪوهه مريءَ وانگر آهي. ان ۾ ڪا به ڳالهه پڪ سان چوڻ تمام مشڪل هجي ٿي پر پوءِ به ڪجهه نه ڪجهه اهڙا آثار ضرور پيدا ٿي رهيا آهن، جن مان ڪا مصلحت واري مام ظاهر ٿي رهي آهي. پاڪستان جي سياسي ماضيءَ ۾ هر طرح جا مثال موجود آهن. پارٽين جي ليڊرن ڪهڙي طرح ڪنهن جي خلاف ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ان باري ۾ هر ڪنهن وٽ تمام گهڻا تفصيل آهن. هن وقت جڏهن مخالف ڌر پاران ان تي اعتراض ٿي رهيو آهي ته وزير اعظم ملڪ جي معتبر سياسي اڳواڻن ۽ اڳوڻن حڪمرانن خلاف نازيبا ٻولي ڳالهائي رهيو آهي تڏهن تحريڪ انصاف وٽ به اهي مثال موجود آهن ته خواجه آصف جهڙي سينئر سياستدان شيرين مزاريءَ جي لاءِ جيڪو ٽريڪٽر ٽراليءَ وارو جملو چيو هو، ان ۾ ڪيتري اخلاقيات هئي؟ ان کان سواءِ عمران خان جي ذاتي زندگيءَ کي جهڙي ريت ميڊيا جي زينت بڻايو ويو ته ان ۾ ڪهڙي اخلاقي روايت لڪل هئي. جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن پاران به هڪ ٻئي جي خلاف غيراخلاقي ٻوليءَ جي استعمال جا مثال تمام گهڻا آهن. اهڙي طرح اهو نقطو تمام گهڻو تڪراري بڻجي وڃي ٿو پر بظاهر اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان هڪ قدم پوئتي هٽائڻ جي ابتدا ڪئي آهي ۽ هن پنهنجي تقريرن ۾ مخالف ڌر جي لاءِ اڻ وڻندڙ لقب ڏيڻ واري ريت کي روڪيو آهي. ان حوالي سان محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته مخالف ڌر ۽ حڪومت جي وچ ۾ هلندڙ محاذآرائيءَ کي مرحليوار ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. اهڙي طرح مخالف ڌر جو پويون مطالبو يعني نازيبا ٻوليءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ مٿان ابتدا ۾ عمل شروع ڪرايو ويو آهي. جڏهن ته ايندڙ مرحلن ۾ ٻيا معاملا سلجهاءَ جي صورت ۾ پيش ٿي سگهن ٿا.
عمران خان پنهنجي مجموعي شخصيت ۾ تمام گهڻو تيز ماڻهو آهي. هن جهڙي طرح مڪمل حمايت نه هوندي به گوڙ شور ڪري اقتدار جون واڳون پنهنجن هٿن ۾ ورتيون ته ان مان ئي هن جي شخصيت جو اهو پهلو سمجهڻ آسان آهي ته هو ڪهڙي طرح سان پنهنجا پتا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اڪثر طور تي اهو ٿيندو آهي ته جڏهن به مخالف ڌر گهڻو گوڙ ڪندي آهي ۽ اها عملي احتجاج واري دائري ۾ داخل ٿيڻ لڳندي آهي ته حڪومت جو رويو نرم ٿي ويندو آهي ۽ سرڪار وچ وارين قوتن کي سرگرم ڪندي آهي ته اهي سرچاءَ جو ڪو گس تلاش ڪن پر عمران خان پنهنجي آڪڙ ۽ انا کي قائم دائم رکندي مخالف ڌر جي دٻاءَ ۾ اچڻ بدران هڪ طرف عوامي محاذ کي اٿارڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ٿي ويو ۽ ٻي طرف هن مخالف ڌر جي لاءِ انتهائي چيڙائيندڙ ۽ طنز سان ڀرپور ٻولي استعمال ڪرڻ شروع ڪئي. هن جي اظهار جو انداز اهڙو بڻجي ويو جو ڪنهن لاءِ اعتبار ڪرڻ مشڪل ٿي پيو ته ڇا حڪومت جو سربراهه به ان مخالف ڌر سان اهڙي ٻوليءَ ۾ پيش ايندو آهي، جيڪا پارليامينٽ ۾ تمام گهڻي طاقت رکڻ واري هجي ۽ جيڪا حڪومت جا ڪجهه اتحادي ٽوڙي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿي. اهڙي مضبوط ۽ سياسي طور تي سگهاري مخالف ڌر جي خلاف عمران خان پنهنجي ٻوليءَ سان جيڪو ٻرڪو ڏيڻ شروع ڪيو، ان جي پويان به هن جي اسڪيم هئي. هن جي اها چال هن جي لاءِ فائدي جو سبب بڻجي ظاهر ٿي رهي آهي. هو جڏهن پنهنجي بيان مان بداخلاقيءَ جو عنصر هٽائڻ واري عمل کي پنهنجي پاران نيڪ نيتيءَ سان معاملا بهتر ڪرڻ واري ڳالهه بڻائي پيش ڪري رهيو آهي ته مخالف ڌر هن جي اها چال سمجهڻ جي باوجود به ماٺ ڪرڻ تي مجبور آهي.
مخالف ڌر جي ان ماٺ پويان به ڪا نه ڪا معنيٰ آهي. اها معني ان کان سواءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان کان صرف هڪ سال کسي هن کي پنهنجو مخالف بڻائڻ نه ٿي چاهي. عمران خان پنهنجي ابتدا ۾ اسٽيبلشمينٽ جو وڏو ناقد رهيو آهي پر هو جڏهن کان وٺي حڪومت ۾ آيو آهي ته هن جي اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ ٻولي ئي ٻي آهي. هو جهڙي طرح اسٽيبلشمينٽ جو دفاع ڪندو رهيو آهي ۽ جهڙي ريت هن جي چوڻ تي هلي رهيو آهي ۽ هن وقت تائين اهڙو ڪو به معاملو پيدا نه ڪيو آهي، جنهن سان حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪنهن مخالفت جي بوءِ محسوس ٿئي ته پوءِ هن کي هڪ سال لاءِ اقتدار کان الڳ ڪري کيس تمام گهڻي تلخيءَ ۾ آڻڻ جو ڪهڙو فائدو؟
۽ خاص تي ان صورت ۾ جڏهن عمران خان پنهنجي اقتدار کي لڏندو محسوس ڪندي پنهنجي ٻوليءَ مان اخلاقي رنڊڪون هٽائڻ جو مظاهرو به ڪري چڪو آهي ته اهڙي صورت ۾ عمران خان کي آئوٽ ڪرڻ هڪ رسڪ جيان آهي ۽ اها رسڪ سڀاڻي اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ ننڍو ئي سهي پر مسئلو ته ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ ۽ مسلم ليگ ن ۾ هن مهل تائين ڪيترائي معاملا منجهيل آهن. پيپلز پارٽي گڏيل مخالف ڌر ۾ مسلم ليگ ن جي ان مسئلي کي ڪيئن محسوس ڪري رهي آهي؟ ان جو اظهار به تمام جلدي ٿي ويندو. ڇو ته پيپلز پارٽيءَ جو نواز شريف کان پرڀرو ٿيڻ ۽ شهباز شريف جي ويجهو اچڻ ۾ به ڪا سياسي رمز رکيل آهي. اها سياسي رمز جلد ئي سامهون اچي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button