ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ هائوس تي ڪاهه

Editorial

ڪجهه ڏينهن کان ملڪ ۾ سياسي صورتحال غيريقيني واري لڳي پئي آهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر آمهون سامهون آهن. وزير اعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد واري رٿ جمع ڪرائڻ کان پوءِ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان سان نه رڳو جمهوري ڪلچر کي نقصان پهچي رهيو آهي پر حڪومتي وزير ۽ حڪومتي مشينري پڻ وائکي ٿي رهي آهي. جنهن جو تازو مثال اسلام آباد ۾ ٿيل سنڌ هائوس تي ڪاهه آهي. هر صوبي وانگر اسلام آباد ۾ موجود سنڌ هائوس نه رڳو سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي پر ان جا سڀئي معاملا به سنڌ حڪومت ڏسندي آهي، جنهن ۾ وفاق جي ڪا مداخلت نه هوندي آهي پر ڪالهه سنڌ هائوس تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ اتي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ اتي ٽڪيل ماڻهن کي هراسان پڻ ڪيو ويو. جڏهن ته امڪاني طور اهڙي ڪاهه کي ڏسندي اتان چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪيو ويو هو ته جيئن انهن کي ڪو نقصان نه پهچي ۽ اهي اسيمبلي واري اجلاس ۾ وڃي پنهنجي ووٽ جو حق ادا ڪري سگهن. پر جهڙي ريت پي ٽي آءِ حڪومت انهن خلاف واويلا ڪري رهي آهي ۽ عوام کي اشتعال ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان مان ائين ٿو لڳي ته اهي ڪي غدار آهن ۽ انهن حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڪا وڏي خطا ڪري وڌي آهي.
پي ٽي آءِ جن جمهوري قدرن جي دعويدار آهي، اها ڪجهه وقت کان انهن قدرن جي خلاف عمل ڪري رهي آهي. وزير اعظم عمران خان کي اليڪشن ڪميشن اها تنبيهه ڪئي هئي ته هو ڪجهه وقت لاءِ جلسن کي خطاب نه ڪري پر هو لاڳيتو خطاب ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجن سياسي مخالفن کي چٿڻ جون ڳالهيون وڏي واڪي هر جلسي ۾ ڪندو رهندو آهي. ان کانسواءِ سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ، پي ٽي آءِ کان باغي نمائندن خلاف احتجاج ڪرائڻ کان وٺي گار گند ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي. ڇا ڪابه سياسي پارٽي جيڪا پاڻ کي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي سمجهندي هجي ۽ اها اهڙيون حرڪتون ڪري ته ان کي جمهوري قدر چئي سگهجي ٿو؟ ڪالهه جڏهن سنڌ هائوس تي حملو ٿيو هو ته اسلام آباد پوليس بلڪل به لاتعلق نظر آئي، جڏهن ته ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ ايترو سولو نه هوندو آهي پر پي ٽي آءِ جا ڪارڪن نه رڳو ريڊ زون ۾ داخل ٿيا پر انهن سنڌ هائوس جو گيٽ ڀڃي اندر ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي. عدم اعتماد واري معاملي تي هاڻوڪي حڪومت ايتري ته ڪاوڙيل نظر ٿي اچي، ڄڻ هي عمل ڪو ملڪ دشمن عمل هجي ۽ ان سان سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو. عدم اعتماد جي حوالي سان اڳ به عرض ڪري چڪا آهيون ته هي هڪ آئيني ۽ جمهوري عمل آهي، ان کي مقرر تاريخ تي انجام ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. پر هتي ته هر قسم جو حربو استعمال ڪري سياسي صورتحال کي ايترو ڳنڀير ڪيو پيو وڃي جو لڳي ٿو ته ڪا ايمرجنسي واري صورتحال پيدا ٿي ويندي. وزير اعظم عمران خان جا صلاحڪار کيس بهتر نموني سياسي صورتحال کي منهن ڏيڻ جون صلاحون ڪونه ڏئي رهيا آهن، جنهن جي ڪري هي صورتحال پيدا ٿي پئي آهي. حڪومت اهڙو رويو اختيار ڪيو آهي جو لڳي ٿو ته اها حڪومت ۾ نه پر مخالف ڌر ۾ هجي ۽ پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ احتجاج ڪري رهي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته اسلام آباد ۾ هن وقت امن امان برقرار رکڻ بنهه گهڻو ضروري آهي، تنهنڪري اسلام آباد پوليس پنهنجون ذميواريون محسوس ڪندي نه رڳو سنڌ هائوس پر پوري شهر ۾ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهي ۽ حڪومت کي به گذارش آهي ته اها ڪي به اهڙا غير آئيني اپاءَ نه کڻي جنهن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي رهي. تنهنڪري ضروري آهي ته عدم اعتماد لاءِ ووٽ ڏيندڙن جو وڌ کان وڌ تحفظ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button