ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ووٽ جو الميو

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

ووٽ جو بحث يعني ان جي اهميت ۽ عزت جو سوال هڪ دفعو وري انهن صفن ۾ بحث جو موضوع بڻيو آهي جيڪي نواز شريف جي انهيءَ نعري “ووٽ کي عزت ڏيو” تي طنز ڪندا هئا. هاڻي هو ووٽ جي عزت جي اهميت تي ملڪيتي انداز سان هڪ ٻئي رخ ۽ ٻئي زاويي سان بحث ڪري رهيا آهن بي اعتمادي رٿ کان پوءِ اهو بحث پي ٽي آءِ جا اهي چاڪليٽي دانشور هن انداز ۾ ڪن ٿا ته پي ٽي آءِ سان پارٽي ۾ رهڻ جي باوجود جن ايم اين ايز وزير اعظم سان اختلاف رکندي بي اعتماديءَ جي رٿ تي مخالف ڌر جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ کليو اعلان ڪيو آهي نه رڳو اعلان ٿيو آهي پر هو پنهنجو پاڻ کي وفاقي حڪومت جي ۽ پنجاب سرڪار جي ممڪنه رياستي جبر کان بچڻ لاءِ سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ پاڻ کي محفوظ ڪيو آهي ڇو ته عمران خان ۽ سندس وزير اهو علي الاعلان چيو ته اسان جو ڪو به ايم اين اي بي اعتمادي رٿ جي ووٽنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو. هاڻي هو اجلاس ۾ ئي نه ويندو پارٽي جي اندر وزير اعظم سان اختلاف رکندڙ ايم اين ايز اهو محسوس ڪيو ته کين ڪجھه ڏينهن جي لاءِ سرڪار پنهنجي گرفت ۾ رکي سگھي ٿي، تنهنڪري هنن پاڻ کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ سنڌ هائوس ۾ رهايو. سندن چوڻ آهي ته هو وڌيڪ محفوظ آهن هڪ ڏينهن اڳ ۾ وزير اعظم ۽ وفاقي وزيرن اهي ئي بيان ڏنا هئا ته سنڌ هائوس جي اندر وڏي منڊي لڳل آهي ڪروڙن ۽ اربن روپين جا ٿيلها آندا ويا آهن، جنهن کان پوءِ گڏيل اپوزيشن ۽ خاص ڪري پ پ پ ضروري سمجھو ته سنڌ هائوس کي ميڊيا جي آڏو پيش ڪجي ۽ پوءِ اهو ئي ٿيو جيڪو پوري ملڪ ڏٺو.
بقول حامد مير جي ته پي ٽي آءِ جا ويھه ايم اين ايز سنڌ هائوس جي اندر موجود آهن، حڪومت ته انهن سڀني تي هڪ ئي الزام هڻي رهي آهي ته هو ضمير فروش ۽ قيمت تي وڪاميا آهن. ڪيتري قيمت؟ وفاقي سرڪار کي انهن جي وزيرن کي جيڪا فگر سمجهھ ۾ اچي ٿي اها ٻڌائن ٿا، پاڻ انهيءَ بحث ۾ نٿا وڃڻ چاهيون، ڇو ته اسان کي اها خبر ناهي ته پي ٽي آءِ خلاف ويندڙ ايم اين اي ڪيترا حقيقي اختلاف رکندڙ آهن، جن پهريائين يعني شروعاتي ڏينهن ۾ وزير اعظم ۽ مرڪزي وزيرن تي تنقيد ڪئي هئي، خاص ڪري نور عالم خان جنهن اسيمبلي سيشن ۾ چيو هو ته هن حڪومت ۾ يعني هن ملڪ ۾ جيڪا به برائي آهي، انهيءَ جا ذميوار اهي آهن جيڪي اسميبلي جي اڳين سيٽن تي ويهن ٿا. انهن جو احتساب ٿئي ته اڌ کان وڌيڪ عوام جا مسئلا حل ٿي ويندا. انهيءَ کان پوءِ نور عالم تي احتساب ۽ ٻين حڪومتي طاقتن جا ريڊار فوڪس ڪن ٿا.
هن سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ دانهون ڪيون پر خان صاحب وٽ هن سان ملڻ جو وقت نه هو کيس سبق سيکارڻ جي لاءِ شايد اشاره ئي ڏنائين تن ڏينهن ۾ اڃان بي اعتمادي جي رٿ پيش نه ٿي هئي. انهيءَ کان پوءِ جيڪو ڪجھه ٿيو ۽ مخالف ڌر جنهن طريقي سان چڙيل، رٺل ۽ محروم تمام فردن کي پنهنجي لابنگ ۾ نه رڳو آندو پر ممڪن آهي ته انهن کي فيسليٽيٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ مستقبل جون اميدون ۽ آسرا به ڏنا هجن، ڇو ته ايندڙ اليڪشن جي لاءِ ن ليگ جو گرام پنجاب ۾ وڌيڪ چمڪندي نظر پيو اچي، انهيءَ سان گڏوگڏ پ پ پ يا ٻين مخالف ڌر جي پارٽين کي به ڪمزور نه سمجھڻ گھرجي. حڪومت جي خلاف مخالف ڌر جڏهن ڪارڊ يعني ان جا پتا انهن جي آڏو شو ڪيا ته ان کان پهريان خود وزير اعظم سان جي يو آءِ ن ليگ ۽ پ پ پ جا ايم اين اي ملي چڪا هئا، حڪومتي وزير وڏي فخر سان ان پوري عمل کي باضمير فردن جو عمل ٿي سڏيو پر جڏهن مخالف ڌر ڪارڊ شو ڪيا ته حيرت جي حد نه رهي ۽ پوءِ وفاقي وزيرن ۽ فواد چوڌري ميڊيا ۾ کلي عام اهي جملا چيا ته “چونڊيل نمائندا وزير اعظم جي ووٽ تي چونڊجي آيا آهن، انهن کي مليل ووٽ انهن جي پيءُ ڏاڏي جا ناهن، تنهن ڪري هو عوام جي يعني وزير اعظم جي ووٽ جو ان ووٽ جي اعتماد سان دوکو پيا ڪن، انهن کي پهريان استعفيٰ ڏيڻ گھرجي”
مٿان وري سوني تي سهاڳ وزير داخلا جيڪو پنهنجي مخالفن جي لاءِ تنقيد جي تلوار استعمال ڪندي هر وقت اڏامندي نظر ايندو آهي، تنهن وزير اعظم کي اهوئي مشورو ڏنو آهي ته هو سنڌ حڪومت کي ختم ڪري اتي گورنر راڄ لڳائي. شايد سنڌ جي ماڻهن جي ووٽ جي عزت جو سوال هنن جي دماغ ۾ ناهي. بلڪل نه هوندو، ڇو ته هو سياسي عمل ۾ پي ٽي آءِ کي مليل ليڊر جي ڪرامت ۽ ڪارڪردگي سمجھن ٿا. انهن جي دماغ ۾ ڇا به هجي پر انهن جي زبان تي اهو اعتراف ٿيندي ٻڌو ئي ناهي ويندو ته پارٽي کي جيڪا سياسي سپورٽ ملندي آهي اها رڳو ليڊر جي ڪري نه پر انهيءَ سان گڏوگڏ ڪارڪن کان وٺي اليڪشن ۾ بيهندڙ نمائندن جي ۽ اميدوارن جي هڪ گڏيل محنت هوندي آهي ۽ پوءِ گڏجي ڪري اهي ووٽ هڪ صورت اختيار ڪندا آهن. ڀلي انهن کي توهان ڪهڙو به نالو ڏيو پر هڪ سادو سياسي ڪارڪن به اها ڳالهھ سمجھي سگھي ٿو، ليڊر جي پاپولرٽي صرف هڪ حد تائين هوندي آهي ۽ انهيءَ کان علاوه جڏهن ڪي پارٽيون تاريخ جون وڏيون تحريڪون هلائينديون آهن يا ليڊر انهن تحريڪن جي قيادت ڪندي عظيم قربانين مان گذرندا آهن تڏهن عوام ۾ انهن جي لاءِ عزت محبت ۽ سياسي جذباتي ڌارا جنم وٺندي آهي تڏهن هڪ سياسي اڀار طوفان جي صورت اختيار ڪري ويندو آهي پر ڪجھه سياسي جلسن ڪرڻ سان ۽ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ سان جلسن کي ميلائي رنگ ۽ روماني بڻائڻ سان پارٽي اڳواڻ اهو ليڊر نٿو بڻجي سگھي، جيڪو عوام جو مسيحا هجڻ جو اعزاز حاصل ڪندو آهي.
طبقاتي معاشري جي اندر خاص ڪري اسان جي ملڪ ۾ دولتي طبقي جا سياستدان جن ۾ جاگيردار، صنعتڪار ۽ سياسي سيڙپڪار ايترا ڪل وقتي سياست ڪندڙ ڪردار آهن جن جون آفيسون ۽ اوطاقون پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي لاءِ 24 ڪلاڪ کليل هجن ٿيون، هو اها پوري سيڙپڪاري عوام جي خدمت لاءِ ناهن ڪندا پر کين خبر آهي ته سياست هڪ وڏي صنعت آهي جنهن کي هلائڻ جي لاءِ وقت ۽ پيسو ٻئي خرچ ٿيندا ۽ هو اهو سڀ ڪجهھ ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا آهن سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي ڪردار موجود آهن خاص ڪري تاريخ جي اهڙن ڪردارن ۾ سکر جو علي حسن منگي مشهور ڪردار آهي جيڪو اليڪشن وڙهڻ کان پوءِ هليو ويندو هو ۽ اليڪشن ڏينهن ۾ ڇھه مهينا پهريان ايندو هو، هو کلي عام تڪ جي ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪندو هو ماڻهن کي چوندو هو ته “توهان جي لاءِ ڪمائڻ ويو هوس هاڻي حڪم ڪيو” انهيءَ کي شڪست ڏيڻ ايترو مشڪل هيو جو 1970 جي اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي به ان کي پارٽي ٽڪيٽ ڏني هئي. هن سکر مان اي ڪي بروهي کي شڪست ڏني هئي ڪمزور سياسي معاشرن ۾ عوام جي حب الوطني ڪلچر جي جمالياتي سحر ۾ هوندي آهي، رياست جا وسيلا ۽ دولت کي پنهنجو ايترو ناهن سمجھندا، جيترو رياست جي ان وسيلن تي رولنگ ڪلاس جو حق سمجھندا آهن. عام ماڻهو سياست ۾ ڪرپشن کي ايتري تنقيد ناهي ڏيندو، هن جي لاءِ وڌ کان وڌ مسئلو اهو هوندو آهي ته هو حڪومت جي ۽ ڪردارن جي سهولت مان ڪيترو فائديمند ٿئي ٿو، پاڻ ان جي ورجاءُ ۾ نٿا وڃون ۽ نه گھڻو تفصيل ۾ ٿا وڃون پر اليڪٽبل پرسن جي اصطلاح مان خبر پئجي ويندي آهي ته حقيقي سماجي گرائونڊ تي انهن جي حيثيت ڪيتري آهي جڏهن مخصوص سيٽن تي يعني اقليتن ۽ عورتن جي سيٽن تي انهن کي نوازيو وڃي جيڪي پهريان ماضي جي حڪومتن ۾ شامل رهيا پگھر ۽ رت وهائيندڙ ڪارڪن اقتداري ايوانن کان پري ئي رهيا تڏهن پارٽي ڪارڪن جي نظرياتي ڪمٽمينٽ ڪاٿي بيهيندي آهي ۽ ليڊر جا رويا عوام تي ڪيترو اثر ڇڏيندا آهن، ان کي سمجھڻ ڏکيو ناهي.
هاڻي جڏهن ايم اين ايز جي لاءِ حڪومت ووٽ جي دعويٰ ڪري ته هو عمران خان جي ووٽ تي چونڊجي آيا آهن ته اڻ سڌي طرح سان هو عوامي ووٽ کي پنهنجي يعني ليڊر جي جاگير تصور ٿا ڪن. عوام جي ووٽ جو اهو ئي الميو آهي. ڪڏهن طاقتور قوتون ان جي اهميت کان ۽ ان جي عزت کان انڪاري آهي ته ڪڏهن تبديلي پسند ليڊر ۽ ان جا ساٿاري ووٽ جي جيڪا تشريح ۽ عزت ڪن ٿا اها اسان جي سامهون آهي. هن وقت تائين ڪڏهن پارٽين جا خوشامدي دانشور پنهنجي ليڊرن کي اهو ناهن چوندا ته توهان جا اهي فيصلا جيڪي عوام کي چيڀاٽين ۽ نپوڙين ٿا يا سيزنل پکين جيان اڏامي آيلن کي اقتدار جي چشمن تي ويهاري ٿا ڇڏيو اها عوام جي مليل ووٽ جي بي عزتي آهي. انهن کي نه چوندا ته ووٽ جي عزت ڪيو پر ان ووٽ کي پنهنجي جاگير سمجهندا. تنهن ڪري ان ڪلاس ۾ جڏهن اها سوچ هوندي ته پوءِ وفاداري جا ۽ نڀاءُ جا پيمانا ڪهڙا هوندا.
ياد رکڻ گھرجي ته عمل ئي تاريخ جا نتيجا ڏيندو آهي ۽ اهي نتيجا ئي وڏا آئينه هوندا آهن پر هتي آئينن جو به هڪ الميو آهي ته هو جيڪو ڪجھه ڏيکارين ٿا انا پرست خوشامدي ۽ نرگسيت پرست جن جي لاءِ آئينو چڙ ڏياريندڙ هوندو آهي ۽ هو انهيءَ کي ڏسڻ ۽ سمجھڻ جي لاءِ تيار ناهن هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button