پاڪستان جي پارليامينٽري سياست ۾ اھڙي مارا ماري، تشدد ۽ بدمعاشي اسان ڪڏهن به نه ڏٺي جھڙي وزير اعظم عمران خان جي حڪومت ۾ روز ڏسون ٿا پيا. سنڌ ھائوس تي جمعي واري ڏينهن حملو ڪري جنهن غنڊاگردي جو عمران حڪومت ڏيکا ڏنو ان سان ملڪ جي بدنامي کان وڌيڪ خود عمران سرڪار جي سڄي دنيا ۾ خواري ٿي آھي. مخالف ڌر جي اڳواڻن انھيءَ حملي کي سخت لفظن ۾ نندي چيو آهي ته اها جمھوري سرشتي کي ڇيھو رسائڻ جي سازش آهي. ھونئن به عمران خان پنهنجي ساک وڃائڻ کان پوءِ شايد اھو سوچي ورتو آهي ته اپوزيشن وارا جيڪڏهن مون کي کيڏڻ نه پيا ڏين ته ڇو نه مان سياسي نظام جو ئي ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيان. مطلب ته نه پاڻ کيڏندس ۽ نه ئي مخالفن کي راند کيڏڻ ڏيندس. بيشڪ سندس اھا سوچ جمھوريت جي نفي ڪندڙ آهي پر ياد رکو ته ھو انھيءَ راند ۾ به ھارائيندو. ان جو ڪارڻ بنيادي طور تي ھي آهي ته طاقت جي غلط استعمال ۽ لکين ماڻهو اسلام آباد گھرائي ھو جنھن واھيات طريقي سان چونڊيل عوامي نمائندن کي ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي ان جي نتيجي ۾ اڃا به گھڻن سندس پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ تا پکڙجي ويو آهي. ھرھڪ باشعور انسان پنهنجي عزت ۽ آزاديءَ کي بچائڻ خاطر وقت جي حاڪم سان ٽڪر کائڻ کان نه مڙندو. خاص ڪري اھڙا اسيمبلي ميمبر جيڪي پاڪ ڪتاب تي ھٿ رکي ميڊيا جي سامهون بيان ڏين پيا ته اسان پنهنجن ووٽرن جي ڪاوڙ گھٽائڻ لاءِ عمران خان کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ ڏوڪڙن جي ڏيتي ليتيءَ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
حڪومت وٽ گھڻا ئي وسيلا آهن جن ذريعي اھڙي رشوت جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. بنا ڪنهن ثبوت جي وائڙپ مان ڪيل انھن اعلانن کي ڪوبه ڪونه مڃيندو ته ڪن پرڏيهي طاقتن عمران خان جي سرڪار کي ڊاهڻ لاءِ ڪروڙين ڊالر مخالف ڌر کي ڏنا آهن. بيشڪ اھو سوال سچو آهي ته سينيٽ جي تازين چونڊن ۾ حڪومت وٽ اڪثريت ھوندي به پيپلز پارٽيءَ جو رھنما ۽ اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ڊپٽي چيئرمين ڪيئن چونڊجي ويو؟ ٿي سگهي ٿو ته اھا به ڪروڙن جي ڪرامت ھجي پر ان کان اڳ سرڪاري ڌر جو چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي اپوزيشن پارٽين وٽ تمام گھڻي اڪثريت ھوندي ڪيئن چيئرمين منتخب ٿيو؟ ان حقيقت کي ته عمران خان ماٺ ميٺ ۾ ھضم ڪري ڇڏيو ۽ ڪوبه گوڙ گهمسان نه ڪيائين ته ڪروڙين رپين جي ڏيتي ليتي ڪيئن ڪئي ويئي آهي؟ ظاهر آهي ته پنهنجو مفاد ڏسي ھو ماٺ رهيو ۽ ھاڻي وري پنهنجي پارٽي تحريڪ انصاف جي ميمبرن تي الزام ٿو ھڻي ته انھن آصف زرداريءَ کان ويهھ ويهھ ڪروڙ وٺي پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو آهي. آخر ھي ٻٽو معيار مھانگائي جا سٽيل ڪروڙين ماڻهو ڪيئن قبوليندا؟
گذريل ھڪ ھفتي کان وزير اعظم پاڻ ۽ شيخ رشيد يا فواد چوڌري جھڙا واترادا ۽ غير سنجيده وزير اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڏھه لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جون ڀڀڪيون ڏين پيا، سي منھنجي خيال ۾ ته رڳو سگهاري ڌر کي بليڪ ميل ڪرڻ واسطي آھن ته جيئن اھي تحريڪ انصاف جي عوامي طاقت کان ڊڄي خوفزده ٿي وڃن ۽ اڄوڪين مشڪل حالتن ۾ ڦاٿل عمران خان جو ساٿ نه ڇڏين. پر ھنن ڌرين وٽ عوامي حمايت کي ماپڻ ۽ تورڻ جا جيڪي جديد طريقا آهن تن مان گھڻو اڳ کين پتو پئجي ويو ھو ته جيڪڏهن ناڪام ۽ بدنام وزير اعظم کي بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته بيروزگاريءَ ۽ مھانگائي کان چڙيل ۽ مڇريل ڪروڙين ماڻهو اسان کي ڪڏھن به بخش نه ڪندا.
ھر ڪنھن کي پنهنجي پڳ بچائڻي آهي ڇاڪاڻ ته عمران خان پنهنجي ناتجربيڪاري ۽ ڪرپشن جي ڪري ملڪ کي جنھن اونداهيءَ کاھي جي چوٽي تي آڻي بيهاريو آهي، اتان سواءِ تباھي ۽ برباديءَ جي ڪجھه به نه ورندو. آئون حيران آھيان پڙھيل لکيل ماڻھن پاران عمران خان کي ايماندار ۽ انسان دوست ليڊر سمجھڻ تي! ڇا انسان دوست شخص ملڪ جي سڀ کان اعليٰ عھدي تي ويھي چئن سالن کان ماڻھن کي رڳو اھو ڪوڙو ڀاشڻ ڏئي ته، “فڪر نه ڪريو، گھٻرايو متان” ۽ ماڻهن جي ٻچڙن کان ٻن ويلن جي ماني به کسجي وڃي تڏهن به آئيني طريقي سان قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن طرفان پيش ڪيل بي اعتمادي جي رٿ کي قانوني طرح قبول ڪرڻ بدران ملڪ جو وزيراعظم پاڻ انارڪي پيدا ڪرڻ لاءِ ھٿوراڙيون ھڻندو رهي؟
ان شخص کي اسان اقتدار جو بکيو ئي سمجھي سگھون ٿا. ھي ڪھڙي قسم جي عوام دوستي آهي جو ھڪ مقدس ايوان قومي اسيمبلي جنهن جي ميمبرن اوهان کي چونڊي وزير اعظم بڻايو، اڄ ان ساڳئي ايوان ۾ عوامي نمائندن کي داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اوهان گاديءَ واري شهر اسلام آباد جا روڊ رستا بند ڪري ڇڏيو؟ ھي ڪٿان جي جمهوريت آهي؟ عمران خان ته جمھوري نظام جي فضيلت ۽ آداب ستر سالن جي ڄمار تائين ڪونه سکي سگهيو آهي! پوءِ ھن شخص يورپ ۽ آسٽريليا جھڙن ملڪن ۾ ٽيهھ سال گذاري نيٺ ڇا سکيو، ڇا پرايو؟ آئون خاطريءَ سان لکان ٿو ته ھي ماڻھو وزير اعظم ته ڇا ڪنھن صوبي جو وڏو وزير ٿيڻ جي لائق به نه آهي.
سندس غير جمهوري حرڪتن جي ڪري تحريڪ انصاف جا ٻيا به گھڻا ميمبر اڄ باغي ٿي ويا آهن جن مان ٽن ڄڻن جا نالا مختلف ٽي وي چئنلز تان ٽپھريءَ وارين خبرن ۾ مون پاڻ ٻڌا آهن. تبصرو ڪندڙ ھڪ سڀ کان سينئر صحافيءَ اجھو ھينئر انڪشاف ڪيو آهي ته رات جي اونداھيءَ ۾ عمران خان لڪي لڪي راولپنڊيءَ پھتو جتي واڳ ڌڻين کي ڏاڍي منٿ ميڙ ڪيائين ته منهنجي خطائن کي معاف ڪريو، اپوزيشن ليڊرن کي روڪيو ته مون کي بيعزتو ڪري نه ڪڍن پر کيس ٺپ جواب ڏنو ويو ته “سياسي پارٽين جي ويڙھه ۾ اسان اڻ ڌريا ئي رهنداسين. ھاڻي فقط غير جانبدار ٿي تماشو ڏسنداسين”
انھيءَ واقعي کان اڳ ۾ مولانا فضل الرحمان به ٽي چار ڏينهن اڳ راولپنڊي پھچي سگھاري ڌر کي دانھن ڏني ھئي ته اوهان وزير اعظم عمران خان کي سمجھايو ته اسان کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ بند ڪري. عمران خان اھا حقيقت ھڪ عام جلسي ۾ پڌري ڪري ڇڏي ته ”جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته مولانا صاحب کي ڊيزل نه چئو. جنھن تي مون وراڻيو ته اھو لقب عوام پاران مولانا کي ڏنو ويو آهي.“ ھي شخص ايڏو ڳھيلو ۽ گمراھه ثابت ٿيندو سو ته ڪنهن سوچيو به نه ھو. ھاڻي به وڏي بيوقوفي ڪري سندس سرڪاري وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن تي عدالت پابندي ھڻي ته اھي بي اعتمادي واري رٿ جي موقعي تي منھنجي خلاف ووٽ نه ڏين. ظاهر آهي ته ڪابه عدالت ماڻھن جي ضمير تي بندش نه ٿي لڳائي سگهي. ھا، ايترو ضرور آهي ته جيڪي به ميمبر آئين جي آرٽيڪل 63-A جي ڀڃڪڙي ڪندا، انھن جا ثبوت جڏهن سرڪاري وڪيل سپريم ڪورٽ کي ڏيندو ته اھڙن ثبوتن آڌار کين اعليٰ عدالت نا اهل قرار ڏيئي سگهي ٿي. پر جيسين اھڙو فيصلو اچي تيسين عمران خان جا ته ڪم ئي لھي ويندا.
سڀ کان وڏو ۽ بنيادي سوال منهنجي ذهن ۾ ھي پيدا ٿيو آهي ته ڇا 2018 ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت حاصل ڪئي ھئي؟ جواب آهي ته، نه! رنڊڪن، رڪاوٽن ۽ ڌانڌلي باوجود پاڪستان مسلم ليگ نواز شريف سڀني کان گھڻيون سيٽون کٽيندڙ جماعت ھئي. پر جيئن ته اسٽيبلشمينٽ ڪجھه وقت اڳ ۾ نواز شريف کي عدالت ذريعي وزير اعظم جي عهدي تان هٽايو ھو ۽ کيس ھر حالت ۾ اقتدار کان محروم ڪرڻو ھو تنھن ڪري سندس پارٽي مسلم ليگ جي اڪثريت کي گھٽائڻ خاطر ايم ڪيو ايم، چوڌري شجاعت حسين جي مسلم ليگ قاف، مختلف پارٽين مان ڇنل ۽ آزاد ميمبرن جو سانداڻو ٺاھڻ لاءِ جھانگير ترين جي ھوائي جھاز ۽ سرڪاري وسيلن کي ناجائز نموني ڪتب آڻي، عمران خان کي مصنوعي طريقي سان وزير اعظم منتخب ڪرايو ويو.
سولي سنڌيءَ ۾ ھيئن کڻي چوان ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ گذريل عام چونڊن جي نتيجن سان ھٿ چراند نه ڪري ھا ته عمران خان ھرگز وزير اعظم نه بڻجي سگهي ھا. اپوزيشن جي سمورين پارٽين جي سڀني اڳواڻن پھرين ڏينھن کان ئي سليڪٽيڊ ۽ سليڪٽر تي چونڊ نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جو الزام ھڻي اليڪشن رزلٽ کي قبول ڪرڻ کان ڄڻ ته انڪار ڪري ڇڏيو هو.
ان ھوندي به جمھوري سرشتي کي قائم رکڻ خاطر مخالف ڌر وارن زھر جو ڍڪ ڀري عمران خان کي “سليڪٽيڊ پرائيم منسٽر” طور قبوليو ته جيئن سسٽم پٽڙيءَ تان نه لهي سگھي. پاڻ ساڍا ٽي سال ڏينهن رات وزيرن ڪبيرن ۽ خود وزير اعظم کي فخر سان بار بار اھو چوندي ٻڌو ته “حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ساڳئي صفحي تي آهن” ھن قسم جي ڳالهه مون پنهنجي پنجاهھ سالن واري صحافت ۾ ڪنهن به سياسي ليڊر واتان نه ٻڌي. ايتري قدر جو جنرل ضياءَ جي استخاره وسيلي مذهبي طريقي سان منتخب ڪيل وزير اعظم محمد خان جوڻيجي به ڪڏهن اھڙي ڳالھه نه ڪئي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته جوڻيجي صاحب وٽ تمام وسيع سياسي تجربو ھو ۽ پاڻ ھڪ نفيس، باوقار ۽ ايماندار سياسي رھنما ھو. عمران خان جي ڪرپشن جا ڪيس ته ايف آئي اي جي اڳوڻي سربراهه بشير احمد ميمڻ ئي اھڙا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، جن کي ڪابه اسٽيبلشمينٽ غائب يا دفن ڪرڻ چاھي ته نٿي ڪري سگهي. عمران خان جو ھي سمورو رينگٽ آھي ئي احتساب کان بچڻ لاءِ، پر ھو ھرگز ڪونه ٿو بچي سگهي. خاص ڪري مخالف ڌر سان سندس بدسلوڪي ۽ سنڌ ھائوس تي ڪرايل حملي کان پوءِ ته سياسي اختلاف کي وزير اعظم پاڻ ذاتي دشمني بڻائي ڇڏيو آهي. آئون شروع کان لکندو رهيو آهيان ته عمران خان ھوڙھيائي ۽ بدمعاشي ڪري پنهنجي ٻنھي پيرن تي ڪھاڙا وھائي ڪڍيا آهن ۽ سياسي طور تي صفا جڏو ۽ معذور ٿي چڪو آهي. اھڙن مغرور تونگرن کي ڪنهن دشمن جي لوڙ نه ھوندي آهي.