ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تمر جا ٻيلا بچايو

هڪ پاسي ڪوٽري ڊائون اسٽريم ۾ گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي سمنڊ ۾ تمر جي ٻيلن جي واڍي ڪري سڄي آبي جيوت جي زندگي خطري ۾ وڌو ويو آهي. خبرون آهن ته سمنڊ ۾ تمر جي ٻيلن جي واڍي ڪراچي کان ڪيٽي بندر تائين تيز ٿي وئي آهي، سمنڊ جي آبي جيوت مڇي جي نرسري تباهه ۽ جهينگي ۽ مڇي جي واڌ ويجهه کي خطرناڪ نقصان ٿي رهيو آهي. ڪراچي کان ڪيٽي بندر واري سامونڊي پٽي ۾ تمر جي گهاٽن ٻيلن جي واڍي جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. بااثر مافيا تمر جي ٻيلن جي واڍي ڪرائڻ ۾ مصروف آهي، سمنڊ ۾ آبي جيوت جهينگي ۽ مڇي جي نسل ڪشي سان گڏ طوفانن توڙي زلزلن کي روڪيندڙ تمر جي گهاٽن وڻن، ٻيلن جي تباهي تي سرڪاري ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. ابراهيم حيدري، ريڙهي مياڻ، لٽ بستي، چشما ڳوٺ، پن ڪالوني، الياس جت ڳوٺ سميت سڄي ساحلي پٽي ۾ ڀنڀور تائين تمر جي گهاٽن ٻيلن جي واڍي جو سلسلو تيز ڪري تمر جي قيمتي ڪاٺي کي ڪراچي جي بازارن ۾ وڪرو ڪري سرمائيدار ڪروڙين روپيا ڪمائي سمنڊ جي تباهي ڪرڻ ۾ ڏينهن رات لڳي ويا آهن. ان ڏس ۾ ڳالهائيندي ماهيگير سماجي سنگت جي مرڪزي ٻڌايو ته 1950ع واري ڏهاڪي دوران انڊس ڊيلٽا ۾ تمر جي وڻن جا 8 قسم موجود هوندا هئا، جڏهن ته هن وقت صرف 3 قسم بچيا آهن، اهڙي صورتحال جي ڪري مڇي جي پيداوار تي گهرا اثر پيا، ڇو ته تمر جا ٻيلا مڇي جي افزائش جا قدرتي ذريعا آهن. جيڪڏهن تمر جي ٻيلن جو تحفظ نه ڪيو ويو ته ڪراچي شهر کي طوفاني تباهيءَ جي خطرن کان ڪير به بچائي نه سگهندو، ڇو ته تمر جي ٻيلن کي تيزي سان وڍي تباهه ڪيو پيو وڃي، سمنڊ ۾ مٽيءَ جي ڀرائي ڪري قبضا ڪيا پيا وڃن، خوبصورتي ۽ ترقي جي آڙ ۾ اهڙي تباهي کي دعوت ڏني پئي وڃي، جنهن جو ڪڏهن به ازالو نه ٿي سگهندو ۽ اسان سمورن کي انهن تباهين جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ڇو ته ماحوليات جي هي تباهي سامونڊي طوفان کي جنم ڏئي سگهي ٿي. هن چيو ته تمر جي ٻيلن کي مقامي بااثر ماڻهو غير قانوني طور تي لکين رپين ۾ ٺيڪي تي ڏيندا آهن، جيڪي 200 رپيا ڏهاڙي تي مزدور رکي واڍي ڪرائيندا آهن، مختلف ڪارخانيدار تمر جي ڪاٺي ٻارڻ ۾ استعمال ڪرڻ سان گڏ ماچس جي تيلي ٺاهڻ، آئسڪريم اسٽڪ ٺاهڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪتب آڻيندا آهن. سمنڊ مان تمر جا ٻيلا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن ۽ سمنڊ ڪنارن تي آباد ماهيگير وسنديون غير محفوظ ٿي رهيون آهن. تمر جا ٻيلا ماحوليات، انساني ۽ آبي جيوت جي زندهه رهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. تمر جا ٻيلا ماحوليات ۾ موجود زهريلي هوا کي جذب ڪري آڪسيجن خارج ڪندا آهن، تمر جي پاڙن ۾ جهينگي مڇي جي افزائش ۽ حفاظت ٿيندي آهي. هڪ ٻئي ماهيگير اڳواڻ ٻڌايو ته جيڪڏهن هي ٻيلا ختم ٿي ويا ته سڀ کان وڏو نقصان ڪراچي شهر کي ٿي سگهي ٿو ۽ سونامي جهڙن خطرناڪ طوفانن کي روڪڻ لاءِ ڪا به فطري شيءِ نه هوندي. سمنڊ ڪنارن لڳ تمر جي ٻيلن کي وڍي مٽيءَ جي ڀرائي ڪري سمنڊ کي زمين ۾ تبديل ڪري قبضا ڪيا پيا وڃن ۽ ڪو به سرڪاري کاتو اهڙي غير قانوني ڪم کي روڪڻ کان لاچار آهي. تمر جي ٻيلن جي واڍي روڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر سرڪار ان تي ڌيان نه ڏئي وڏي تباهي کي جنم ڏئي رهي آهي. حڪومتي ادارا، ماحوليات تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز ۽ مقامي ماڻهو تمر جي ٻيلن جي تحفظ ۽ افزائش لاءِ عملي ۽ موثر قدم کڻن، تمر جي واڍي ۾ مصروف مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
اها صورتحال تمام گهڻي سنگين آهي. حڪمرانن کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اڳ ۾ ئي ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري ماحولياتي تباهي اچي چڪي آهي. مٿان تمر جي ٻيلن جي ايئن بيرحمي سان واڍي ڪري ماحوليات کي اڃا به وڌيڪ تباهه ڪيو پيو وڃي. ايڏي وڏي تباهي جاري آهي پر حڪمران اڃا تائين اک نه پيا پٽين. چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن تمر جي ٻيلن جو تحفظ نه ڪيو ويو ته ڪراچي شهر کي طوفاني تباهيءَ جي خطرن کان ڪير به بچائي نه سگهندو. اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. حڪمرانن کي جلد تمر جي ٻيلن جي واڍي واري عمل تي پابندي هڻڻ گهرجي. جيڪي جيڪي به ان ڏوهه ۾ ملوث آهن، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button