ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ حڪومت جو مستقبل

Editorial-Article-Ali Thaheem

موجوده پي ٽي آءِ حڪومت ظاهري طور تي پنهنجي آئيني حيثيت وڃائي چڪي آهي. حڪومت خلاف مخالف ڌر جي پارٽين پاران بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪئي ويئي ته مخالف ڌر سان گڏ حڪومتي اتحادين توڙي پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز پاران پنهنجي حڪومت خلاف بي اعتمادي ڪندي مخالف ڌر جي ڪيمپ ۾ وڃي پناهه ورتي اٿن. هڪ اندازي موجب مخالف ڌر وٽ هن وقت 190 کان 200 جي لڳ ڀڳ ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. عمران خان جڏهن ڪنٽينر تي اسلام آباد ڌرڻي دوران تقريرون ڪندو هو ته قوم کي ياد آهي ته هو چوندو هو (ن) ليگ سان تعلق رکندڙ حڪمرانن کي استعيفا ڏيڻ گهرجي. هو اهو به چوندو هو ته آئون وزير اعظم هجان ۽ مون کان جيڪڏهن 500 ماڻهو احتجاج ڪري استعيفا جو مطالبو ڪندا ته آئون ترت گهر هليو ويندس، پر لڳي ٿو هتي به هاٿي وارو پهاڪو فٽ ٿو بيهي جنهن ۾ چوندا آهن ته هاٿي جا ڏند ڏيکارڻ وارا هڪڙا آهن ۽ کائڻ وارا ٻيا آهن.
عمران خان ته پنج سئو ماڻهن جي ڳالهھ ڪئي هئي، کانئس ته لکين ماڻهن گڏجي استعيفا جا مطالبا ڪيا پر هن استعيفا نه ڏني. جي يو آءِ جي لانگ مارچ ۾ هزارين ماڻهن استعيفا جو مطالبو ڪيو پر هن استعيفا نه ڏني. پ پ پ لانگ مارچ ڪيو، عمران خان کان استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو، هن استعيفا نه ڏني. پي ڊي ايم سڄي ملڪ ۾ وڏا جلسا ڪيا انهن جلسن ۾ استعيفا جا مطالبا ڪيا ويا، هن استعيفا نه ڏني. هو مسلسل يوٽرن وٺندو رهيو. وزيراعظم عمران خان فقط انهن مسئلن تي يو ٽرن نه ورتو پر سندس ساڍن ٽن سالن دوران هن اڻ ڳڻيا يوٽرن ورتا آهن.
هن وقت وزيراعظم خلاف مخالف ڌر پاران بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪئي ويئي آهي سندس گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، پر لڳي ائين پيو ته هو اقتدار ڇڏڻ لاءِ ذهني طور تي تيار نه آهي. سندس ڳالهين مان ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هي ملڪ کيس سڄي عمر ٺيڪي تي مليو هجي يا هن ملڪ جون ذميواريون هن اڪيلي تي آيل آهن. عدم اعتماد بابت حڪومت جو موقف مڪمل طور تي غير جمهوري لڳي رهيو آهي. وزيراعظم بار بار اهو چئي رهيو آهي ته هي ملڪ چورن جي حوالي نه ڪندس. ڪڏهن چوي ٿو ته انهن ملڪ کي چاليهھ سال لٽيو آهي، انهن چورن جي حوالي ملڪ نه ڪندس. حڪمران جماعت بي اعتمادي واري رٿ کان به فرار اختيار ڪرڻ ٿي چاهي. حڪومت پاران اسلام آباد ۾ ايندڙ آچر تي جلسي جو اعلان ڪيل آهي. ان جي جواب ۾ پي ڊي ايم ۽ پ پ پ پاران 25 تي اسلام آباد ۾ لانگ مارچ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. حڪومت پاڻ ته پنهنجي جلسي کي جمهوري چئي رهي آهي پر مخالف ڌر جي لانگ مارچ ۽ جلسي کي حالتون خراب ڪرڻ جي سازش قرار ڏيئي رهي آهي. حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن جي زبانن مان جيڪي گل ڇڻي رهيا آهن، سي به سڀني جي سامهون آهن. وزير ۽ مشير باقاعدا گار گند تي لهي آيا آهن. انهن جي روين سبب سندن ميمبر به ساٿ ڇڏي رهيا آهن، جنهن تي سرڪار الزام لڳائي رهي آهي ته سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ في ميمبر کي ڪروڙين روپيا ڏيئي وفاداريون مٽايون پيون وڃن.
وزير اعظم ۽ وزير مشير چون پيا ته لوٽن خلاف عوامي ردعمل ايندو. سرڪار جي اهڙي اعلان کان پوءِ اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس تي حملو ٿيو. پنجاب ڪي پي ڪي ۾ ڪيئي ايم اين ايز جي گهرن آڏو احتجاج ٿيا آهن. لڳي ائين پيو ته ڪارڪنن کي هٿ وٺي اهڙين حرڪتن لاءِ اڪسايو پيو وڃي.
هن وقت تائين پي ٽي آءِ انتهائي ۽ ظاهر ظهور ڪمزور پچ تي بيٺل آهي. حڪومت ظاهري طور اخلاقي برتري وڃائي چڪي آهي جنهن کان پوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ ۾ في الحال ڪن لاٽار کان ڪم پيو وٺي. اسپيڪر جي اهڙي روش کان پوءِ بلاول ڀٽو ڌمڪي ڏني آهي ته اسپيڪر جيڪڏهن 21 مارچ تي اجلاس نه گهرايو يا اجلاس ۾ بي اعتمادي واري رٿ کي ايجنڊا تي نه رکيو ته اسان قومي اسيمبلي اندر ويهي رهنداسون، پوءِ ڏسون ٿا ته حڪومت او آءِ سي ڪينئن ٿي ڪري. جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن اهڙي حرڪت ڪئي ويئي ته توهان سان اهڙو حشر ڪنداسون جو توهان جا ست نسل ياد ڪندا.
هن وقت تائين حڪومت ۽ مخالف ڌر جو ميچ دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. حڪومت اک جو پاڻي ڏيکاري ڦري ويل ميمرن کي لٺ ۽ چٺ ڏيکاري واپس آڻڻ لاءِ جتن پيئي ڪري پر اڃا تائين حڪومت کي ڪا ڪاميابي نه ملي آهي. ان هوندي به شيخ رشيد، شهباز گل، فواد چوڌري، حماد اظهر توڙي ٻيا وزير مشير کليون ڌمڪيون پيا ڏين. شيخ رشيد ته ٽين قوت جي اچڻ جون به ڌمڪيون پيو ڏي. بي اعتمادي واري رٿ ته هڪ قانوني رستو آهي، اهو هر ڪنهن جو حق آهي پر حڪومتي ڌر هر صورت اقتدار ۾ رهڻ ٿي چاهي، پوءِ چاهي ان جي ملڪ کي ڪيتري به قيمت ادا ڪرڻي پوي.
هن وقت تائين اسلام آباد ۾ صورتحال انتهائي منڌل آهي. هر ڪو پريشان آهي ته الائي ڇا ٿيندو. اسلام آباد ۾ او آءِ سي اجلاس بابت سفير به پريشان آهن. سفيرن پاران حڪومت کان پڇاڻو ڪيو پيو وڃي ته ڪو مسئلو ته نه ٿيندو. مخالف ڌر دعوا پيئي ڪري ته بي اعتمادي رٿ ۾ حڪومت خلاف 200 کان وڌيڪ ووٽ پوندا، جن ۾ مبينا طور 3 وزيرن بابت به خبرون سامهون اچي رهيون آهن ته اهي به باغي ٿيندا. حڪومت باغي ميمبرن کي نا اهل ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس موڪلڻ جو ارادو رکي ٿي پر هو اتحادين مسلم ليگ (ق) ايم ڪيو ايم ۽ باپ پارٽي کي ڇا ڪندي يا انهن 17 ايم اين ايز کي ڇا ڪندي جيڪي آزاد حيثيت ۾ چونڊجي آيا هئا. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ڦري ويل ميمبر پنهنجي وزيراعظم خلاف ووٽ ڏيئي سگهن ٿا. انهن جو ووٽ ڳڻيو ويندو. ان کان پوءِ پارٽي چيئرمين، اسپيڪر جي سفارش تي کين فقط ڊي سيٽ ڪري سگهجي ٿو. بهرحال هر صورت حڪومت اڪثريت وڃائي چڪي آهي. حڪومتي حربا ڪامياب ٿيڻ ممڪن نظر نٿو اچي. هن وقت تائين حڪومت پنهنجو آخري اوور کيڏي رهي آهي ۽ سندس ڪاميابي آسمان تان تارا لاهڻ کان گهٽ نه هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button