نواز ليگ جي دور ۾ جيئن پاناما پيپرز وارو معاملو آيو هو ته ان وقت نواز شريف لاءِ معاملا خراب ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. عمران خان ۽ شيخ رشيد اهو معاملو ڪورٽ ۾ کڻي ويا، جنهن کان پوءِ نواز شريف لاءِ اڃا به رستا سوڙها ٿي ويا هئا. جسٽس ثاقب نثار جهڙو ماڻهو پي ٽي آءِ کي رب ڏياريو ۽ هن نيٺ قانون کان مٿانهون ٿي نواز شريف خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ نواز شريف اڄ ڏينهن تائين نا اهل قرار ڏنل آهي. پر ان زماني ۾ “ڪمپني بهادر” نه رڳو پي ٽي آءِ لاءِ هر قسم جون سهولتون پيدا ڪيون پر ان سان گڏ ان عمران خان جي رستي ۾ آيل سڀئي رنڊڪون پڻ ختم ڪيون. جيئن ته اهو فيصلو ٿي چڪو هو ته 2018ع وارين چونڊن ۾ اقتدار پي ٽي آءِ حوالي ڪرڻو آهي، تنهنڪري سادي اڪثريت سان هڪ اهڙي حڪومت وجود ۾ آندي وئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جا پنهنجا ميمبر گهٽ پر پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کان ڌار ٿيل ماڻهو وڌيڪ هئا، باقي جيڪي آزاد اميدوار هئا، اهي پي ٽي آءِ جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ويا ۽ اهڙي ريت اهو سلسلو هلندو رهيو پر جيئن اقتدار ملڻ جا ڏينهن هوندا آهن، ائين ئي اقتدار کسجڻ جا به ڏينهن هوندا آهن.
جڏهن نواز شريف کان اقتدار کسجي رهيو هو ته هو اها ڳالهه به ڪندو هو ته هڪ سازش ٿي رهي آهي، پر ڪڏهن ان سازش ڪندڙن جو نالو نه ورتو. هاڻ جڏهن پي ٽي آءِ جي اقتدار جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن ته اها به اهو چئي رهي آهي ته هي هڪ عالمي سازش آهي. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي عالمي طاقتن کي للڪاريو آهي. پر اهي ڪهڙيون عالمي طاقتون آهن، جيڪي عمران خان نيازيءَ کان ڊڄي ويون آهن، جڏهن ته عالمي طاقتن (خاص طور آمريڪا) کي ته رڪ جا چڻا روس جو صدر ولاديمير پيوٽن چٻائي رهيو آهي. جيڪو هن وقت يوڪرين تي حملي آور آهي ۽ ڪنهن جي به ڪونه پيو ٻڌي. پي ٽي آءِ جي جن ميمبرن اهو فيصلو ڪيو آهي ته اهي هاڻ پي ٽي آءِ جو حصو نه رهيا آهن ۽ پنهنجي ضمير موجب ووٽ ڏيندا، انهن کي هاڻ پي ٽي آءِ هڪ نا اهلن جي پارٽي لڳي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته پي ٽي آءِ جو هاڻ اقتدار ۾ ڪو مستقبل ناهي رهيو ۽ عمران خان نيازي ڪيتريون به ڌمڪيون ڏئي ڇڏي، هو پنهنجي اقتدار کي جلسن وسيلي بچائي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪو حاڪم اقتدار ۾ ايندو آهي، تڏهن به هو وڏا وڏا جلسا ڪندو آهي ۽ جڏهن اقتدار مان وڃڻ وارو هوندو آهي تڏهن به هو وڏا جلسا ڪندو آهي.
ملڪ ۾ ڌرڻن ۽ روڊ بند ڪرڻ جي روايت عمران خان نيازي وڌي هئي. ان سلسلي کي هو حڪومت ۾ هوندي به جاري رکندو پيو اچي. هونئن ته عام طور ڌرڻا ۽ احتجاج مخالف ڌر جو ڪم آهي پر حڪومت هوندي عمران خان نيازيءَ جي پارٽي اپوزيشن خلاف احتجاج ڪري رهي آهي. هو نه رڳو اپوزيشن پارٽين کي ڌمڪائي رهيو آهي پر انهن کان پلاند وٺڻ جو به چئي رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ گهرو وزير شيخ رشيد سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. پر ان عمل جي نه رڳو پي ٽي آءِ اڳواڻن حمايت نه ڪئي پر عملي طور ان کي لاڳو به نٿو ڪري سگهجي.
جڏهن ملڪ ۾ ڪا هائبرڊ حڪومت قائم ڪئي وئي هجي ۽ ان کي اهو اختيار ڏنو وڃي ته اها ملڪ جي سڄي سياسي ۽ جمهوري ڪلچر کي گندو ڪري ته پوءِ ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ ضرور پيدا ٿيندو آهي. عمران خان نيازي عوام کي هر جلسي ۾ انگلينڊ جي جمهوريت جا مثال ڏيندو آهي پر هن وقت جيڪي ڪجهه هو پاڻ ڪري رهيو آهي ۽ جن اپائن وسيلي جمهوريت کي نقصان پهچائي رهيو آهي، اهو سڀ ان جمهوري ڪلچر جي ابتڙ آهي، جنهن جا مثال هو سالن کان ڏيندو پيو اچي. پر هي مسئلو رڳو اپوزيشن جي گڏجڻ يا عمران خان نيازيءَ مان جان ڇڏائڻ جو ناهي بلڪه ملڪ جي معيشت ۽ سياسي اڪيلائيءَ جو به آهي. ان سياسي اڪيلائيءَ ۾ واڌ ان ڪري به ٿي آهي جو پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ انهن سڀني مسئلن کي حل نه ڪري سگهي، جن لاءِ اها دعوائون ڪندي رهي آهي. “ڪمپني بهادر” جي آسري هلندڙ حڪومت کي جڏهن اهو چيو ويو ته هاڻ پنهنجن سياسي مسئلن کي پاڻ منهن ڏيو ته پارٽي صفا واريءَ جي ڀت ثابت ٿي. پي ٽي آءِ جو هن وقت جيڪو ڪردار آهي، اهو ساڳيو ڪردار هن جو 2014ع ۾ هو، جڏهن اها پارليامينٽ هائوس ۽ پي ٽي وي تي حملو ڪري رهي هئي. ان وقت به عمران خان نيازي پنهنجن ڪارڪنن کي کليل ڇوٽ ڏئي ڇڏي هئي.
عمران خان نيازيءَ کي شايد اهو اندازو نه هو ته هن خلاف به عدم اعتماد اچي سگهي ٿي ۽ هن لاءِ اقتدار جا گس وڌيڪ سوڙها ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ ۽ سندس وزير اها دعويٰ ڪندا رهيا آهن ته کين 10 سالن لاءِ اقتدار مليو هو، ان ڪري اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پنج سال به پورا نه ٿيا آهن جو کين اقتدار کان ڌار ڪيو پيو وڃي. پر چونڊجي اچڻ هڪ جمهوري عمل آهي، ان لاءِ اڳواٽ خواهش ته ظاهر ڪري سگهجي ٿي پر ڪنهن به ريت دعويٰ نٿي ڪري سگهجي. عمران خان نيازي هن سڄي عمل دوران پاڻ کي هڪ آمر طور محسوس ڪرايو آهي. جنهن وٽ نه جمهوري قدرن جي ڪا اهميت آهي نه ئي هو ملڪ ۾ ان جمهوري ڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن جو هو وڏي واڪي علمبردار بڻيل آهي. سنڌ هائوس تي ٿيل حملي کان پوءِ اها ڳالهه به واضح ٿي وئي آهي ته حڪومت تشدد جون ڪارروايون ڪري سياستدانن تي وڌيڪ اثرانداز ٿيڻ چاهي ٿي.
شهباز گل جهڙا وزير اعظم جا صلاحڪار جهڙو رويو هن وقت اختيار ڪري ويٺا آهن، ان سان عمران خان نيازيءَ لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا. عمران خان نيازيءَ جي وڪالت ڪندي سندس چوڻ آهي ته هن ابيسليوٽلي ناٽ چيو ان ڪري کيس هٽائڻ جي سازش ٿي رهي آهي ۽ سڄي قوم هن سان گڏ آهي. هن ملڪ جي قوم ڪڏهن ڪنهن ليڊر سان ڪانه رهي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو کان وڌيڪ پاپولر اڳواڻ هن وقت تائين ڪونه آيو آهي پر هو به ڦاهي چڙهي ويو. نواز شريف کي جڏهن غير ضروري ڪيس ۾ سزا آئي ته قوم هن جي چوڻ تي ٻاهر نه نڪتي ۽ ٻي اهم ڳالهه ته جنهن ڳالهه جو حُوالو پي ٽي آءِ جا صلاحڪار ۽ وزير ڏئي رهيا آهن، ان جو پسمنظر اهو ڪونهي، جيڪو پيش ڪيو پيو وڃي. ملڪي سالميت ۽ خودمختياريءَ جي حوالي سان جيڪي ڪجهه اسان کي پي ٽي آءِ ٻڌائيندي رهي آهي، معاملا بلڪل ان جي ابتڙ آهن. تنهنڪري پي ٽي آءِ کي ان خوشفهميءَ جو شڪار نه رهڻ گهرجي ته ان کان اقتدار هليو ويو ته عوام جو سمنڊ شيهي جي ديوار بڻجي وِيندو.
ڪالهه تائين نواز شريف کان استعيفيٰ گهرندڙ عمران خان نيازيءَ جا پنهنجا وزير ئي هن کي گهر وڃڻ جو چئي رهيا آهن. ان ڪري جو اقتدار جو سج لهندي دير ناهي لڳندي. تنهنڪري هن وقت جيڪو ماحول پي ٽي آءِ ۽ عمران خان نيازي خلاف تيار ٿي رهيو آهي، اهو اقتدار جو خاتمو جلدي ڪندو.