ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام لاءِ اڻ لڀ ٿيندڙ بجلي

Editorial

پي ٽي آ حڪومت اچڻ کان پو ان جي ڪجهه مستقل شڪايتن مان هڪ شڪايت اها به رهي آهي ته هتان جو عوام ٽيڪس نٿو ڏئي. جيڪڏهن ٿلهي ليکي ٽيڪس جو ڪاٿو ڪيو وڃي ته عوام ته هر قسم جو ٽيڪس هر اسم تي ادا ڪري ٿو. هو نه رڳو کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس ڏئي ٿو پر جيڪي شيون هو استعمال ڪري ٿو، انهن تي به ٽيڪس ڏيندو رهي ٿو، جيئن بجلي، پاڻي ۽ گئس وغيره. ملڪ ۾ بجلي، پاڻي، گئس ۽ پيٽرول ايترا ته مهانگا ٿي رهيا آهن جو عام ماڻهو جي پهچ کان اهي ٻاهر ٿيندا پيا وڃن. ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي حڪومت جيڪا ڪنهن زماني ۾ مهانگائي جي شڪايت ڪندي هئي، اها پاڻ مهانگائي وڌائڻ جي ذميوار آهي ۽ ان پنهنجي حڪومتي مدي ۾ ان نه رڳو کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ڪيون آهن، پر ان سان گڏ روزمره ۾ استعمال ٿيندڙ جيڪي به شيون آهن، انهن جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن. بجلي هڪ اهڙي سهولت آهي، جيڪا عوام جي ضرورت آهي. پر ان جا اگهه به ايترا ته مهانگا ڪيا ويا آهن جو ائين ٿو لڳي ايندڙ وقت ۾ عوام بجلي جو استعمال ئي ختم ڪري ڇڏيندو. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آ جي حڪومت ۾ بجلي جو هڪ يونٽ ايترو ته مهانگو ڪيو ويو آهي جو عوام بجلي استعمال ڪرڻ کان به گهٻرائڻ لڳو آهي. جڏهن بجلي جو اگهه وڌي ٿو ۽ ان تي ٽيڪس لڳايا وڃن ٿا ته اهو سڄو خرچ عوام ڀريندو آهي. عوام جي کيسي تي بار وڌو ويندو آهي. پر حڪومت کي ان جي ڪابه پرواهه نه هوندي آهي. جڏهن ته هئڻ ائين گهرجي ته بجلي وڌ کان وڌ سستي ڪئي وڃي ته جيئن عوام ان جو استعمال وڌيڪ ڪري سگهي پر هتي عوام جيتري وڌيڪ بجلي استعمال ڪندو آهي ان جو في يونٽ وڌيڪ چارج ٿيندو آهي. هاڻوڪي حڪومت جيتري بجلي مهانگي ڪئي آهي، تاريخ ۾ ان کان وڌيڪ مهانگي بجلي عوام استعمال نه ڪئي هوندي. ڪالهه هڪ ڀيرو وري بجلي هڪ في يونٽ 5 روپيا مهانگو ڪيو ويو آهي.

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) بجلي 5 روپيا في يونٽ تائين مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. سي پي پي اي فيبروري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 4 رپيا 99 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. سي پي پي اي موجب فيبروري ۾ پاڻي مان 18 ڏهائي 22 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. جڏهن ته ڪوئلي مان 31 ڏهائي 70 سيڪڙو ۽ فرنس آئل مان 6 ڏهائي 51 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. پاور پرچيزنگ ايجنسي موجب مقامي گيس مان 11 ڏهائي 36 سيڪڙو ۽ ايل اين جي مان 15 ڏهائي 16 سيڪڙو بجلي پيدا ٿي. ان کان سوا جوهري ٻارڻ مان به 12 ڏهائي 53 سيڪڙو بجلي پيدا ٿي. نيپرا موجب فيبروري لاءِ ريفرنس فيول لاڳت 4 رپيا 25 پئسا في يونٽ مقرر هئي. سي پي پي اي في يونٽ بجلي 4 رپيا 99 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، جنهن تي شنوائي 31 مارچ تي ٿيندي. منظوري جي صورت ۾ بجلي جي صارفين مٿان 3 ارب 95 ڪروڙ روپين جو اضافي بار پوندو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ ڀيرو وري بجلي جو بم عوام مٿان ڪرڻ وارو آهي. جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزير اعظم عمران خان اهو اعلان ڪيو هو ته هو بجلي 5 روپيا سستي ڪري رهيو آهي ۽ اهي اگهه ايندڙ بجيٽ تائين برقرار رهندا. پر تنهن هوندي به بجلي هڪ ڀيرو وري مهانگي ڪئي وئي آهي. جڏهن بجلي مهانگي ٿئي ٿي ته بجلي تي هلندڙ صنعتون جيڪي اسم تيار ڪن ٿيون، اهي پنهنجن اسمن جا اگهه به وڌائي ڇڏيندا آهن ۽ نتيجي ۾ ماڻهن تي مهانگائي جو ٻيڻو بار پوڻ شروع ٿي ويندو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت وقفي وقفي سان بجلي جا جيڪي اگهه وڌائي رهي آهي، ان سان نه رڳو عوام جي مالي حالت متاثر ٿيندي پر اهي معاشي طور به ڏتڙجي ويندا. تنهنڪري تجويز ڪيل اگهن کي بلڪل وڌايو نه وڃي بلڪه بجلي جا اگهه اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽايا وڃن. ڇاڪاڻ ته وزير اعظم عمران خان پاڻ ئي چوندو رهيو آهي ته عوام مهانگي بجلي استعمال ڇو ڪري ۽ ڇو آ ايم ايف جي شرطن تي ٽيڪس ادا ڪري؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button