ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ھيري پوٽر جي دنيا I-

Editorial-Article- Kaleem Butt

تعارف:
ھيري پوٽر ويھين ۽ ايڪويھين صديءَ جو اھو افسانوي ڪردار آھي، جنهن سڄي دنيا ۾ مشھوري ماڻي، برطانوي ليکڪه جي ڪي رولنگ جي ھيري پوٽر سيريز ۾ ست ناول آھن جيڪي 1997ع کان ڇپجڻ شروع ٿيا. انهن ۾ ھيري پوٽر اينڊ دي سوسرس اسٽون (فلاسفرس) 1997، ھيري پوٽر اينڊ دي چيمبر آف سيڪرٽس 1998، ھيري پوٽر اينڊ دي پرزينر آف اڪزبان 1999، ھيري پوٽر اينڊ دي گوبليٽ آف فائير 2000، ھيري پوٽر اينڊ دي آڊر آف فيونڪس 2003، ھيري پوٽر اينڊ دي ھاف بلڊ پرنس 2005 ۽ ھيري پوٽر اينڊ دي ڊيٿلي ھالوز 2007. ھي ست ناول اسان کي جادو جي دنيا ۾ وٺي ٿا وڃن، جنهن ۾ ليلي ۽ جيمز پوٽر نالي جادو ڪندڙ جوڙي جي پٽ ھيري پوٽر ھاگورٽس اسڪول آف وچ ڪارفٽ اينڊ وزرڊري ۾ گذاريل ستن سالن جو احوال ۽ جادو واري دنيا جي سڀ کان خطرناڪ جادوگر لارڊ ولڊومورٽ سان ڪيل جنگ جو ذڪر ملي ٿو. ولڊومورٽ ڪاري جادو جو بادشاهه ھو ۽ ان ڪري کيس دي ڊارڪ لارڊ جو نالو مليو، ھن کي اھڙن ماڻھن جيڪي جادو کان واقف نه ھئا (مگلس) يا جن جي ما يا پي مان ڪو ھڪ جادوگر ھو (ھاف بلڊ) کان تمام گھڻي نفرت ھئي ۽ سندس خيال ھو ته رڳو مڪمل جادوگرن (پيور بلڊ) کي ئي زنده رھڻ جو حق ھو. ان لاءِ ھن مگلس ۽ ھاف بلڊ کي مارڻ شروع ڪيو، جنهن به جادوگر يا جادوگرياڻي سندس رستا روڪ ٿي ڪئي، ھن ان کي به ماري ٿي ڇڏيو. ھن پنهنجي ھڪ مڪمل فوج تيار ڪئي جنهن کي ڊيٿ ايٽرس جو نالو ڏنو. ھيري جي ما ۽ پي ولڊومورٽ خلاف بغاوت ڪئي ته ھو انهن کي مارڻ لاءِ سندن گھر پھتو، جڏھن سندس نظر ننڍڙي ھيريءَ تي پئي ته ھن ان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھيري کي بچائڻ لاءِ سندس ماءُ ليلي وچ ۾ اچي مري وئي، ولڊومورٽ جو جادو واري عمل (اسپيل) موٽي اچي ھن کي لڳو ۽ ھيريءَ کي به لڳو، جنهن جي ڪري اڻڄاڻائي ۾ ھيري ولڊومورٽ جو ستون ھرڪاڪس بڻجي ويو ۽ ھيري جي نراڙ تي ھڪ نشان ٺاھي ھليو ويو، جنهن کانپوءِ جادوگرن جي دنيا ۾ ھيري پوٽر، اھو ڇوڪرو جيڪو “بچي ويو” جي نالي سان مشھور ٿيو، سواءِ ڪارو جادو ڪندڙ جادوگرن جي باقي سڀني جادوگرن ۽ جادوگرياڻين لاءِ اھو ضروري ٿي پيو ته ھيري پوٽر کي زنده رکن، ڇو ته رڳو ھيري ۾ ولڊومورٽ کي ھارائڻ جي طاقت ھئي. ان ڪري يارهن سالن جي ڄمار تائين ھيري سندس ماسي پيوٽينا وٽ رھيو، جيڪا ھن کان نفرت ڪندي ھئي. ھنن ستن ناولن تي وارنر براس فلمون به ٺاھيون، جن جو ھدايتڪار ڊيوڊ يٽس آھي.
ولڊومورٽ جا ھارڪاڪس:
ولڊومورٽ کي موت جو ڀئو ھو، ان ڪري ھن سدائين زنده رھڻ لاءِ سندس روح جا ست ٽڪرا ڪيا ۽ انهن کي مختلف شين ۾ لڪايو، جيئن ڪنهن ديو يا جن جي زندگي ڪنهن طوطي ۾ ھوندي آھي. اھڙي نموني ھن جادوگر جي زندگي انهن ستن ھارڪاڪس ۾ لڪل ھئي، جيستائين اھي ھارڪاڪس ختم نه ٿيندا ولڊومورٽ کي موت نه ايندو. اھي ست ٽڪرا ھئا:
ٽام ريڊل جي ڊائري جنهن کي ھيري پوٽر دي چيمبر آف سيڪرٽس ۾ ختم ڪيو.
ولڊومورٽ جي ماَ مارولو گانٽ جي منڊي
ھيلگا ھفلپف جو ڪوپ
سليزار سليٿرن جو لاڪٽ
نگيني نالي نانگ
روينا ريون ڪلف جو تاج، ۽
ھيري پوٽر.
ولڊومورٽ ھاگورٽس اسڪول جي بانين مان ھڪ سليزار سليٿرن جي نسل مان ھڪ جادوگر ھو، جيڪو نانگن سان ڳالھائي سگھندو ھو.

ھاگورٽس اسڪول آف وچ ڪارفٽ اينڊ وزرڊري:

ھيري پوٽر سيريز موجب ھي جادو، ٽوڻي جي تعليم لاءِ دنيا جو بهترين اسڪول ھو، جيڪو برطانيا ۾ ھو ۽ ان جو بنياد 990 ۾ رکيو ويو. ھن اسڪول جي عمارت ھڪ تمام وڏي قلعي ۾ ھئي جنهن کي ڪيسل به سڏبو ھو. ھي اسڪول ڪاري نديءَ جي ڪپ تي اڏيل ھو، ھتي يارهن سالن کان ارڙھن سالن جي جادوگرن ۽ جادوگرياڻين کي مختلف جادو واري عملن جي سکيا ڏني ويندي ھئي، ھن اسڪول جو بنياد جادو واري دنيا جي چئين وڏن جادوگرن گورڊرڪ گرفنڊور، سليزار سليٿرن، روينا رون ڪلف ۽ ھيلگا ھفلپف وڌو ۽ انهن جي نالن سان اسڪول ۾ چار گھر جوڙيا ويا، جن ۾ جادو واري ٽوپي (سورٽنگ ھيٽ) جي مدد سان شاگردن کي چونڊيو ويندو ھو، ھن سيريز جا ٽي اھم ڪردار ھيري پوٽر، ھرمائني گرنجر ۽ رون وزليءَ کي گرفنڊور ھائوس ۾ رکيو ويو، جڏھن ته سيريز جي ٻن اھم ولنن ولڊومورٽ ۽ ڊارڪو مالفي کي سليٿرن ھائوس مليل ھو. جنهن وقت ھيري ھتي پھتو، ان وقت اسڪول جو ھيڊماستر البس ڊمبلڊور ھو. ھي اسڪول انهن ماڻھن جن کي جادو واريون صلاحيتون نه ھيون (مگلس) جي نظرن کان لڪل ھو. جڏھن ته لنڊن اسٽيشن جي پليٽ فارم نون ٽي ڀاڱي چار تان ھاگورٽس ايڪسپريس سال ۾ ھڪ ڀيرو شاگرد کڻي اسڪول پھچندي ھئي.
اسڪول ۾ ھڪ تمام وڏي لائبرري به ھئي جنهن مان ھيري پوٽر ٻين ڪيترن ڪتابن مان ٽي ڪتاب شاعر ٻيجل (اصل نالو بيٽل آھي پر ترجمي ۾ ٻيجل نالو استعمال ڪبو) جون آکاڻيون (دي ٽيلز آف بيڊل دي براڊ)، زمانن کان ھلندڙ ڪيوڊچ راند (ڪيوڊچ ٿرو ايجز) ۽ بهترين حيوان ۽ انهن کي ڪٿي ڳولھجي (فنٽيسٽڪ بيسٽس اينڊ وئير ٽو فائينڊ ديم) پڙھيا. جيتوڻيڪ اھي سڀ افسانوي نالا ھئا، پر سموري دنيا ۾ ليکڪه جي ڪي رولنگ کان اھو سوال ٿيڻ لڳو ته ڇا اھي ڪتاب حقيقي آھن؟ اول ته ھن افسانوي چئي سندس مداحن کي مطمئن ٿي ڪيو، پر نيٺ 2008ع ۾ ھن شاعر ٻيجل جون آکاڻيون لکي ڇپرايو، جنهن ۾ پنج آکاڻيون آھن.
دي ٽيلز آف بيڊل دي براڊ:
جي ڪي رولنگ جي ڏنل تفصيل موجب: بيڊل دي براڊ جون آکاڻيون، نوجوان جادوگرن ۽ جادوگرياڻين لاءِ اھي ڪھاڻيون آھن، جيڪي ڪيترين ئي صدين کان پسند ٿينديون پيون اچن. انهن ۾ ٽپا ڏيندڙ ديڳڙي ۽ خزاني وارو ڦوھارو کي عام ماڻھن جي ٻارن (مگلس) جي آکاڻين سنڊريلا ۽ سليپنگ بيوٽي جھڙي اھميت مليل آھي.
بيڊل جي آکاڻين ۽ اسان جي آکاڻين ۾ ڪيتريون ئي ھڪجھڙايون آھن، مثال طور: چڱائي سدائين کٽيندي آھي ۽ برائي يا بڇڙائي سدائين ھارائيندي آھي. پر ھنن آکاڻين ۾ ھڪ چٽو فرق آھي، عام ماڻھن وارين (مگلس) آکاڻين ۾ جادو ھيرو يا ھيروئين جي مسئلي جي پاڙ ھوندو آھي، جيئن ڪنهن منحوس پوڙھي ڏائڻ جو زھر سان ڀريل صوف ڏيڻ يا شھزاديءَ کي منتر وسيلي سوين سالن جي ننڊ سمھارڻ يا شھزادي کي جادو جي مدد سان ڪنهن جانور جو روپ ڏئي ڇڏڻ. پر ٻئي پاسي “بيڊل دي براڊ جون آکاڻيون” ۾ اسان کي اھڙا ھيرو يا ھيروئين ملندا جيڪي پاڻ جادو ڪري سگھندا ھجن، پر ان ھوندي به ھنن کي سندن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اھي ئي ڏکيائيون ٿينديون آھن، جيڪي اسان کي ٿينديون آھن.
“بيڊل دي براڊ جون آکاڻيون” ڪيترن ئي نسلن جي مائرن ۽ پيئرن کي ٻارن کي اھا ڏکائيندڙ سچائي سمجھائڻ ۾ سولائي پيدا ڪنديون رھنديون آھن ته:
“جتي جادو اسان جون تڪليفون دور ڪندو آھي، اُتي اسان لاءِ ڏکيائيون پيدا به ڪندو آھي.”
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button