ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ پاڻيءَ جو بحران

Editorial

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي حوالي سان نه رڳو سنڌ حڪومت پر عام ماڻهو کان وٺي سياسي سماجي ڌرين تائين هڪ چٽو موقف آهي. جنهن موجب سنڌ کي گهربل مقدار ۾ پاڻي بنا ڪنهن رنڊڪ جي ملڻ گهرجي. پر پنجاب ۽ وفاق نه رڳو سنڌ کي ان جي حصي پتيءَ جو پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن پر سنڌو درياهه تي پاڻيءَ جون ڪيتريون ئي رٿائون به پڻ عمل ۾ اچي رهيون آهن. جنهن جي ڪري سنڌ جي پاڻيءَ جي ڪٽوتي ٿيندي رهندي آهي. تنهنڪري سنڌ کي ضرورت آهر پاڻي نٿو ملي. گذريل ڪيترن سالن کان پنجاب سنڌو درياهه تي پاڻيءَ جون رٿائون سنڌ جي اجازت بنا شروع ڪندو رهيو آهي. پر جڏهن سنڌ جا پاڻي ماهر ان تي اعتراض وارين ٿا ته انهن اعتراضن کي اڻ ٻڌو ڪيو ويندو آهي. هن وقت به تربيلا ڊيم تي ڪم جي سلسلي ۾ سنڌ جو پاڻي روڪيو ويو آهي.
آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران تربيلا ڊيم تي جاري ڪم جو بھانو ڄاڻائي سنڌ صوبي کي سندس مقرر ڪيل پاڻي جي حصي کان محروم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان صوبي ۾ شديد زرعي پاڻي بحران ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل زرعي فصل جو تباهه ٿيڻ جو خدشو آهي. اھڙيون ڳالهيون ھن پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيون. ڄام خان شوري چيو ته وفاقي حڪومت پاران 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت سنڌ صوبي کي پاڻي نه ڏئي سزا ڏئي رهي آهي. اسان وفاقي حڪومت جي اھڙي ظالماڻي ۽ غيرقانوني عمل تي سخت احتجاج ۽ شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھن چيو ته جيڪڏهن تربيلا ڊيم ۾ پاڻي موجود ناهي ته وفاقي حڪومت ۽ ارسا فوري طور تي منگلا ڊيم مان سنڌ صوبي کي پاڻي فراهم ڪن. ڇو ته سنڌ صوبو هن وقت 40 سيڪڙو جي پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنھن سان صوبي ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب زراعت جو شعبو سخت متاثر ٿيندو ۽ ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي ٻين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهميءَ جو بحران به پيدا ٿيندو.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جيڪي به اعتراض پاڻيءَ جي کوٽ جي حوالي سان اٿاريندي رهي آهي، سي سڀ جائز آهن. تنهنڪري سنڌ کي 91ع واري ٺاهه تحت پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جون زمينون آباد ٿي سگهن ۽ سنڌ جي زرعي معيشت کي هٿي ملي سگهي. ڇاڪاڻ ته هي معاملو سنڌ جي جياپي جو آهي، سنڌ جو آبادگار پاڻي لاءِ سڪي رهيو آهي، جنهن کي پنجاب جا حڪمران سمجهڻ لاءِ تيار نه آهن. پوڇڙي وارو صوبو هجڻ ڪري، سنڌ جي گهرج پوري ڪرڻ کان پوءِ واڌو پاڻي پنجاب کڻي سگهي ٿو پر سنڌ جي حصي مان کڻت ڪنهن به ريت جائز ناهي.

روهڙي واقعو: عورتن کي تحفظ ڏيو
سنڌ ۾ عورتن جي تحفظ تي سدائين سوال اٿندا رهيا آهن، اهي سوال ان ڪري به ٿين ٿا جو ڪئين اهڙا واقعا روزاني جي بنياد تي ٿيندا رهندا آهن، جيڪي ان ڳالهه جي شاهدي پيا ڏيندا آهن ته عورتون سنڌ ۾ ڪنهن به ريت محفوظ نه آهن. ڇاڪاڻ ته کين قتل ڪرڻ کان وٺي غيرت جي نالي تي مارڻ توڙي اغوا ڪرڻ جا واقعا عام جام ٿيندا رهندا آهن. جنهن جي ڪري عام تاثر اهو ئي اڀري ٿو ته عورتون سنڌ ۾ عدم تحفظ جو شڪار ٿي رهيون آهن. ڪجهه سالن کان هندو برادريءَ جي عورتن ۽ ڇوڪرين جي اغوا توڙي قتل جا واقعا سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ لاءِ خطرو ٿي پيا آهن. ان جا سبب کڻي ڪهڙا به هجن پر سنڌ جي مذهبي رواداري واري مزاج لاءِ اهو عمل بلڪل به ٺيڪ آهي. ٻه ڏينهن اڳ روهڙيءَ ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آهي، ان سنڌ ۾ عورتن جي تحفظ تي هڪ ڀيرو وري سوال اٿاري ڇڏيو آهي.
روهڙي ڀرسان پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند جوابدار گهر ۾ داخل ٿي نوجوان ڇوڪري پوجا اوڏ کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو ته ڇوڪري جي انڪار تي جوابدار کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال روهڙي آندو، جتان پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن روهڙي ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. انصاف جي خاطري کان پوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو. ان ڏس ۾ مقتولا جي پيءُ صاحب اوڏ چيو ته هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي منهنجي ڌيءَ کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. سفاڪ قاتل اسان جي هوليءَ جي خوشين کي ماتم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن واقعي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مجموعي طور سنڌ ۾ ڪابه عورت ڪنهن مهل به قتل ٿي سگهي ۽ خاص طور تي هندو برادريءَ سان تعلق رکندڙ ڇوڪريون سدائين نشاني تي رهن ٿيون. پوجا اوڏ جو قتل به اهڙي نوعيت جو آهي، جنهن کي جوابدار سندس گهر ۾ گهڙي قتل ڪيو هو. جيتوڻيڪ قاتل گرفتار ٿي ويو آهي پر بي گناهه قتل ڪيل نوجوان ڇوڪري واپس نٿي وري سگهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ آباد هر ماڻهو کي تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. اهي ماڻهو جيڪي هندو برادريءَ کي اڪ جي ماکي سمجهي، جڏهن ۽ جتي به چاهين قتل ڪري ڇڏين، اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. هيءَ هڪ افسوسناڪ واقعو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مقتوله جي وارثن سان انصاف ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ۽ سنڌ ۾ رهندڙ عورتن کي ان ڳالهه جو احساس عملي طور ڏيارڻ گهرجي ته اهي واقعي به محفوظ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button