وطن يا ڪفن ٽن لفظن تي ٻڌل ھي جملو پنهنجي اندر جذبن جي اھا تاريخ رکي ٿو جنهن کي ظاھر ڪرڻ لاءِ لفظن جي ذخيري جي سدائين کوٽ رھي آهي۔ چوندا آھن ته ڌرتي لاءِ جذبا عشق جي انتھا ھوندا آھن، اھا انتھا جنهن زندگي جھڙي خوبصورت نعمت کان انڪار ڪري پنهنجي لھو کي وطن جي مٽيءَ ۾ جذب ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ڇڏيو۔ اھا انتھا جنهن دنيا جي عقيدن کان پاسو ڪري دل ۾ جذبن جا علم بلند ڪري پوري ڌرتيءَ کي عبادت گاهه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اھا انتھا جنهن دردن، تڪليفن ۽ سڏڪن جي سيلابن ۾ پنهنجي ساهه سان جنگ وڙھي ڌرتيءَ جي سونھن جي سلامي ڀري اھا انتھا جنهن قيد خانن جي اذيتن کي خيالي تصور ڪري ضميرن کي زنده رکيو ۽ جھڪڻ کان شھيد ٿيڻ بھتر سمجھيو۔
سنڌ جي تاريخ شھيدن جا باب لکي ٿي، اھي باب جيڪي عظمتن، ڪردارن ۽ بھادريءَ جي مثالن کي تاريخ ۾ اهميت ڏياري انهن عظيم انسانن کي سدائين لاءِ امر ڪري ڇڏيو جنهن ڌرتيءَ جي بقا ۽ آزادي خاطر پنهنجن زندگين کي قربان ڪري ڇڏيو۔ جن سورمن جي ڪردارن تي نظر وجھون ٿا ۽ ڪردارن جي عظمتن تي غور ڪيون ٿا ته ھيمو ڪالاڻيءَ جي شھادت زندگين کي اھو ئٔي ثبوت ڏي ٿي ته مڃون ٿا آزاديءَ جا جھنڊا اکين کي ڏيکاري نه سگھياسين پر فخر ان ڳالهه تي آهي جو مرڻ تائٔين ضمير زنده رکياسين۔
23 مارچ 1923ع تي سکر شھر ۾ جنم وٺندڙ راھي ھيمن نالي ٻار جنهن کي دنيا ھيمو ڪالاڻيءَ جي نالي سان ياد ڪري ٿي، سندس ڪردار اھڙو روپ اختيار ڪيو جو ڪفن جي سفيديءَ ۾ به عظمتن جو رنگ ڀري ڇڏيو. 1942ع جي دور ۾ جڏھن ھندستان ۾ انگريزن خلاف آزاديءَ جي ويڙهه ھلندڙ ھئٔي، تڏھن سنڌ ۾ به جذبن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ زنده ضمير سڄاڳ ڪرڻ لاءِ لوڙي رھيا ھئا.
ھڪ طرف گورن جون طاقتون ذھني چالاڪيون ۽ پيسن عيوض ماڻهن جون نيلاميون پئٔي ھليون ته ٻئي طرف جذبن ۽ حوصلن سھاري خالي ھٿين سر تي ڪفن ٻڌي گھران نڪرندڙ فرد ٽولن جي شڪل ۾ ظاھر ٿي رھيا ھئا۔ ھڪ طرف غلامي قبول ڪري زندگي گذارڻ تي زور ڀريو پئٔي ويو ته ٻئي طرف آزاديءَ جي نعرن واري گونج ڌرتي اندر گونجڻ لڳي۔ جيتوڻيڪ ھيمو ڪالاڻيءَ جي ڄمار اڃا زماني جي ظلمن کي سھڻ جيتري نه ھئٔي پر چوندا آھن جذبا عمر جي محتاجي قبول ناھن ڪندا۔ اھا 23 آڪٽوبر جي رات ھئٔي، جڏھن کيس اطلاع مليو ته ھڪ ريل گاڏي گولا بارود ڀري سکر کان گذر ڪندي ۽ ھندستان پھچي ماڻھن مٿان استعمال ڪندي. کيس اھا به خبر ھئٔي ته فوج ھندستان تائٔين محدود نه رھندي، ڇو ته ان وقت سنڌ ۾ حر تحريڪ به زورن تي ھئٔي. ڪجهھ سوچ ويچار کان پوءِ ساٿين سميت ھلڻ لڳو ۽ انھن ريل گاڏي جي پٽڙيءَ کي ٽوڙڻ لڳو، جيئن ان سفر کي روڪي سگھجي ۽ ماڻھن کي ظلم کان بچائٔي سگھجي. اھا نصيبن جي بيوفائٔي ھئٔي جو کيس گرفتاريءَ جو تحفو مليو ۽ بعد ۾ ڪورٽ مارشل ڪري ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائٔي وئٔي جيڪا ان دور جي نا بالغ ٻار کي پھرين ملندڙ پھرين سزا ھئٔي۔
سندس وڪيل ان ڳالهھ تي گهڻو زور ڀريو ته ھيمو ڪالاڻي معافي نامي تي صحيح ڪري پر ھيمو ڪالاڻيءَ جو ھر ڀيري جواب ھو ته آئو ڪو ڏوھاري نه آھيان، مون بس پنهنجي نسل جي مستقبل ۽ ڌرتيءَ جي بقا خاطر اھو ڪم ڪيو. جيڪڏهن آزاديءَ سان جيئٔڻ ڏوهه آھي ته مون کي ان جي سزا قبول آھي ۽ پوءِ ظالمن 21 جنوري 1943ع تي کيس ڦاسي ڏئٔي. سدائين لاءِ ڌرتيءَ جي ھنج ۾ سمھاري ڇڏيو. اڄ ڏينهن تائين سندس ڪردار ۽ بھادريءَ کي اڄ ڏينهن تائين ياد رکيو آهي جنهن کي ختم ڪرڻ نا ممڪن آهي۔
الميو اھو آھي ته اڄ اسان پنهنجي ڪردارن جي وفا جي بدلي بيوفائٔيءَ جون ديوارون اڏي پاڻ کي معتبر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون۔ اسان پنهنجن نصابن ۾ ھٿرادو ڪردار مڙھي نئٔين نسل کي حقيقتن کان گمراهه ڪري پنهنجي تھذيب ۽ تاريخ سان غداري ڪري رھيا آھيون۔ اڄ شھيدن جو رت اسان جي حرڪتن کي حيرت سان ڏسي پيو ۽ ان ڳالهه جي وضاحت غلط ڪري پيو ته زندان اسان ڪاٽيا، ظلم اسان سٺا، اوھان جي سلامتي خاطر جھنم جھڙا عذاب اسان ڀوڳيا، قوم ۽ نسل جي بقا خاطر پنهنجا گھر اسان قربان ڪيا. اسان جلاوطني ان جي لاءِ قبولي ته جيئن توھان پنهنجي ڌرتيءَ تي سڪون سان رھي سگھو. اسان نظام خلاف بغاوت ان جي ڪري ڪئي جيئن اوھان انصاف پسند سماج ۾ زندگي گذاري سگھو. اسان ظلم جي خلاف ان جي ڪري اٿياسين جيئن توھان مظلوم نه بڻجي وڃو ۽ اسان يزيدن سان جنگ جو اعلان ان ڪري ڪيوسين جيئن توھان پنهنجي ڌرتيءَ تي يتيم نه ٿي وڃو۔ ڇا اسان جون اھي عظيم قربانيون اوھان کي سڄاڳ نٿيون ڪن. ڇا بي موت مرندڙ اسان جون زندگيون توھان جي سوچن تي ڪو اثر نٿيون وجھن۔
جڏھن توھان پنهنجن پيارن سان گڏ گھرن ۾ موجود ھئا، تڏھن اسان جھنگن، غارن ۽ رڻن ۾ موت جا سفر پئي ڪيا۔ جڏھن ميندي هٿن تي لائي، اوھان خوشين جا موڙ پئٔي ٻڌا تڏھن باغي جسمن کي ڪفن پارائي اسان مٽيءَ ۾ دفن پئٔي ڪيا. جڏھن توھان فقط پنهنجي اولاد جي بھتر مستقبل جو پئي سوچيو، تڏھن اسان ڌرتي ۽ قوم جي بقا خاطر پنهنجن ارادن کي پئٔي پوڄيو. ھر عذاب ھر تڪليف اسان پنهنجي کاتي ان ڪري لکرائٔي جيئن اوھان جي خوشين ۽ خوابن تي ڏکن جي نظر نه پوي۔ تاريخي آئٔينو صاف ڪري غور سان ڏسو ته ماضي جي عڪس مان اھو نظر ايندو جتي ماڻھو رنگين لباس ۾ نظر ايندا اتي اسان جا ڦاٽل ڪپڙا به رنگن جي لھو سان ملندا، جتي ماڻهن آسائٔشن لاءِ دولت گڏ ڪئٔي اتي زنجيرن جا زخم ھٿڪڙين جا حوالا صدين جا سليب ۽ سوريءَ جا سور اسان جي ملڪيت ھئٔي، نه ھيمو جا ڪي محل ھئٔا نه شھيدن جي جاگير ھئٔي۔ ڇا ڌرتي ۽ قوم سان محبت ايڏو وڏو ڏوهه آھي جو ان ڏوهه جي سزا ۾ قوم ياد به نٿي ڪري۔
ياد رکو ته ڌرتيءَ سان جڙيل ھر شيءِ قوم جو اثاثو ھوندي آهي۔ اوھان قومي ڪردار وساري ڇڏيندا ته ڌرتي اوھان کي وساري ڇڏيندي. اوھان جي تاريخ اوھان جو آئٔينو آھي. جيڪڏهن پنهنجي آئٔيني کان انڪاري آھيو ته ان جو مطلب ته اوھان پاڻ سان پنهنجي وجود سان سچا ناھيو.