ملڪ جو سياسي منظر هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙو روپ اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن مان پاڪستان جي سياسي نظام جي ناپختائپ پڌري ٿي پئي آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان 21هين صديءَ ۾ سفر ڪري رهيو آهي پر پاڪستان جي سياست پوءِ به 20هين صديءَ مان پنهنجي جند آجي نه ڪري سگهي آهي. ڇا اهو ملڪ جو مقدر آهي ته هن ۾ حڪومتن کي پنهنجو مدو پورو نه ڪرڻ نه ڏنو وڃي!!؟ پاڪستان ۾ جيڪي به حڪومتون آيون آهن، انهن جا ٻه قسم رهيا آهن. هڪ چونڊيل حڪومتون ۽ ٻيون مڙهيل حڪومتون. چونڊيل حڪومتون پاڻ کي جمهوري چونديون آهن ۽ مڙهيل حڪومتن کي آمريتي حڪومتون ڪوٺيو ويندو آهي. پاڪستان ۾ هن مهل تائين جيڪي به فوجي حڪومتون آيون آهن، انهن جو اعلان اهو هو ته تمام جلدي پنهنجا ٽپڙ گول ڪنديون. جنرل ضياءَ جي آمريت سڀ کان وڏو مثال آهي. جڏهن ته جنرل ضياءَ کان وٺي مشرف تائين هر آمر جلدي وڃڻ جو واعدو ڪري تمام گهڻي دير ترسي پيو. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ چونڊيل حڪومتون ملڪ جي آئين مطابق اينديون ته پنجن سالن جي لاءِ آهن پر انهن حڪومتن مان اڪثر حڪومتون پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهنديون آهن. اسان پوئين ڀيري ڏٺو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي حڪومتن کي مدو ته پورو ڪرڻ ڏنو ويو پر انهن جا وزير اعظم پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهيا. هن ڀيري ساڳيو وار عمران خان جي مٿان ٿي رهيو آهي. عمران خان جو خيال هو ته هن کي صرف پنج نه پر ڏهه سال ملندا. مطلب ته هو ايندڙ مدي ۾ به ملڪ جو وزير اعظم هوندو. پر حالتن جي ڪيفيت ٻڌائي رهي آهي ته هو پنهنجو هاڻوڪو مدو به مشڪل پورو ڪري سگهي. ڇوته جهڙي طرح مخالف ڌر جو پريشر مسلسل وڌي رهيو آهي ۽ حڪومت هر ڏينهن پنهنجا بيان تبديل ڪري رهي آهي، ان مان محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان جي حڪومت مشڪل حالتن جي حوالي آهي ۽ هن کي ڪو به اهڙو سهارو حاصل ناهي، جنهن جي بنياد تي هو سڪون محسوس ڪري سگهي.
عمران خان جي حڪومت جو اهڙو حال ڇو ٿيو آهي؟ ان جا سبب گهڻا آهن پر ٿلهي ليکي اسان کي اهو سمجهه ۾ اچڻ گهرجي ته عمران خان جي پويان جيڪي به سياسي قوتون هٿ ڌوئي پيون آهن، جيڪڏهن عمران خان انهن سان ڪجهه نه ڪجهه ڏيتي ليتي رکي ها ته اڄ هن جو اهڙوحشر نه ٿئي ها. ڇو ته جيڪڏهن پاڪستان جون پاڻ ۾ ويرياڻيون پارٽيون معنيٰ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي پاڻ ۾ ملي سگهن ٿيون ته پوءِ عمران خان ڪنهن هڪ پارٽيءَ سان ملي پنهنجي حڪومت کي مستحڪم ڪري ٿي سگهيو. خاص طور تي پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ نه ملڻ جهڙا آثار نه هئا. مسلم ليگ ن جي لاءِ اهو ممڪن نه هو ته جنهن اڳواڻ انهن جي اڳواڻ کي عبرت جو نشان بڻايو ۽ جنهن سياستدان سبب انهن جي حڪومت جي مدي تمام گهڻو تڪليف جو منهن ڏٺو، ان سان اتحاد ڪري، ان حوالي سان پيپلز پارٽي تمام گهڻو تيار هئي ته عمران خان ان کي پاڻ سان کڻندو ۽ ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ ڪوششون به ڪيون پر عمران خان پيپلز پارٽيءَ جي ڪا به پيشڪش قبول نه ڪئي. اهڙي حالت ۾ پيپلز پارٽيءَ وٽ ٻيو ڪو به آپشن نه بچيو ۽ هوءَ نه چاهيندي به ان پارٽيءَ سان گڏ بيهڻ لاءِ تيار ٿي وئي، جنهن پارٽيءَ هن کي پنجاب مان لوڌي ڪڍيو هو ۽ هن ڪڏهن به نه سوچيو هو ته عمران خان جي حڪومتي دور ۾ به هوءَ مسلم ليگ ن سان اتحاد ڪندي. ڇو ته پيپلز پارٽيءَ پنهنجي پاران پوري ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طرح سان اها عمران خان وٽ قبول پوي. ان جي ڪوشش جو وڏو رڪارڊ به موجود آهي.
پيپلز پارٽيءَ صدر جي چونڊ وقت به مسلم ليگ ن جو چيو نه مڃيو. ان ڳالهه تي مولانا فضل الرحمان تمام گهڻو ڪاوڙجي به ويو ۽ هن جي ڪاوڙ به جائز هئي پر هن کي اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻو پيو. ان کان پوءِ مولانا تمام گهڻي ڪوشش ڪري پي ڊي ايم ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي ويجهو وٺي آيو پر هن ڀيري به اهي پاڻ ۾ هلي نه سگهيا. ان وقت به مولانا تمام گهڻي غصي جو اظهار ڪيو هو. دراصل مسلم ليگ ن سان وڙهي پيپلز پارٽيءَ پوئين ڪوشش ڪئي ته هوءَ ڪنهن طرح سان عمران خان کي قبول پوي پر عمران خان ان صورت ۾ به پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي ويجهو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽيءَ جي اها مرضي هئي ته هوءَ تحريڪ انصاف کان وفاقي حڪومت ۾ ڪجهه وزراتون ۽ سنڌ ۾ بنا ڪنهن اوني واري صوبائي حڪومت حاصل ڪري پر عمران خان ان جي لاءِ تيار نه هو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عمران خان ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙو ٽڪراءُ نه رهيو آهي، جهڙو پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ رهندو آيو آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سان پيپلز پارٽي ايڏي وڏي جهيڙي ۽ فساد کان پوءِ به هٿ ملائي ۽ اقتدار ورهائي سگهي ٿي ته پوءِ ان کي تحريڪ انصاف سان اتحاد ڪرڻ ۾ ڪهڙو انڪار ٿيندو؟ پر پيپلز پارٽيءَ ڪوشش جي باوجود به جڏهن عمران خان جي پاران ڪو اشارو نه ڏٺو ته هن کي اهڙو رويو پنهنجي توهين محسوس ٿيو ۽ هن کي نه چاهيندي به هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ ن سان پنهنجا تعلقات بهتر ڪرڻا پيا. ڇو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي قيادت جهڙي طرح احتساب جي خوف ۾ مبتلا هئا، ان وقت انهن کي هڪ ٻئي جي مدد جي ضرورت محسوس ٿي ۽ هو هڪ ٻئي سان ملي ويا ۽ ان حالت ۾ مسلم ليگ ن کي به ڪافي شرمساري محسوس ٿي. ڇو ته مريم نواز سان جيڪو ڪجهه سلوڪ ٿيو هو، ان کان پوءِ مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف جو اهو فيصلو هو ته هو ڪڏهن به ٻيهر زرداري تي اعتبار نه ڪندو پر هن کي شهباز شريف مجبور ڪري وڌو ۽ هو نه چاهيندي به پيپلز پارٽيءَ سان گڏجي عمران خان جي حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ تيار ٿيو. هن مهل سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي پاڻ ۾ گڏجي عمران خان جي حڪومت کي ڪيرائي وينديون؟ عمران خان جي حڪومت وٽ ايترا ايم اين ايز ناهن ۽ هن وٽ جيڪي ايم اين ايز هئا به ته انهن مان ڪجهه ايم اين ايز جون وفاداريون تبديل ڪرايو ويون آهن ۽ ان حالت ۾ هن وٽ ايترا ميمبر ناهن جو هو اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري سگهي.
عمران خان ان حالت ۾ عوام جو رخ ڪيو آهي. هن جو خيال آهي ته هو عوامي دٻاءَ سان پنهنجي حڪومت کي بچائي ويندو. ان ڪري هن ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ ڏهه لک ماڻهن جو جلسو ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن ته عدالت جي پاران ان مسئلي تي قانون جو موقف ٻڌڻ بعد هن ان هنڌ تي جلسو نه ڪرڻ جو فيصلو نه ڪيو آهي پر هن جو هن مهل به 27 تاريخ تي تمام وڏو ميڙ ڪٺو ڪرڻ جو عزم جيئن جو تيئن موجود آهي. جڏهن ته هن کي مخالف ڌر ۽ خاص طور تي تازو مريم نواز اهو چيو آهي ته عمران خان کي گهرجي ته هو ڏهه لک ماڻهو نه ڏهه ميمبر وٺي اچي. جڏهن ته عمران خان کي به پتو آهي ته پاڪستان جي حالتن ۾ هن جي لاءِ ڏهه لک ماڻهو ڪٺا ڪرڻ ايترا مشڪل ناهن، جيترا اهي ڏهه ميمبر جيڪي مخالف ڌر سان ملي چڪا آهن. انهن کي ڌمڪائڻ ۽ انهن کي ڊيڄارڻ بعد به جڏهن عمران خان جو ڪم نه نڪتو ته هو انهن کي معاف ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويو ۽ کين اهو به چيائين ته هو انهن کان پئسا به وٺي اچن ته هن کي اعتراض نه هوندو پر اهي ميمبر ان حالت ۾ به عمران خان جي ويجهو اچڻ لاءِ تيار ناهن. ان صورت ۾ اهو سوال تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي ته ڇا عمران خان پنهنجي حڪومت بچائي سگهندو؟
عمران خان جي لاءِ مشهور آهي ته هن کي حڪومت ملڻ ۾ جنهن قوت جو ڪردار هو، هاڻي اها قوت عمرا خان جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي. اها ڳالهه سڀني کي نظر به اچي رهي آهي. ڇو ته عمران خان جي چوڌاري جيڪي قوتون پنهنجو گهيرو تنگ ڪري رهيون آهن، اهي قوتون ايتريون سگهاريون ناهن جو اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ کان ٻاهر وڃن. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ نواز ليگ کي چئي نه ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ هن جي لاءِ پيپلز پارٽيءَ کي چوڻ ۾ ڪهڙي مشڪل ٿيندي؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ به کي چوڻ ڪنهن طرح سان مشڪل محسوس ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ ملڪ کي هلائڻ واري قوت انهن ايم اين ايز کي ته روڪي سگهي ٿي، جيڪي هاڻي حڪومت ڪيرائڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. ڇا اهي ايم اين ايز اسٽيبلشمينٽ کان به سگهارا آهن؟ اها ته کل جهڙي ڳالهه ٿيندي. ان مان محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هن وقت تيار ناهي. ان کي اهو به چئي سگهجي ٿو ته امپائر نيوٽرل بڻجي ويو آهي. جڏهن ته عمران خان سموري زندگي اهي دانهون ڪيون هيون ته امپائر کي نيوٽرل هجڻ گهرجي پت هن وقت اهو چئي رهيو آهي ته نيوٽرل ته جانور هوندو آهي. عمران خان ڪجهه به چوي پر چوڻ سان ڪنهن کي به حق نه ملندو آهي. هن ملڪ ۾ حق وڙهي وٺڻو پوندو آهي. ڇا عمران خان وٽ ايتري طاقت آهي جو هو ان سان پنهنجي حڪومت کي بچائي سگهي؟ عمران خان ڪوشش ته ڪري رهيو آهي. جڏهن عمران خان اهو ڏسي ٿو ته هو ڪنهن به طرح سان پنهنجي ناراض ايم اين ايز کي واپس ورائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي ته هو عوام جي طاقت ڪٺي ڪري رهيو آهي پر عوام جي طاقت سان حڪومت کي بچائڻ جا امڪان ايترا ناهن. ڇو ته هن مهل آئيني طور تي عمران خان کي ڏهه لک ماڻهو نه پر ڏهه پندرنهن ميمبر بچائي سگهن ٿا ۽ اهي ميمبر هن وٽ نه پر مخالف ڌر وٽ آهن. مخالف ڌر جو موڊ حڪومت مخالف آهي.