ملڪ ۾ پاڻيءَ سان لاڳاپيل معاملن کي گهڻي ڀاڱي سنجيده نه ورتو ويندو آهي. جنهن ڪري هڪ پاسي پاڻيءَ جو گهڻو زيان به ٿئي ٿو ته ان جي کوٽ به ٿيندي رهندي آهي. جڏهن ته واٽر مينيجمينٽ وسيلي ان مسئلي کي منهن ڏئي سگهجي ٿو پر جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ گهڻو زور ڊيم ۽ ڪئنال اڏڻ تي آهي، تنهنڪري نه رڳو پاڻي واري معاملي تي صوبن وچ ۾ تڪرار هلندو رهندو آهي پر سنڌ جا آبادگار پاڻي کوٽ کي منهن ڏيندي احتجاج به ڪندا رهندا آهن. اهڙي صورتحال هوندي به پيئڻ جي پاڻيءَ کان وٺي زراعت لاءِ ڪتب ايندڙ پاڻيءَ جي کوٽ رهندي پئي اچي. پر ائين ناهي ته ان مسئلي کي حل نٿو ڪري سگهجي. ان کان به اهم ترين معاملو جر جي پاڻي آهي. جنهن لاءِ ڪيتري وقت کان وٺي ڪا سروي نه ڪئي وئي آهي ته اهو ڪيترو بچيو آهي ۽ اهو پاڻي ڪيتري وقت تائين موجود هوندو. جڏهن درياهه جو وهڪرو معمول موجب نه هجي ۽ سنڌو درياهه جو پاڻي روڪي، ان ۾ صنعتن جو زهريلو پاڻي شامل ڪيو وڃي ته پوءِ صورتحال ويتر خراب ٿيندي نظر اچي ٿي. ٻه ڏينهن اڳ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل سيمينار ۾ جر جي پاڻيءَ جي حوالي سان جنهن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي، ان تي ويچارڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ايگريڪلچرل انجنيئرنگ جي ميزباني هيٺ پاڻيءَ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان “نظر نه ايندڙ جر جي پاڻي کي ظاهر ڪرڻ” جي عنوان هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي فيڪلٽي جي ڊين ۽ پاڻي ماهر ڊاڪٽر الطاف سيال چيو ته موسمي تبديلين ۽ اڻبرابري وارين برساتن جر جي پاڻي تي ڪافي ناڪاره اثر وڌا آهن، وڌندڙ آبادي سبب مستقبل ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ جا خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا، ان ڪري اسان کي زمين مٿان موجود پاڻي سان گڏ جر جي پاڻيءَ کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻو پوندو. هن چيو ته ناران ۽ ڪاغان کان سنڌ جي ڊيلٽا واري علائقي تائين ايندڙ دريائي پاڻيءَ کي شهرن جي گندگي ۽ ڪيميڪل واري پاڻيءَ سان خراب ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري سنڌ جي پڇڙي تائين پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار بڻجي وڃي ٿو، ويتر مٺي پاڻيءَ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري، ڊيلٽا جي جر جو پاڻي زهريلو ۽ اتان جون زرعي زمينون سمنڊ ڳهي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو هجي يا بين الصوبائي پاڻي وارو معاهدو ٻنهي ۾ جر جي پاڻيءَ جي ورهاست ۽ استعمال جو ڪو فارمولو يا ميڪينزم طئي ٿيل نه آهي. هن تجويز ڏني ته 2022ع جي سال دوران جر جي پاڻيءَ جي سروي، نگراني ۽ استعمال لاءِ جديد طريقا لاڳو ڪرڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سيڊا جي جنرل مينيجر غلام مصطفى اڄڻ چيو ته سنڌ جي وڏن روهڙي ڪئنال ۽ نارا ڪئنال جي پاڻي جي سطح 14 هزار ڪيوسڪ مان گهٽجي 4 هزار ڪيوسڪ تي پهتي آهي. خريف جي پوک لاءِ گهربل پاڻي نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته سولر سسٽم اچڻ کانپوءِ آبادگار جر جي پاڻيءَ جو استعمال ڪري رهيا آهن، انگ اکر نه هجڻ ڪري اها خبر به ناهي ته صوبي ۾ ڪيترا واٽرڪورس يا ٽيوب ويل موجود آهن. ان ڪري جي آءِ ايس نظام کي هٿي ڏيڻي پوندي، ڊائريڪٽر ٽريننگ واٽر مينيجمينٽ محمد ايوب بڙدي چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پاڻيءَ جي حوالي سان بهترين علمي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ۽ آبپاشي جي حوالي سان مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ انٽرنشپ جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪيا آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور سيال ۽ ڊاڪٽر منير احمد مڱريو چيو ته اهڙا ڏِهاڙا ملهائڻ سان پاڻي جي اهميت ۽ افاديت عام آبادگار تائين پهچائڻ ۾ مددگار ٿي سگھن ٿا، هنن چيو ته جر جي پاڻي کي زراعت ۽ پيئڻ لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ واضع پاليسي ٺاهي وڃي.
مٿي جن پاڻي ماهرن ڳالهايو آهي، انهن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جر جي پاڻيءَ جي صورتحال ڪا گهڻي بهتر ناهي، ڇاڪاڻ ته ان پاسي ڌيان ئي ڪونه پيو ڏنو وڃي. ان کان سواءِ جيڪو پاڻي موجود آهي، ان ۾ ايتري گدلاڻ وڌي وئي آهي جو اها ماڻهن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهي آهي. شهرن ۾ صورتحال اهڙي آهي جو گٽرن جي پاڻيءَ تي فصل پوکيا پيا وڃن. حيدرآباد شهر ۾ اهڙي صورتحال وڏي وقت کان نظر اچي رهي آهي. ظاهر آهي جيڪي فصل گٽرن تي پوکيا ويندا، انهن فصلن کي استعمال ڪندڙ ماڻهو نه رڳو بيمارين جو شڪار ٿيندا پر انهن جي صحت تي ٻيا به ڪيترائي هاڃيڪار اثر پئجي سگهن ٿا. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ آبپاشي کاتو ۽ سنڌ حڪومت کي ڪو اهڙُو لائحه عمل پڻ تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن وسيلي سنڌ ۾ جر جي پاڻيءَ جو ڪاٿو ڪيو وڃي ۽ ان کي گدلو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوششُون ورتيون وڃن.
صاف پاڻي جي فراهمي هر شهري جو حق آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌو درياهه ۾ گهربل مقدار ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن سنڌ جو جر گدلو نه ٿئي ۽ ان جو استعمال زراعت توڙي پيئڻ لاءِ ٿيندو رهي.