اھو پھريون جاندار جيوگھرڙو جنهن آڪسيجن واري عمل کان سوا ساھه پئي کنيو اھو به پاڻي اندر پئدا ٿيو ھو. اھو ئي سبب آھي ته سمنڊ کي حياتي جو پينگھو چيو وڃي ٿو. پر جڏھن ان ھڪ گھرڙي واري جاندار مان سمنڊ ۽ خشڪي تي رھندڙ گھڻ گھرڙائي جاندار وجود ۾ آيا ۽ ھزارين سالن جي گذرڻ کان پو جڏھن ماڻھو ھومو اريڪٽس مان بدلجي ھومو سيپينس ٿيو ۽ ھڪ ھنڌ ھٿيڪو ٿي ويٺو ته تڏھن کان انساني تھذيب جي شروعات ٿي. شروعاتي انساني تھذيبون دريائن جي ڪنارن تي پليون، وڌيون ۽ ويجھيون. جھڙي طرح زندگي جو پينگھو سمنڊ آھي اھڙي طرح تھذيبن جا پينگھا دريا آھن.
ڏکڻ ايشيا جو اھو دريا جنهن جو جوڙ ھندو ڌرم جي مقدس دريائن گنگا جمنا ۽ برھمپترا ۽ سرسوتي سان ھو. جنهن بابت سوين افسانا مشھور آھن ۽ ھزارين لوڪ ڪٿائون سندس ڪنارن سان جڙيل آھن. جنهن جو ذڪر مقدس ويدن ۾ به ملي ٿو سو دريا سنڌو دريا آھي.
سنڌو دريا فقط ھڪ پاڻي جي وھڪري جو نالو ڪونھي پر ھن خطي جي ھزارين سالن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي زندگي به ان سان جڙيل آھي. ڪو وقت ھو ان جي پنهنجي خاص جنگي اھميت ھئي. ان اندر وڏا ٻيڙا ھلندا ھئا پر ھاڻ ننڍڙا بتيلا به سنڌو جي سڪل پيٽ ۾ ڦاسيو پون.
سنڌو سڪڻ جا ڪيترائي سبب آھن، انهن مان ھڪڙو سبب موسمي ڦير گھير آھي پر اھم سبب سياسي آھي. سنڌو دريا ملڪ جو وڏي مان وڏو دريا آھي جنهن سان چئن ئي صوبن جا مفاد جڙيل آھن. پاڻي مسئلي تي وڏي مان وڏو ٽڪرا سنڌ ۽ پنجاب صوبي جو آھي. جيئن ته عالمي قانون تحت دريا جي پاڻي تي سڀ کان پھريون حق ھيٺين ڀائيوار Lower riparian جو آھي پر تنهن باوجود به سنڌو دريا جي سسٽم (سنڌو ندي ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ دريائن) مان مٿيون ڀائيوار upper riparian وڌيڪ پاڻي کڻي ٿو. سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي معاملي تان پھريون تضاد تڏھن سامھون آيو جڏھن 1901 ۾ انڊين ايريگيشن ڪمشنر پنجاب کي، سنڌو مان سنڌ جي مرضي کان سوا پاڻي کڻڻ جي منع ڪري ڇڏي. 1919 ۾ برطانوي ھند جي حڪومت سر آرٿر ڪوٽن ڪميٽي جي رپورٽ شايع ڪئي، جنھن ۾ اھا سفارش ڪئي وئي ھئي ته ايستائين پنجاب کي پاڻي نه ڏنو وڃي جيستائين سکر بئراج جي اڏاوت مڪمل ٿي وڃي ۽ سنڌ جون ضرورتون مڪمل طور پوريون ٿي وڃن. 1925 ۾ پنجاب طرفان ٿل ڪينال منصوبي جي منظوري لا درخواست ڪئي وئي جيڪا ان وقت جي وائسرا لارڊ ريڊنگ نامنظور ڪري ڇڏي. ڇو ته ان سان سنڌ جي حقن جي لتاڙ ٿئي ھا. سال 1935 ۾ ايڊرسن ڪميشن طرفان پنجاب کي تجرباتي بنيادن تي 775 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏني وئي جيڪا سراسر وائسرا جي حڪم جي خلاف ورزي ھئي. ان عمل خلاف سنڌ طرفان شڪايت داخل ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 1941 ۾ رائو ڪميشن سنڌ اندر ٻھ نون بئراجن جي تجويز ڏني ۽ پنجاب تي اھو ڏنڊ وڌو ويو ته انهن بئراجن جو خرچ (جنهن جو ڪاٿو 20 ملين لڳايو ويو ھو) ڀري ڏيندو. ان فيصلي کان پو، 1945 ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي نمائندن جي وچ ۾ پاڻي مسئلي تي ٺاھه ٿيو جنهن کي سنڌ – پنجاب ٺاھه جي نالي سان ياد ڪجي ٿو.
پاڪستان ٺھڻ کان پو سنڌ سان ناجائزي ڪندي 1960 ۾ اڀرندا ٽي دريا جيڪي سنڌو جا ڀرتي ڪندڙ دريا ھئا ۽ جن تي سنڌ ۽ پنجاب جو ھڪ جيترو حق ھو، ھندستان حوالي ڪيا ويا. ان ٺاھه سان اڀرندو پنجاب وري به فائدي ھيٺ رھيو. ورھاڱي کان پو پنجاب طرفان من ماني ڪندي بي آر بي ڊي B.R.B.D لنڪ ڪئنال ٺاھيو ويو، جنهن جي اجازت سنڌ کان نه ورتي وئي ۽ اھا 1945 واري ٺاھه جي کليل خلاف ورزي ھئي. ان کان علاوه به سنڌو تي سنڌ جي مرضي کان سوا ننڍا وڏا ڊئم ٺاھيا ويا.
سال 1991 ۾ سنڌ پنجاب بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھه وچ ۾ پاڻي مسئلي تي ھڪ نئون ٺاھه ٿيو. جنهن تحت پنجاب کي 55.95 ملين ايڪڙ فوٽ، بلوچستان کي 3.87 ملين ايڪڙ فوٽ، ڪي پي ڪي کي 5.78 ملين فٽ ايڪڙ ۽ سنڌ کي 48.76 ملين فوٽ ايڪڙ پاڻي ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. ان سان گڏ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ان معاھدي باوجود به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ناھي ڏنو ويو ۽ نه ئي سمنڊ ۾ گھربل پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. جنهن سان روزاني جي بنياد تي سوين ايڪڙ زمين سمنڊ جي پاڻي ھيٺ ايندي وڃي ۽ جيڪڏهن اھا رفتار رھي ته ڪجهھ ئي ڏھاڪن اندر ٺٽو ۽ بدين ضلعا سمنڊ اندر ھوندا.
مٺي پاڻي جي کوٽ سبب تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آھن ۽ سامونڊي مڇي جا ڪيترائي قسم ختم ٿي چڪا آھن ۽ ان جو اثر سامونڊي پٽي ۾ آباد ماڻھن جي زندگي تي پڻ پيو آھي. مڇي جي صنعت سخت متاثر ٿي آھي، جنهن ڪري سامونڊي ڪناري تي آباد شھر ۽ وستيون ويران ٿي ويون آھن. منڇر جيڪا ايشيا جي وڏي مان وڏي ڍنڍ ھئي، تنهن ڍنڍ کي پاڻي به سنڌو مان ملندو ھو اھا به آخري پساھن ۾ آھي.
موسميات جي ماھرن طرفان ھن سال يعني سال 2022 ۾ پڻ پاڻي جي کوٽ جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي پر ان جي باوجود نون ڊئمن جي اڏاوت جاري آھي. نوان ڊئم ٺاھڻ لا اھو جواز ڄاڻايو پيو وڃي ته سسٽم ۾ پاڻي جي کوٽ آھي! جيڪڏهن واقعي سسٽم ۾ پاڻي جي کوٽ آھي ته پو نوان ڊئم ڪيئن ڀريا ويندا؟
جيڪڏهن اھا صورتحال برقرار رھي ته صورتحال اڃا خراب ٿيندي ۽ عام ماڻھو جي زندگي اڃا مشڪل ٿيندي، جنھن کي انهن سڀني ڳالھين کان به اڻواقف رکيو ويو آھي ته پاڻي جا معاملا ڪيئن حل ٿيندا آھن؟ ھو تھ ھن وقت کاري ڇاڻ ۾ ٺھيل ھڪڙي ڪکن جي دڪان مان اٽي جا ٻھ ڪلو وٺندي، اھو سوچي ٿو ته سڀاڻي ٻچن کي ماني نصيب ٿيندي الائي نه؟