ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مسلم ليگ بابت ڪجهه حقيقتون

Editorial-Article-Uzair Abid

آل انڊيا مسلم ليگ جو بنياد ڍاڪا ۾ ڪُجهه بنگالي ۽ ڪُجهه حيدرآباد دکن جي نوابن 1906ع ۾ وِڌو هو. جڏهن ته مسلم ليگ جو پهريون ساليانو اجلاس ڊسمبر 1907ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيو هو. مسلم ليگ جي سياست ڪڏهن به عوامي نه رهي. هن جماعت جو طريقيڪار انگريزن وٽ ٺهراءُ پيش ڪري، پنهنجا حق وٺڻ هو. ڊاڪٽر مبارڪ علي موجب، مسلم ليگ جو 1916ع جي لکنئو معاهدي تائين ڄڻ ته ڪو وجود ئي نه هو. 1916ع کان پوءِ مسلم ليگ هندستان جي سياسي افق تي ڪنهن حد تائين نظر اچي ٿي.
خلافت تحريڪ جي ڪري مسلم ليگ وري ٻيهر پنهنجو موت پاڻ مري وئي. خلافت تحريڪ جي شروعات 1919ع ۾ ٿي هئي، جنهن جي اثر هيٺ عدم تعاون جي تحريڪ مهاتما گانڌيءَ جي سرواڻيءَ ۾ هلائي وئي. جڏهن ته مولانا عبدالباری فتويٰ ڏني هئي ته هندستان دارالحرب آهي، جنهن کي مسلمانن کي هندستان ڇڏي، دارالسلام يعني افغانستان ڏانهن لڏڻُ گهرجي. اُن فتويٰ کان پوءِ ہجرت تحريڪ جي شروعات ٿي. بقول زاهد چوڌريءَ جي ته ڪن مورخن موجب، افغانستان ڏانهن لڏي وڃڻ جي ڳالھه سڀ کان پهرين مولانا ابوالڪلام آزاد ڪئي هئي. بهرحال خلافت تحريڪ جي اثرن هيٺ ٻيون تحريڪون به ھليون، جنِ هندستان جي عام ماڻهوءَ کي تمام گهڻو نقصان ڏنو ۽ هندو – مسلم تضادَ کي شديد ڪيو.
ڪن تاريخدانن جو اهو به خيال آهي ته 1921ع ۾ خلافت تحريڪ جي اثرن ڪري پيدا ٿيل هندو – مسلم تضاد ئي، هندستان جي ورهاڱي جي شروعات هو. هن سموري عرصي ۾ به مسلم ليگ جو ڪو خاص ڪردار ڪونهي ڪو. مسلم ليگ 1937ع جي اليڪشن ۾ تمام بري ريت هارايو. ڪجهه سيٽون جيڪي مسلم ليگ کي مِلي سگهيون، سي به مسلم اقليت وارن علائقن ۾ مليو هيون. جڏهن ته 1937ع جي اليڪشن کان پوءِ، ڪانگريس 11 مان 7 صوبن ۾ حڪومت جوڙي. 1937ع جي اليڪشن ۾ مسلم اڪثريتي علائقن ۾ هِن جماعت جي حالت اِها هُئي جو، سنڌ جهڙي مسلم اڪثريتي علائقي مان (تنهن کان پوءِ جنهن صوبي جي اسيمبلي 1943ع ۾ سڀ کان پهرين، پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو)، مسلم ليگ هڪ به سيٽ به کٽي هئي. سرحد (خيبرپختونخواه) صوبي مان به مسلم ليگ کي هڪ سيٽ به نه ملي. جڏهن ته پنجاب مان مسلم ليگ فقط ٻه سيٽون کٽيون هيون، جنهن مان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل راجه غضنفر علي خان، يونينسٽ پارٽي ۾ وڃي شموليت ڪئي. يعني مسلم ليگ کي فقط هڪ سيٽ ئي ملي.
1937ع تائين جنهن جماعت جو ڪو عوامي پاسو نه هو، تنهن کان پوءِ اها جماعت اوچتو ئي اوچتو عوامي جماعت ڪيئن بڻجي وئي جو بنگال، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مسلم ليگ جي ميمبرشپ لَکن ۾ ٿي وئي. آخر اُهي ڪهڙا سبب ۽ حالتون هيون جن مسلم ليگ کي اِيتري مقبوليت ڏني. محمد علي جناح، جنهن کي 1946ع ۾ مسلمانن جو واحد نمائندو قبول ڪيو ٿي ويو. اهو به ڪڏهن ڪو عوامي اڳواڻ نه رهيو هو. جواهر لعل نهرو 1938ع ۾ مسلم ليگ کي مسلمانن جي نمائنده جماعت قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. بقول ايم ايڇ سيروائيءَ جي 1945-46ع جي اليڪشن کان پوءِ نهرو، جناح کي مسلمانن جو واحد نمائندو ۽ مسلم ليگ کي مسلمانن جي واحد نمائندہ جماعت قبول ڪيو هو.
1937ع کان پوءِ خاص طور 1940ع کان پوءِ، مسلم ليگ کي نه فقط عوامي پذيرائي ملي پر 1945-46ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ کي شاندار ڪاميابي ملي.
زاهد چوڌري پنهنجي ڪتاب، ‘مسلم پنجاب ڪا سياسي ارتقا’ ۾ لکي ٿو ته جناح کي پنجاب اندر ڪا به پذيرائي نه پئي ملي. جناح مسلم ليگ جي سالياني اجلاس جي صدارت ڪرڻ لاءِ پنجاب جي وزير اعظم فضل حسين کي دعوت ڏني، پر فضل حسين ان دعوت کي به ٺڪرائي ڇڏيو.
زاهد چوڌري جي تحقيق موجب، محمد علي جناح کي پنجاب جي مسلمانن جو وچون طبقو، ان وقت تائين پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، جيستائين جناح بمبئي جي بورجوا طبقي جو نمائندو هو ۽ هندستاني قومپرستيءَ جي ڳالهھ پئي ڪيائين. ايستائين جو 37ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ جو منشور، ڪانگريس جي منشور سان ملندڙ، جلندڙ هو. تنهن کان پوءِ جناح، ڪانگريس مان مڪمل طور نااميد ٿيو، تڏهن هِن مسلمانن جي نمائندگي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ مسلم ليگ کي ڪو لائق اڳواڻ مليو، جنهن ڪُل هند سطح تي مسلم ليگ جي مضبوط جُوڙَ جڪَ ڪئي.
مطلب ته زاهد چوڌري موجب، 1937ع جي اليڪشن کان پوءِ، جوڙيل ڪانگريس وزارتن، مسلمانن کي گهڻو مايوس ڪيو، جنهن ڪري 1921ع کان شدت اختيار ڪندڙ هندو – مسلم تضاد وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو، جنهن سبب مسلمان، ڪانگريس مان گهڻو مايوس ٿيا. جڏهن ته ڪانگريس، مسلم ليگ سان گڏجي مخلوط حڪومت جوڙڻ کان نابري واري ۽ مسلم ليگ جي ٻين مطالبن کي به خاص اهميت نه ڏني، جنهن ڪري مسلم ليگ به ڪانگريس مخالف ماحول جوڙڻ لاءِ ٻه قومي نظريي ۽ الگ رياست جو پرچارڪ شروع ڪيو.
اهڙي ريت هڪڙي طرف مسلمان عوام جي طاقت سان مسلم ليگ عوامي جماعت بڻي، ته ٻئي پنجاب ۽ سنڌ جي جاگيردارن سان جناح، ڳٺ جوڙ ڪئي. بنگال جي، اي ڪي فضل الحق پنهنجي تنظيم، ڪرشڪ پرجا پارٽيءَ کي مسلم ليگ ۾ ضِم ڪيو. پنجاب جي سڪندر حيات به جناح سان ڪيل سڪندر – جناح ٺاهه ڪري پنهنجي تنظيم يونينسٽ پارٽيءَ جو الگ وجود ته برقرار رکيو، پر گهڻين معنائن ۾ مسلم ليگ جي ماتحت رکيو. اهڙي ريت، سائين جي ايم سيد ۽ سر عبدالله هارون وارن جي تنظيم اتحاد پارٽي جو، هِنن جي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ ڪو وجود نه رهيو. نتيجي ۾ مسلم ليگ سموري ننڍي کنڊ جي عوامي جماعت بڻجي وئي.
ناميارو مارڪسي دانشور حمزه علوي پنهنجي ڪتاب ‘پاڪستان: رياست اور اس ڪا بحران’ ۾ لکي ٿو: “دراصل تحريڪ پاڪستان، هندستان جي مسلم پگهاردار طبقي طرفان شروع ٿي هئي، اُن طَبِقي لاءِ روزي ڪمائڻ جو واحد ذريعو ملازمت ڪرڻ ئي هو، هنن ماڻهن جي اڪثريت مسلم اقليت وارن علائقن ۾ هئي.”
حمزه علوي وڌيڪ لکي ٿو: 1937ع جي اليڪشن ۾ بري طرح شڪست کائڻ کان پوءِ، جناح کي اِن دُکدائڪ حقيقت جو احساس ٿيو ته مسلم ليگ جا اِها دعويٰ ته فقط اُها ئي مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت آهي، کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، ته مسلم اڪثريتي صوبن جي زميندار طبقن جي حمايت حاصل ڪئي وڃي. اُن وقت زميندار فقط صوبائي سطح جي سياست ۾ ئي ڦاٿل هئا، تنهن کان پوءِ حالتون اتي وڃي پهتيون جو سنڌ ۽ پنجاب جي زميندارَ، ڪانگريس جي زرعي سڌارن جي خوف کان وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا ته جيئن پنهنجي طبقاتي وجود کي بچائي سگهن. پوءِ ٿيو ايئن جو مسلم ليگ زميندارن کي پنهنجي تابع نه ڪري سگهي پر زميندار مسلم ليگ کي پنهنجي تابع ڪري ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button