جاويد پنهور
يورپ کنڊ اڄوڪي ڊجيٽلائيزڊ دنيا ۾ ڪافي حد تائين اڳتي ۽ اُُسريل مُلڪن جو گهر آهي. يوڪرين يورپ جي اوڀر واري ٿڌاڻ وارن علائقن مان هڪ آهي. سوويت يونين جنهن ۾ يوڪرين شامل هُو، ان جي ٽُٽڻ سان يوڪرين آزاديءَ جو اعلان ڪيو.
سوويت يونين جي ٽُٽڻ سان وڏو فائدو آمريڪا کي رسيو. گذريل مُني صديءَ کان لبرلزم، فَنڊ، اين جي اوز ۽ انساني حقن جي نالي تي جيڪو حشر ٽين دُنيا جي مُلڪن سان ٿيو آهي، اهو ڪنهن جي اکين کان اوجهل ناهي. ٽين دُنيا جي مُلڪن جي پرڏيهي پاليسين ۾ مُداخلت ڪرڻ، سياسي ڍانچن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري مُلڪن جي اڳواڻن کي مُختلف سازشون رٿي اُنهن جا تخت اونڌا ڪري پنهنجا ماڻهو تخت تي ويهاري اتان جي جاگرافي ۽ ذخيرن تي قبضو ڄمائي پنهنجي مالڪي ظاهر ڪري اتان جي اصلوڪن ماڻهن کي ديو وانگر کاڌو ۽ لٽيو آهي. عالمي سامراج جو اهو ئي اصل چهرو آهي.
سوويت يونين جي ٽُٽڻ جو سڀ کان وڏو فائدو آمريڪا کي رسيو فقط آمريڪا ئي اڪيلو معاشي، سياسي توڙي اقتصادي حوالي سان سگهارو هو، جنهن سوويت يونين جي ٽُٽڻ کان پوءِ دُنيا جي سياست جا رُخ ئي تبديل ڪري ڇڏيا ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي ماتحت ڪري ڇڏيو پر هِن وقت تازي صورتحال ۾ آمريڪا رڳو اڪيلو دُنيا تي راڄ نٿو ڪري سگهي. ٻي ڌُر به هن وقت سگهاري آهي، جيڪا يورپي يونين، چين، روس ۽ انهن جون اتحادي رياستون آهن.
روس ۽ يوڪرين ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ ان سموري صورتحال جو ڪارڻ ڪرائيميا (پينيسوليا) جيڪو سامونڊي رستو آهي، جنهن تي روس 2014ع ۾ قبضو ڄمائي مالڪ ٿي ويهي رهيو ۽ تازو ئي آمريڪا جي هڪ جاري ڪيل رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته روس يوڪرين جي جاگرافيءَ سان هٿ چُراند ڪري رهيو آهي. آمريڪا سميت يورپي مُلڪن ان حرڪت کي غير مُهذب سڏي ۽ روس تي مُختلف قسمن جون پابنديون مڙهي ڇڏيون. هوڏانهن آمريڪا جو نيٽو کي يوڪرين ۾ لاهڻ سان روس وڌيڪ ڏمرجي پيو آهي ۽ يقينن اقتصادي مفادن جي ڄار ۾ ڦاٿل يوڪرين جو مُستقبل به هِن وقت بنا ماءُ جي اهو ننڌڻڪو ٻار ٿي پيو آهي جنهن کي جيڏانهن چاهي وٺي وڃجي.
ان صورتحال ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون ۽ ناڪام ويون، ان کان پوءِ يوڪرين جو نيٽو کان سهارو وٺڻ سان آمريڪا ڏانهن جهڪاءُ ڪرڻ تي روس مڇرجي پيو ۽ يوڪرين کي ان عمل کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر آمريڪا به موقعي جو فائدو وٺي روس جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ گهري ٿو. آمريڪا کي به روس مان جرمني ۽ يورپ جي وڏي گيس پائيپ لائين پراجيڪٽ نارڊ اسٽريم کي ناڪام ڏسندي عالمي طاقت يقينن بوکلائجي وئي آهي ۽ ايئن 11 ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري وارو اهو پراجيڪٽ آمريڪا جي هڪ اقتصادي خواب کي چڪنا چور ڪري رهيو آهي.
يوڪرين جي معاملي تي بخشيل ٿلهو جو هڪ مضمون مطالعي هيٺ رهيو جنهن ۾ بخشل ٿلهي اڳڪٿي ڪندي لکيو هو ته يوڪرين ۽ روس ۾ جَنگ لڳڻ جا اِمڪان نه جي برابر آهن، جڏهن ته يوڪرين ۾ گهرو وِيڙهه جا سبب وڌيڪ آهن ۽ اهي ڪهڙا سبب آهن اهو سوال ئي رهندو؟ ان ۾ حيرت جهڙي ڳالهه اها هُئي ته روس ۽ چين گڏ بيٺل آهن، جڏهن ته چين جي پرڏيهي پاليسي ان ڳالهه کي رد ڪندي هڪ نيوٽرل جي حيثيت ۾ ٿي بيٺو آهي پر اندران ئي اندران روس جو حامي پڻ بڻيل آهي، يعني نه جنگ جي خلاف نه وري جنگ جو حامي. سياسي گيم پليئر چين يقينن پنهنجا مُفاد ئي ڳوليندو آهي. ان مضمون کي اڃا هفتو به مس گذريو هوندو ته روس يوڪرين تي سڌو حملو ڪري سندس ڪيل اڳڪٿي کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو. ڪِنهن به راءِ کي جوڙڻ کان اڳ ان جي گهرائيءَ ۾ ان جي ماضي ۽ حال کي ڏسي پوءِ مُستقبل جي باري ۾ ڪُجهه لکجي جنهن کي فلاسافيڪل ٽرمنالاجيءَ ۾ Democratisation of philosophy چئبو آهي.
جڏهن سوويت يونين قائم هو. اُن وقت سرمائيداري ۽ ڪميونزم ۾ وڏو ٽڪراءُ هو ۽ ٻئي متضاد قوتون هيون. ٻئي قوتون هڪ ٻئي تي هٿيار سڌا ڪيو بيٺل هيون ۽ دُنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهي هُئي. سوويت يونين سوشلسٽ ڌڙن جي نمائندگي ڪندڙ هُئي ۽ آمريڪا بورجوائي نظام جي مالڪ ۽ ان سرمائيداريءَ تي حاوي هُئي ۽ سوويت يونين جي ڪمزور ٿيڻ ۽ ٽُٽڻ سان هن وقت تائين آمريڪا سرمائيداري نظام جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، جنهن جو ڪنهن حد تائين جديديت پُڄاڻان جي ڪري زوال شروع ٿي چُڪو آهي ۽ سرمائيداريءَ جو رُخ تبديل ٿي چُڪو آهي.
يوڪرين سدائين روس جي ڇپر ڇانو ۾ رهيو آهي. سوويت يونين جي ٽُٽڻ کان پوءِ يوڪرين روس جو حصو رهيو آهي ۽ يوڪرين جي ٽيهه سيڪڙو آبادي روس جي نسل مان آهي جنهن تي اُنهن کي فخر آهي. يوڪرين سنڌ جيان نه ئي صحيح پر ڪنهن حد تائين تيل ۽ يورينيم جي گهڻي مقدار جي ڪري مالامال رهيو آهي پر روس جو يوڪرين تي ڪاهه ڪرڻ جو مقصد وسيلن ۽ ملڪيتن تي قابض ٿيڻ سان گڏ، يوڪرين جڏهن نيٽو سان هٿ ملائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته روس لاءِ خطرو وڌڻ لڳو. يوڪرين جي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ سان نيٽو جي ميزائلن جو رُخ ماسڪو طرف ٿيندي دير نه لڳندي. انهي ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي روس پنهنجي طاقت لڳائي يوڪرين کي روڪي رهيو آهي.
آمريڪا بدمست هاٿي جيان نيٽو جي آڙ ۾ دُنيا ۾ جيڪي کيل رچايا اُهي يقينن ڪنهن کان ڳجها ناهن رهيا ۽ آمريڪا جو يوڪرين کي فوجون مُهيا ڪرڻ جو مقصد روس کي ڊيڄارڻ هو پر روس هِن وقت گهٽ آبادي ۽ وڌيڪ ترقي يافته مُلڪ آهي، جنهن يوڪرين تي حملو ڪري آمريڪا کي به پريشانين ۾ مُبتلا ڪري ڇڏيو آهي. روس کي اڻ سڌي ريت چين جي حمايت حاصل آهي ۽ اها ڳالهه پڻ آمريڪا کي پسند ناهي.
ان سموري ڇڪتاڻ ۾ ۽ ان جنگي صورتحال جا نتيجا ۽ معاشي بحران سرمائيداري مُلڪن تي نه پر ٽين دُنيا جي مُلڪن کي ڀوڳڻو پوندو، جنهن ۾ شايد عمران خان جي پيوٽن سان ٽي ڪلاڪ جي آف د رڪارڊ مُلاقات جو ازالو پاڪستان کي مستقبل ۾ آمريڪا جي صورت ۾ ڀوڳڻو پوي.
روس هِن وقت پنهنجي انا ۾ اچي پاڻ کي طاقتور مُلڪ طور مڃرائڻ جي ڪوشش ۾ آهي پر روس جي ان ڪُڌي حرڪت جا اثر فقط يوڪرين تي نه پر پوري دُنيا جي مُلڪن تي پوندا. معاشي توڙي اقتصادي طور مُلڪن جي معيشت جو ڏيوالو نڪرندو ۽ وچون طبقو اها سموري سزا ڀوڳيندو، جيڪو اڳ ئي ڳرن ٽيڪسن ۾ پيسجي پيو.
هِن وقت سياسي نظام سان گڏ طاقت جا محاذ به تبديل ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. چين جديد قسم جي ٽيڪنالاجيءَ سان گڏوگڏ معيشت ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ آمريڪا کان اڳتي نڪري چُڪو آهي. ٻئي پاسي روس جنهن طاقت کي سوويت يونين وقت محروم بڻيو ڪنهن حد تائين سگهارو بڻجي چُڪو آهي، جنهن کي اڻ سڌي ريت چين جي مُڪمل حمايت آهي. جيڪا ڳالهه پڻ آمريڪا سامراج لاءِ ڀيانڪ خواب آهي جيڪو حقيقت جي بلڪُل ويجهو آهي.
يوڪرين کي سياسي حوالي ۾ ڏسجي ته اهو هائبرڊ آهي، جنهن ۾ جمهوريت وارا ۽ غيرجمهوري عنصر نمايان رهيا آهن، يوڪرين ۾ رهندڙ آباديءَ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي ڳالهه ڪريون ته ان مان ڪُجهه روس سان لاڳاپيل آهي ته ڪُجهه يورپ سان. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ يورپ جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته ڪنهن يورپي مُلڪ سڌي ريت ٻئي يورپي مُلڪ تي حملو ڪيو هُجي. هاڻ چئي سگهجي ٿو ته روس وري ساهه کڻڻ لڳو آهي.
روس ۽ يوڪرين ۾ هلندڙ جنگ جو ڪُفارو غريب مُلڪن کي ڀوڳڻو پوندو ۽ معيشت جو جنازو نڪرڻ جا آثار پڌرا ٿي رهيا آهن. ان ڇڪتاڻ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو تيل جون قيمتون آسمان جي بلندين کي ڇُهڻ لڳنديون ۽ في بيرل سئو ڊالر جي لڳ ڀڳ يا اُن کان به مهانگو ٿي ويندو، جنهن جا سائنسي طريقي سان هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي ۽ مُلڪن ۾ اقتصادي بُحران جنم وٺندو، جنهن جو پاڪستان اڳ ئي شڪار بڻيل آهي.
روس جي يوڪرين تي چڙهائي ميڊيا تي اڀرندڙ ڪو نئون مسئلو ناهي. اها ڳالهه ان وقت جي آهي، جڏهن روس 2008ع ۾ جارجيا جي ٻن صوبن کي خودمختياري ڏسي مڙهي وئي هُئي. طاقت جي زور کي آزمائڻ لاءِ وري 2014ع ۾ يوڪرين جي علائقي ڪرئيميا تي فوج جي طاقت سان چڙهائي ڪري ان تي قبضو ڄمائي ڇڏيو ۽ يوڪرين جي دانسڪ ۽ لهانسڪ جي علائقن سان سڌي ريت مُعاهدو ڪري پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي پوري يوڪرين تي قبضي جو خُواب، پوري دُنيا جي مُلڪن جي مُستقبل لاءِ اهو هِڪ وڏو خطرو آهي جنهن کي روڪڻ لازم آهي.
ڪُجهه سوال آهن، جيڪي پڙهندڙ پاڻ سوچين. جڏهن يو اين او ۽ امن معاهدي لاءِ ٻيا ادارا دنيا ۾ موجود آهن ته اهي هِن وقت تائين اگهور ننڊ ۾ ڇو سُتل آهن ۽ ڇا واقعي فقط آمريڪا جا ڀڀ ڀرڻ لاءِ ئي اُهي اڏيل آهن؟ ٽين دُنيا جي مُلڪن ۾ ٿيندڙ ذري جي چُرپُر لاءِ انساني حقن جي نالي تي مُختلف قسم جا قانون مٿان لاڳو ڪيا ٿا وڃن. ڇا اڳ ادارا فقط پٺتي پيل مُلڪن لاءِ آهن يا اُنهن جو مال لٽڻ لاءِ؟؟