تازو طارق علي جو ڪتاب Forty years war in Afghanistan- A chronicle Foretold شائع ٿيو آهي. ان ۾ ثور انقلاب کان آمريڪي فوجن جي افغانستان مان واپس وڃڻ ۽ طالبان جي اقتدار سنڀالڻ تائين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي. ليکڪ طالبان جي ان سوڀ کي ويٽنام ۾ آمريڪا جي شڪست سان ڀيٽيو آهي ۽ ڪن صورتن ۾ ان کي ان کان به برتر ڪري پيش ڪيو آهي.
افغانستان جو بادشاهه ظاهر شاهه هڪ قبائلي وفاق جو اڳواڻ هو. کيس سندس ڪزن دائود اقتدار تان هٽائي پاڻ اقتدار سنڀاليو ۽ ملڪ کي هڪ جمهوريه قرار ڏنو. دائود آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن سان پنهنجا ناتا مضبوط ڪرڻ لا کاٻي ڌر تي تشدد ۽ سختي شروع ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪميونسٽ اڳواڻ مير اڪبر کيبر قتل ٿي ويو جنهن جي لا دائود کي ذميوار قرار ڏنو ويو. سندس ان ڏاڍ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ افغانستان جي عوامي جمهوري جماعت، جنهن کي ٻن ڪميونسٽ گروهن پرچم ۽ خلق کي گڏي ٺاهيو ويو هو، ملڪ ۾ مظاهرا شروع ڪيا. ان جماعت جو فوج ۾ چڱو اثررسوخ هو جنهن هڪ بغاوت ذريعي دائود کي قتل ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.
پارٽي جي اڳواڻن ۽ خاص طور حفيظ الله امين ان فوجي بغاوت کي انقلاب ثور جو نالو ڏنو ۽ اهو چوڻ شروع ڪيو ته اسان انقلاب جي نئين شارٽ ڪٽ واٽ اختيار ڪئي آهي ۽ سوويت يونين جي اڳواڻن کي اسان کان سکڻ گھرجي.
اها رڳو هڪ خوشفهمي هئي. لينن پاڻ ان ڳالهه کي واضح ڪيو هو ته ريڊار کي رات وچ ۾ پرولتاري ۾ تبديل نه ٿو ڪري سگھجي. ٻي ڳالهه ته پارٽي جو رڳو فوجي آفيسرن ۽ شهر جي پڙهيل ڳڙهيل دانشورن ۾ اثر رسوخ هو. ڪابل کان ٻاهر ۽ خاص طور ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اهو نه هئڻ برابر هو. ماڻهن کي شروع ۾ نئين حڪومت مان ڪجھه اميدون هيون. ليکڪ جو خيال آهي ته نئين حڪومت کي سڌارن جي شروعات اتان ڪرڻ گھرجي ها جتي امان الله ان کي ڇڏيو هو ۽ ساڳي وقت زرعي سڌارن وغيره جي ڪري مذهبي عالمن ۽ قبائلي سردارن جي جنهن مخالفت جنم ورتو هو ان کي ماڻهن کي متحرڪ ۽ منظم ڪري منهن ڏيڻ گھرجي ها. پر ائين نه ٿيو.
پارٽي ۾ هڪ پاسي خلق ۽ پرچم ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي ۽ پرچم جي اڳواڻن کي پاسيرو ڪيو ويو. ببرڪ ڪارمل کي پراگ ۾ سفير ڪري موڪليو ويو ۽ ٻئي پاسي امين ۽ تره ڪي، جن ٻنهي جو واسطو خلق ڌڙي سان هو، ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ نتيجو تره ڪي جي قتل جي صورت ۾ سامهون آيو. حفيظ جي حڪومت ڪرڻ جو طريقه ڪار ڏاڍ، ڏهڪا ۽ تشدد وارو هو. هن پرچم جي اڳواڻن خلاف ڪاروايون شروع ڪيون. هنِ ببرڪ ڪارمل کي سفير جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ کيس سوويت يونين ۾ پناهه وٺڻي پيئي. ان پاليسي جي ڪري پارٽي جو ماڻهن ۾ اثر رسوخ گھٽجي ويو ۽ انقلاب مخالفن ڏانهن ماڻهو وڌيڪ مائل ٿيڻ لڳا.
هڪ تاثر اهو ڏنو وڃي ٿو ته امين پاران ئي ٻاهرين مداخلت کي منهن ڏيڻ لا سوويت يونين کي فوجن موڪلڻ جي درخواست ڪئي ويئي هئي.
ليکڪ ان ڳالهه جو به جائزو ورتو آهي ته سوويت يونين کي نيٺ افغانستان ۾ فوجي مداخلت ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. سوويت قيادت ڪنهن به صورت ۾ ان جي حق ۾ نه هئي. پولٽ بيورو ان جي خلاف فيصلو ڪيو هو. آندروپوف، جيڪو ان وقت انٽيليجينس اداري جو اڳواڻ هو، ان جي سخت مخالفت ڪئي هئي. سوويت قيادت پاران افغان اڳواڻن کي چيو ويو ته اهي مقامي ماڻهن ۽ پارٽي ڪارڪنن تي مشتمل اهڙي مليشيا ۽ رضاڪار فورس وغيره منظم ڪن جيڪا انقلاب دشمنن کي منهن ڏيئي سگھي. سوويت يونين جي قيادت کي ان حوالي سان هڪ ته آڪٽوبر انقلاب کانپو وچ ايشيا جي ماڻهن جي سخت مزاحمت جو تجربو هو ۽ ٻيو انهن آڏو افغانن جي انگريزن خلاف مزاحمت هئي.
ان سلسلي ۾ ٻن عنصرن اهم ڪردار ادا ڪيو. امين ۽ سوويت قيادت جي ناتن ۾ هڪ ڇڪتاڻ هئي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو هو ته سوويت يونين تره ڪي جي مارجڻ مان خوش نه هو ۽ ٻي ڳالهه ته امين ان ڳالهه تي به خفا هو ته سوويت يونين پرچم جي اڳواڻن کي وڌيڪ پسند ڪيو ٿي ۽ ان سندس مخالف ببرڪ ڪارمل کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏني هئي. آمريڪا ڪنهن به ريت سوويت يونين کي فوجي طور افغانستان ۾ ملوث ڪري ويٽنام جو حساب ڪتاب برابر ڪرڻ چاهيو ٿي. ان ڪري امين جي آمريڪا جي ويجھو ٿيڻ متعلق گھڻيون ڪوڙيون سچيون ڳالهيون هلايون ويون. ٻي ڳالهه ته امين جي پنهنجن مخالفن ۽ ٻين ماڻهن خلاف ڏاڍ ِ۽ تشدد جي پاليسين سندس حمايت جي دائري کي اڃا سوڙهو ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس حڪومت خلاف مزاحمت ۾ پڻ تيزي اچي ويئي هئي. انهن ڳالهين سوويت قيادت کي فوجي مداخلت جي حق ۾ فيصلي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
هتي جيڪا فوج موڪلي ويئي ان ۾ پارٽي جي اهم عهديدارن ۽ ڪامورن جو ڪو مٽ مائٽ ۽ ٻار وغيره شامل نه هو. ان ۾ گھڻو ڪري اهڙن نوجوانن کي شامل ڪيو ويو هو جيڪي سماج جي پٺتي پيل پرتن سان واسطو رکندڙ هئا. ٻيو اها ڪوشش ڪئي ويئي ته ان ۾ وچ ايشيا جا ماڻهو گھٽ ۾ گھٽ هجن. ڇاڪاڻ ته انهن متعلق اهو خدشو هو ته اهي مذهبي جذبي تحت فوج مان ڀڄي طالبان سان ملي سگھيا ٿي پر اها ڳالهه غلط ثابت ٿي. ڇاڪاڻ ته ڀڄي ويلن ۾ ان علائقي جي ڀيٽ ۾ ٻين علائقن جي فوجين جو تعداد وڌيڪ هو.
ان سڀ جي باوجود افغانستان ۾ استحڪام قائم نه ٿي سگھيو ۽ نيٺ سوويت يونين کي پنهنجي فوج کي اتان واپس گھرائڻو پيو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته سوويت يونين فوجن جي واپسي لا گھڻي عرصي کان پاڪستان سان ڪنهن ٺاهه تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پئي پر پاڪستان تي آمريڪي دٻا جي ڪري اهو ان ۾ ڪامياب نه پئي ٿي سگھيو. ان فوجي مداخلت جي سوويت يونين کي تمام ڳري قيمت ادا ڪرڻي پيئي. ڪجھه مبصرن جو چوڻ آهي ته سوويت يونين جي زوال جي شروعات سٺ جي ڏهاڪي ۾ چيڪوسلواڪيا ۾ مداخلت سان ٿي هئي جيڪا افغانستان ۾ فوجي مداخلت سان پنهنجي انت کي پهتي.
سوويت فوجن جي افغانستان مان واپسي کانپو مجاهدين جي مختلف گروهن جي پاڻ ۾ ويڙهه، طالبان جو اقتدار ۾ اچڻ ۽ نجيب جو قتل اهي سڀ تاريخ جو حصو آهن. نائن اليون هڪ اهم واقعو هو جنهن افغانستان ۾ ناٽو ۽ خاص طور آمريڪي مداخلت لا رستو صاف ڪيو. آمريڪا جي اها گھر هئي ته اسامه بن لادن کي آمريڪا جي حوالي ڪيو وڃي. ملا عمر ان کان انڪار نه ٿي ڪيو. سندس رڳو اهو چوڻ هو ته اسان اساما کي آمريڪا جي حوالي ڪرڻ لا تيار آهيون بس اسان کي رڳو سندس نائن اليون واري واقعي ۾ ملوث هئڻ جا ثبوت ڏيو. پر آمريڪا اهڙا ڪي ثبوت ڏيڻ لا تيار نه هو. افغانستان تي حملي جو مقصد آمريڪا پاران اتي پنهنجا فوجي اڏا قائم ڪرڻ هو.
آمريڪا افغانستان تي قبضو ان دعوا سان ڪيو هو ته اهو اتي سياسي، سماجي ۽ ٻيا مختلف ادارا قائم ڪري اتان جي ماڻهن جي ترقي لا ڪوششون وٺندو. پر اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي. انهن پاران ايترو ڪجھه به نه ڪيو ويو جيترو سوويت يونين پاران ڪيو ويو هو. طالبان جي سخت گير پاليسين جي ڪري جن افغان شهرين آمريڪا جي اچڻ جي آجيان ڪئي هئي اهي به آمريڪي فوجين جي ڏاڍ تشدد، سويلين ٺڪاڻن تي بمباري ۽ عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ جي ڪري ان جي خلاف ٿي ويا. اهڙي ريت هڪ پاسي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي حمايت ۾ گھٽتائي ٿيڻ لڳي ۽ ٻئي پاسي مزاحمت ڪندڙ طالبان جي قوت ۽ طاقت ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. انهن جي صفن ۾ اهڙا نوجوان شامل ٿيڻ لڳا جن پنهنجي ملڪ تي پرڏيهي قبضي ۽ ان جي ماڻهن تي ڏاڍ ۽ تشدد خلاف ويڙهه ۾ پنهنجو حصو وجھڻ چاهيو ٿي. اهي پراڻن طالبان کان ان لحاظ کان مختلف هئا ته اهي ملڪ اندر پنهنجن مخالفن ۽ ٻاهرين طاقتن سان ممڪن حد تائين هڪ مفاهمتي پاليسي تي هلڻ جا قائل هئا. ساڳي وقت انهن ملڪ ۾ عورتن ۽ آبادي جي ٻين حصن تي اهي سخت گير پاليسيون نه ٿي مڙهڻ چاهيون جيڪي اڳوڻي طالبان جي حڪومت پاران لاڳو ڪيون ويون هيون. طالبان ۽ آمريڪا ٻنهي ان ڳالهه کي سمجھيو ٿي ته انهن مان جنگ ۾ ڪو به مڪمل طور سوڀارو نه ٿو ٿي سگھي. مسئلي جو حل رڳو ڳالهين ذريعي ئي نڪري سگھي ٿو.
ان سان گڏ طالبان پاڙيسري ملڪن چين، روس، ايران ۽ پاڪستان سان سٺن ناتن ۽ انهن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت واري پاليسي تي زور ڏنو.ِ طالبان جي هڪ وفد ان سلسلي ۾ چين جو دورو به ڪيو. امريڪا ۽ طالبان جي اڳواڻن ۾ قطر ۽ ٻين مختلف ملڪن ۾ ڳالهه ٻولهه جا گھڻا دور هليا. ان ۾ جيتوڻيڪ گھڻا معاملا طئي ٿيا پر طالبان آمريڪا جي ٿاڦيل صدر اويس غني ۽ سندس حڪومت کي مڃڻ ۽ ان سان گڏ ڪم ڪرڻ لا تيار نه هئا.
طالبان جو ڪابل تي قبضو هڪ حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه هئي. ائين لڳو ته افغان فوج موجود ئي نه هئي يا اها هوا ۾ تحليل ٿي ويئي هئي. آمريڪا ۽ اتحادين پاران ان فوج کي منظم ڪرڻ لا وقت ۽ پئسي جي جيڪا سيڙپ ڪئي ويئي هئي اهو سڀ فضول ٿي لڳو. صدر اويس غني مال ميڙي ملڪ مان ڀڄي ويو. جيتوڻيڪ طالبان کي مزار شريف وغيره ۾ ڪجھه مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو پر سندن رويو ۽ پاليسي پهرين جي ڀيٽ ۾ گھڻي معتدل ۽ نرم هئي. سندن عورتن ۽ ٻين معاملن متعلق مختلف پاليسين جي حوالي سان تحفظات آهن. اها ڳالهه به پنهنجي جا تي آهي ته ملڪ ۾ ماڻهن کي پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجا اڳواڻ چونڊڻ جو پڻ اختيار ملڻ گھرجي.
ليکڪ ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته افغانن جيئن ماضي ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جي قبضي کي نه سٺو ساڳي ريت آمريڪين سان به ائين ئي ٿيو. اربين ڊالر خرچ ڪرڻ، سوين سپاهي مارائڻ ۽ هڪ ڊگھو وقت جنگ ۾ ملوث هجڻ ۽ بيگناهه مردن، عورتن ۽ ٻارن کي مارڻ جي باوجود هو افغانستان ۾ پنهنجي مرضي نه هلائي سگھيا.