پاڪستان ۾ مذهب سياست جو هڪ اهم ترين حصو رهيو آهي. هڪڙيون پارٽيون اهي آهن، جيڪي مذهب ۽ سياست کي ڌار نٿيون سمجهن پر جيڪي پارٽيون سياست ۽ مذهب کي ڌار سمجهن ٿيون، اهي به وقت اچڻ تي مذهب جو ڪارڊ استعمال ڪندي عوام ۾ جوش جذبو پيدا ڪنديون رهيون آهن. ان ڪري هن ملڪ جي سياست ڪنهن به ريت مذهب جي دائري کان ٻاهر نه نڪري سگهي آهي. هاڻوڪن ڏينهن ۾ جڏهن مخالف ڌر جي توپن جو منهن عمران خان نيازي ڏانهن آهي ته هو لاڳيتا جلسا ڪري رهيو آهي ۽ انهن جلسن ۾ هو مذهبي ڪارڊ کي استعمال ڪندي پنهنجي لاءِ همدرديون ميڙي رهيو آهي. پر ڇا هر ڀيري جيان عوام کيس به مذهبي ڪارڊ استعمال ڪرڻ تي اها ئي همدردي ڏيندو جيڪا کيس ماضي ۾ ملندي رهي آهي. هو طالبان جو وڏو حامي رهيو آهي. ان ڪري گذريل ڀيري جيڪي چونڊ مهمون هيون، انهن ۾ هن لاءِ ڪو مسئلو پيدا نه ٿيو. هاڻ جڏهن “ڪمپني بهادر” اهو چئي رهي آهي ته هن جو سياست سان ڪو واسطو ڪونهي ۽ سياستدانن کي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ گهرجن ته عمران خان نيازيءَ کي سياسي اڪيلائيءَ جو احساس ٿي رهيو آهي.
23 مارچ واري ڏينهن تي جيڪي ڪجهه ڏسڻ ۾ آيو ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن مان ائين ٿو لڳي ٿو ته جيڪڏهن فوج جهڙو ادارو سياست ۾ گهڙي اچي ۽ سياستدان رڳو انهن جي تابع ٿي وڃن ته پوءِ معاملا وڌيڪ گڙٻڙ ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته سياسي معاملن کي حل ڪرڻ جو بهترين فورم پارليامينٽ آهي. جتي هر قسم جي مسئلي کي بحث ٿي سگهي ٿو، اتي ڳالهائي سگهجي ٿو ۽ ان جا حل به ڳولي سگهجن ٿا. هاڻ جڏهن آهستي آهستي عمران خان نيازيءَ جي پارٽيءَ مان ماڻهو نڪري رهيا آهن ۽ اهي عدم اعتماد ۾ ان خلاف ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ وارا آهن ته هن لاءِ ڳڻتي وڌي وئي آهي.
ڪالهه قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڪجهه دير هليو ۽ پوءِ ملتوي ٿي ويو. جڏهن ته عدم اعتماد تي ڪوبه بحث نه ٿي سگهيو. هاڻ اهو اجلاس سومر تي گهرايو ويندو. پر سڀاڻي عمران خان نيازي هڪ اهم ترين جلسو ڪري رهيو آهي. جنهن لاءِ هو ڪجهه ڏينهن اڳ چئي چڪو آهي ته ان جلسي ۾ هو سرپرائيز ڏيڻ وارو آهي. اهو سرپرائيز ڪهڙُو ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي ايتري اهميت ڇو آهي؟
ڪن تجزيي نگار جو چوڻ آهي ته اهو سرپرائيز يا ترپ جو پتو هاڻوڪي آرمي چيف کي گهر موڪلي پنهنجي مرضيءَ جو آرمي چيف مقرر ڪرڻ آهي. ماضي ۾ اهڙي قسم جون خبرون اينديون رهيون آهن. جڏهن پي ٽي آءِ کي اقتدار مليو هو ته عمران خان نيازي پنهنجن تقريرن ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪندو رهندو هو ته سندس پارٽيءَ کي ڏهن سالن لاءِ اقتدار ۾ آندو ويو آهي. جنهن ۾فارمولو اهو جڙيو هو ته عمران خان نيازي جنرل باجوه جي ريٽائرمينٽ کان پوءِ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد کي نئون آرمي چيف مقرر ڪندو ۽ ان کان پوءِ نين چونڊن ۾ وري عمران خان نيازي وزير اعظم ٿيندو، جيڪو جنرل فيض حميد جا ٽي سال پورا ٿيڻ کان پوءِ ٽن سالن لاءِ ايڪٽينشن ڏئي ڇڏيندو، جنهن کان پوءِ عمران خان نيازيءَ جي حڪومت کي پنجن سالن تائين ڪو لهر لوڏو ڪونه ايندو. پر اها سموري رٿا ان ڪري به ڪامياب نه ٿي سگهي جو ملڪ جون سياسي حالتون گهڻيون خراب ٿي ويون ۽ ان کان پوءِ عمران خان نيازي جنهن سياسي ڪلچر کي ملڪ ۾ متعارف ڪرايو آهي، اهو به سڀن لاءِ مسئلو بڻجي ويو آهي.
هاڻوڪن جلسن ۾ عمران خان نيازي هر تقرير ۾ اهو چئي رهيو آهي ته اوهان (عوام) کي چڱائي ۽ برائيءَ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي هجي ته پوءِ ان کي نيوٽرل نه رهڻ گهرجي بلڪه کيس چڱائيءَ جي پاسي هجڻ گهرجي. هو ان لاءِ چوي ٿو ته اهو خدا جو حڪم آهي. پر چڱائي رڳو اها آهي ته کيس اقتدار مان نه هٽايو وڃي ۽ هو سدائين لاءِ ائين وزير اعظم بڻجي عوام جي سيني تي مڱ ڏريندو رهي. هن جي نظر ۾ چڱائي جو مطلب هن جو ساٿ ڏيڻ ۽ مخالف ڌر جي جماعتن کي دٻائڻ ۽ انهن کي گاريون ڏيڻ آهي. پر ملڪي سياست ۾ جڏهن ڪي معاملا طئي ٿي وڃن ته پوءِ انهن کي ريورس گيئر ڪونه لڳندو آهي. جيئن ڪجهه سال اڳ اهو طئي ٿيو هو ته نواز شريف کان اقتدار کسڻو آهي ته هن کان اقتدار کسجي ويو. هن ڪيترا وڏا جلسا ڪيا. عوام آڏو پنهنجي بي گناهي ثابت ڪئي پر ڪجهه ڪونه ٿي سگهيو. ائين اهو طئي ٿيو ته عمران خان نيازيءَ کي اقتدار ۾ آڻي وزير اعظم ڪرڻو آهي ته هو وزير اعظم ٿي ويو. هن جي خلاف ڪيترائي ڪيس هئا. هو نا اهل ٿيڻ وارو هو پر تنهن هوندي به کيس هر قسم جي سهولت فراهم ڪري ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويو. اهڙي ريت هاڻ جڏهن اهو طئي ٿي ويو آهي ته عمران خان نيازيءَ کي وڃڻو آهي ته اڄ نه ته سڀاڻي هو هليو ويندو. هو جڏهن نيوٽرل لفظ تي زور ڏئي ٿو ته هن جو اصل اشارو اسٽيبلشمينٽ ڏانهن آهي، جنهن سان سندس لاڳاپا اهڙا نه رهيا آهن، جهڙا ماضي ۾ هئا. تنهنڪري هو هن وقت جيڪي ڪجهه ڳالهائي رهيو آهي ۽ جيڪي ڪجهه تقريرن ۾ چئي رهيو آهي، ان جو سڌي يا اڻ سڌي ريت نشانو اسٽيبلشمينٽ ئي آهي.
عمران خان نيازي هاڻوڪي اٿندڙ طوفان کي نيڪي ۽ برائيءَ جي وچ ۾ ويڙهه سمجهي ٿو پر هي معاملو ته سياسي آهي. هر سياستدان جي عروج جا ڏينهن هوندا آهن، اهڙي ريت ان جي زوال جا ڏينهن به هوندا آهن. تنهنڪري هي معاملو ڪو نيڪي ۽ بديءَ جو ڪونهي بلڪه هي معاملو سياسي مفادن جو آهي. ان کي جيڪڏهن نيڪي ۽ بديءَ جو معاملو قرار ڏنو ٿو وڃي ته ٻي ڳالهه آهي. عمران خان نيازيءَ جا سياسي مقصد هڪڙا آهن ته مخالف ڌر پارٽين جا ٻيا آهن. تنهنڪري سياسي مفادن جي ٽڪراءُ کي نيڪي بدي طور پيش ڪرڻ ۽ عوام کي ان لاءِ اڪسائڻ ته هي سندن جياپي جي جنگ آهي، ان سان حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.
عمران خان نيازي واري سڄي تجربي ۾ “ڪمپني بهادر” ڪجهه سکيو آهي يا نه پر ملڪ گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي. ان معيشت جي تباهه حالي ڏٺي، سياسي ڪلچر کي گندو ٿيندي ڏٺو، ميڊيا تي پابندين کي ڏٺو ۽ عوام کي بيروزگار ٿيندي ڏٺو. ڇا هي اها تبديلي هئي، جنهن جو عوام اتنظار ڪري رهيو هو. هي هو اهو نئون پاڪستان، جيڪو پراڻي پاڪستان کان به بدترين ٿو لڳي. جنهن ۾ عوام لاءِ ڪو رليف ڪونه رهيو آهي. عمران خان نيازي هن وقت ڀلي مذهبي ڪارڊ استعمال ڪندي عوام جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندو هجي پر کيس اهو اندازو ضرور هوندو ته اقتدار جي هن ويڙهه ۾ حالتون سدائين هڪجهڙيون ڪونه رهنديون آهن ۽ هاڻ جڏهن هو اسٽيبلشمينٽ کي اکيون ڏيکارڻ لڳو آهي ته ان تي فقط سنڌيءَ جي هڪ چوڻي ياد اچي ٿي ته “موچي جو گهڙيو موچيءَ جي منهن ۾”.