ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد ۾ حيسڪو جا آزار

Editorial

خبرون آهن ته أحيدرآباد جي شهرين سان حيسڪو جون ناانصافيون وڌي ويون آهن، مختلف علائقن ۾ سڙي ويل ٽرانسفارمر هفتن کان تبديل نه ٿيا، نه ئي بجلي بحال ڪئي پئي وڃي، جنهن خلاف هاڻي شهري روڊن تي نڪرڻ لڳا آهن. احتجاجي مظاهرا ڪري روڊن کي بلاڪ ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي وحدت ڪالوني جي رهواسين بجلي جي بندش خلاف حيسڪو آفيس قاسم آباد سامهون ها وي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. ڌرڻو رات دير تائين لڳل رهيو. ٽريفڪ جام ٿي وئي. گدو چوڪ وحدت ڪالوني جي رهواسين ٻئي ڏينهن به قاسم آباد ٿاڻي سامهون حيسڪو آفيس وٽ ڌرڻو هڻي روڊ کي بند ڪري احتجاج جاري رکيو، ٽائرن کي باهيون پڻ ڏنيون ويون، ان موقعي تي شهرين چيو ته حيسڪو عملدارن جي سندن گهرن جي بجلي بنا جواز ڪاٽي ڇڏي آهي. جنهن سبب پاڙي ۾ گئس ۽ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. جڏهن ته سندن طرفان بجلي جا بل پڻ ادا ڪيل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بجلي بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن قاسم آباد جي محمد بخش شورو ڳوٺ جي مختلف پاڙن جا ٽرانسفارمر 2 هفتن کان خراب پيل آهن، جنهن تي علائقي واسين حيسڪو خلاف احتجاج ڪندي چيو ته گذريل 2 هفتن کان اسان جي پاڙن جا ٽرانسفارمر خراب پيل آهن پر حيسڪو وارا ٺهرائي ڏيڻ لا تيار ناهن. هنن چيو ته اسان جي پاڙي جي هڪ ٽرانسفارمر جون حيسڪو وارا لنڪون پڻ لاهي ويا آهن، جنهن ڪري سڄو ڳوٺ اونداهي ۾ ٻڏل آهي، هنن وڌيڪ چيو ته رات جي وقت گرمي ۽ مڇرن ۾ جاڳي گذارڻ تي مجبور آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته حيسڪو وارن جي ڪن مهٽ ڪري علائقي ۾ بجلي بحال ڪرائي ڏني وڃي.
ملڪ ۾ جيڪو کاتو وڌ کان وڌ عوام دشمني جو رڪارڊ رکي ٿو اهو واپڊا جو کاتو آهي. واهپيدارن ڏانهن واڌو بل موڪلڻ ۽ ڊٽيڪشن ذريعي شهرين کي پريشان ڪرڻ ۾ حيسڪو جو ادارو هڪ ڌار سڃاڻپ رکي ٿو. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته واپڊا/حيسڪو جي اهڙن قدمن کي فوري طور روڪيو وڃي، بلن ۾ هٿرادو واڌ، 12، 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ، بجلي جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏڻ تائين حيسڪو عوام خلاف جيڪي به زيادتيون ڪيون آهن، انهن جو ازالو ڪيو وڃي.

ڪڍڻ صحت مرڪز ۾ عملي ۽ دوائن جي کوٽ
سنڌ ۾ هڪ پاسي اهي دعوائون ڪيون پيون وڃن ته صحت واري شعبي جي صورتحال بهتر آهي، وڏن شهرن ۾ کڻي ڪجهه صورتحال بهتر آهي، پر اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ صحت جون سهولتون نالي ماتر ئي آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪلهوڪي اخبارن ۾ خبر آئي آهي ته ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ گذريل 4 سالن کان عملي ۽ دوائن جي کوٽ هجڻ ڪري 8 بيڊن تي ٻڌل اسپتال ۾ 13 کان 14 مختلف شعبن جي ڊاڪٽرن جون سيٽون خالي پيل آهن، جڏهن ته ٻن تعلقن جي ساحلي پٽي جي عوام کي صحت جون سھولتون ڏيندڙ اسپتال ۾ صرف 2 ميل ۽ 2 ليڊي ڊاڪٽر موجود آهن، اسپتال ۾ ايندڙ مريض پريشان ٿيڻ لڳا، رورل ھيلٿ سينٽر کي 3 سالن کان ھلائيندڙ هڪ اين جي او به جوڳا انتظام نه ڪري سگھي، جنھن بعد گذريل هڪ سال کان اسپتال ڊي ايڇ او بدين حوالي ٿيل آھي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ٻڌايو ته عملي جي کوٽ ۽ دوائون نه ھئڻ بابت لاڳاپيل عملدارن کي آگاھه ڪيو آهي، مسئلو حل ڪرڻ انھن جو اختيار آھي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ او بدين چيو ته “ان معاملي کي ڏسان ٿو جلد حل ڪيو ويندو.”
اها صورتحال تقريبن هر رورل سينٽر جي هوندي آهي. حد اها آهي جو سنڌ ۾ روڊن رستي تي عورتن جي ويم ٿيڻ جو به خبرون رپورٽ ٿينديون رهن ٿيون. جنهن مان پڻ خبر پوي ٿي ته صحت جي بهتري جون دعوائون اڃا حقيقت جو روپ نه وٺي سگهيون آهن. اسان جو حڪومت کان مطالبو آهي ته ڪڍڻ رورل هيلٿ سينٽر ۾ عملي ۽ دوائن جي کوٽ کي جلد پورو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button