ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

راند ھارائيندڙ وٽ ترپ جو پتو؟

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

پاڻ اڄ پاڪستان جي ماضيءَ جا ڪجھه مثال ورجائي، عمران خان جي غير جمهوري ۽ عوام دشمن بدسلوڪي ڏانھن واپس ورنداسين. ھن وقت قانوني، پارلياماني ۽ آئيني حساب سان سڀ کان اتم، ارجنٽ ۽ ملڪ جي مستقبل سان واڳيل سوال اهو پيدا ٿي ويو آهي ته ڇا ملڪ جو وزيراعظم چونڊيندڙ قومي اسيمبلي دستور موجب ڪم ڪري پيئي يا ھڪڙي رياڪار اسپيڪر اسد قيصر جي غير قانوني طريقن ڪرڻ عمران سرڪار انهي مقدس ايوان کي به يرغمال بڻايو آهي. اسپيڪر اھڙو غير جانبدار ڪردار ادا پيو ڪري جيڪو بينظير ڀٽو خلاف تڏھوڪي صدر غلام اسحاق خان، پنجاب جي چيف منسٽر نواز شريف ۽ مھراڻ بينڪ جي خرچ تي ٺھرائيل اسلامي جمهوري اتحاد جي سربراهه غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ مڊ نائيٽ جيڪالس برگيڊيئر امتياز بلا ۽ ميجر فلاڻي ڪيو جيڪي جنرل اسلم بيگ جي اشارن تي ٺمريون ھڻندا ھئا. اڄ انهن سگھارن آفيسرن جو پاٽ تي به نالو نشان ناهي.
لڪندا وتن لوڪ کان!
ان زماني ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ھو معراج خالد نالي ننڍي کنڊ جي وڏي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سرگرم لاھوري اڳواڻ ھو جنھن پنهنجي ماءُ پيءُ سان بغاوت ڪري، سماجوادي سٿ جو ساٿ ڏنو ھو ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين ڪميونسٽن جي محفل مچائيندڙ ٽي ھائوس ۾ ويهندو هو پنهنجي سنگت سان گڏ. فيض احمد فيض، جنرل اڪبر، حبيب جالب، آغا گل احمد گل، بابا سوشلزم مرحوم رشيد احمد شيخ، ليبر يونين جا سچا اڳواڻ ابراهيم، طفيل احمد. بار ڪائونسل جو ميان محمود علي قصوري، ڊاڪٽر مبشر حسن ۽ ايران مان سر بچائي ڪراچي، لاھور ۽ ٻين شهرن ۾ پناهھ وٺندڙ ايراني ڪميونسٽ ۽ ٻيا گهڻا ٽريڊ يونين وارا ۽ کاٻي ڌر جا صحافي، ليکڪ، شاعر ۽ جمھوريت پسند اڳواڻ روزانو منجھند کان وٺي آڌيءَ رات تائين اتي چانهھ پيئڻ بھاني گڏجاڻيون ڪري رٿا بندي ڪندا هئا. آئون پاڻ استاد رسول بخش پليجي ۽ فاضل راهو سان گڏ ڪئين ڀيرا انھي تاريخي ھوٽل ۾ سينئر ساٿين سان ملندو ھئس. جيئن ته وزير اعظم لياقت علي خان کان وٺي جنرل ايوب خان تائين ڪميونسٽن تي وڏيون مشڪلاتون ۽ پابنديون مڙهيل ھيون ته ان دور ۾ ايوبي مارشل لا جو ويجھي کان ويجهو ساٿاري پنهنجي وزارت کي لت هڻي سوشلسٽ تحريڪ کي ھائيجيڪ ڪري ورتو.
اھو ساٿاري ذوالفقار علي ڀٽو ھو جيڪو انگريزن جي تابعدار پي سر شاهنواز ڀٽو جو پٽ هو ۽ سندس تعليم تربيت بمبئي کان لنڊن تائين يورپي شهرن ۾ ٿي ھئي جيئن اڄڪلهه واري وزير اعظم عمران خان جي ٻاھرين ترقي يافتا سرمائيدار ملڪن ۾ ٿي.
ڪميونسٽ پارٽي خلاف ٿيل ايوبي فوجي آپريشن ۾ حسن ناصر جھڙن نه ڄاڻ ڪيترن ئي ڪونڌرن کي ڪهي ڇڏيائون تنهن ڪري پارٽي آفيس بدران ايراني ھوٽلن کي گڏجاڻين جو مرڪز ٺاهيو ويو. ھي اھي ايراني ڪميونسٽ ھئا جيڪي آمريڪي سي آئي اي ۽ برطانوي سامراج جي سازش مطابق چونڊيل ايراني ليڊر مصدق حسين جي حڪومت کي ڊاهي، جلاوطنيءَ ۾ سائوٿ آفريڪا وڃي لڪل رضا شاهه پهلوي کي واپس ايران جو شھنشاهھ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ڇاڪاڻ ته ان مھل تائين عرب رياستن مان تيل ۽ گيس جا وڏا ذخيرا ھٿ نه آيا ھئا. ايران جي چونڊيل سوشلسٽ اڳواڻ مصدق حسين آمريڪا ۽ برطانيا جي آئل ڪمپنين جا معدنيات کوٽائي وارا لائسنس رد ڪري کين ٽپڙ ويڙهي گھر وڃڻ جو امن وارو گس ڏنو ھو پر سامراجي ويرين سندس حڪومت کي چؤکنڀو ڦاسائي، آخرڪار شهنشاهه ايران ھٿان کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏياري، فنا ڪري ڇڏيو.
ھتي ڀٽو صاحب جيڪا سوشلسٽ انقلاب جي ڳالهھ ڪئي، سندس عمل ان نظرئي جي بنھه ابتڙ ڏٺوسين. جيئن ته هي آرٽيڪل اڄوڪي پاڪستان جي سياسي، سماجي ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي بابت آهي، تنهن ڪري چٽو ڪري ڇڏيان ته عمران خان پارليامينٽ کي جھڙي آپيشاهي سان يرغمال بڻايو آهي تيئن نه ذوالفقار علي ڀٽو ۽ نه ئي سندس ڌيءَ بينظير ڀٽو ڪيو يا سوچيو.
ملڪ معراج خالد قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ھجڻ ڪري بي ريائي جو شاندار مثال قائم ڪيو جڏهن ته قومي اسيمبلي جو ھاڻوڪو اسپيڪر اسد قيصر ته جمھوري اصولن جي مٽي پليت ڪري عمران خان جي ذاتي نوڪر واري حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. اسپيڪر جو عهدو ھڪڙي چيف جسٽس وانگر اھم آهي. پر جسٽس منير احمد کان اڄ تائين سٺ سالن ۾ ڏٺوسين ته طاقتور قبضي مافيا جو پلڙو اڃا ڳرو آهي. ياد رکو ته ڪرپشن رڳو ناجائز ڪمائيءَ جو نالو ناھي مارشل لا ھڻي اقتدار تي غير قانوني طريقي سان ناجائز قبضو ڪرڻ کان وٺي
ماڻھن جي گھرن پلاٽن، ٻنیين، پاڻين ۽ ميرٽ تي قبضو ڪرڻ به نه رڳو ڪرپشن پر اخلاقي ڏيوالپڻي جي نشاني آهي جيڪا سنڌ ۾ ته 14 سالن کان ڀوڳيون پيا پر عمران خان ته ڪرپشن جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن.
ڇا پارليامينٽ ۾ آئين مطابق 14 ڏينهن اندر بي اعتماديءَ جي رٿ تي ووٽنگ نه ڪرائڻ ڪرپشن ۽ قانون جي لتاڙ ناھي؟ ڇا بي اعتماديءَ جي رٿ تي ووٽنگ کان اڳ ۾ ئي اعليٰ عدالت کي مجبور ڪرڻ ته فلاڻن فلاڻن ميمبرن کي نا اهل قرار ڏيئي، ووٽ جي حق کان محروم ڪريو، اھا بد ديانتي ۽ بي ايماني ڪونھي؟ ڇا عدالت کي منٿ ميڙ ڪرڻ ته 27 مارچ آچر تي اپوزيشن اسلام آباد ۾ جيڪو ميڙاڪو ڪوٺايو آھي، ان تي پابندي لڳائي وڃي، ڇا ھي ٺڳي ناھي ته رڳو تحريڪ انصاف جي پوئلڳن کي اسلام آباد ۾ ميڙ ڪوٺائڻ ڏجي ۽ مخالف ڌر جي ڪارڪنن لاءِ گاديءَ واري شهر جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏجن؟
ھي سوچ ته ھڪ ڊپ ۾ وڪوڙيل، بيمار ذھن ۽ مفلوج ٿيل حڪمران جي نشاندهي ڪندڙ آھي جيڪو ادارن، مخالف سياسي جماعتن ۽ خدا جي خلق کي ھڪ مھيني کان جادوءَ جي ڇڙي ڏيکاري چوي ٿو پيو ته،
“مون وٽ ٽرمپ ڪارڊ آهي’ رمي ۽ فليش کيڏڻ وارن کي تجربو ضرور ھوندو ته راند جي پڇاڙيءَ ۾ ترپ جو پتو به ڪنهن نه ڪم جو ٿي ويندو آهي، عمران خان جيان. ھو ھاڻي ان ساڳي سگھاري ڌر کي بليڪ ميل ٿو ڪري، جيڪا ويھن سالن کان سندس ڇپر ۽ ڇانو ھئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button