دنيا ۾ آتم ڪٿائي ادب ۽ سوانح عمريون تمام گهڻيون پڙهيون وڃن ٿيون ۽ دنيا جا وڏا شاعر، اديب، ليکڪ، ڪاروباري ماڻهو، استاد ۽ سياستدان توڙي عام ماڻهو پنهنجي زندگي جي ڪاميابين، ناڪامين ڏُکن، تڪليفن، خوشين ۽ جدوجهد جي داستان تي تي بهترين ڪتاب لکندا رهن ٿا ۽ انهن ڪتابن مان پڙهندڙ انهن شخصيتن جي خيالن، سوچن، روين، احساسن، دلچسپين، غير معمولي خاصيتن، ڪمزورين انهن جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جي سببن کان واقف ٿئي ٿو ۽ سنڌي ادب ۾ حسام الدين راشدي، مرزا قليچ بيگ، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، جمال ابڙو، امرجليل، فتاح ملڪ ۽ ٻين ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن جون انتهائي دلچسپ آتم ڪٿائون لکيل آهن. انهي سلسلي ۾ تازو سنڌ جي هڪ وڏي ذهن، ڏاهي، مفڪر، اديب، نقاد ۽ يگاني ڪردار “رسول بخش پليجي جي آتم ڪٿا” آئي آهي جنهن جو مُرتب ادريس لغاري آهي. سائين پليجي صاحب جي هن آتم ڪٿا ۾ سائين پليجي صاحب جي ننڍپڻ ادبي، سياسي ۽ فڪري سفر جو انتهائي دلچسپ احوال آهي، جنهن کي پڙهندي اسان کي پليجو صاحب هڪ طرف حساس طبيعت جو مالڪ انسانن توڙي جانورن سان بي انتها محبت ڪندڙ نرم مزاج شخص نظر اچي ٿو ته ٻئي طرف هن مدي خارج، فرسوده ۽ ظالم سماج سان نفرت ڪندي بي رحم ٿيو وڃي ۽ عمر خيام جي ان شعر وانگر جيڪڏهن هُن جو هن جهان تي وس پُڄي ها ته ھُو هن جهان کي هٿ ۾ کڻي اونڌو ڪري ڇڏي ها ۽ هڪ نئون ۽ خوبصورت جهان اڏي ھا پر پوءِ به پليجي صاحب پنهنجي ڏاھپ، عمل ۽ جدوجهد سان سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي ذهني توڙي جسماني پورهيي سان سنڌي سماج ۾ اڻ مِٽ نشان ڇڏيا آهن. تنهنڪري پليجي صاحب جي زندگي، فڪر، نظريي، ڏاهپ ۽ جدوجهد جو مطالعو ڪرڻ ان تي تحقيق ڪرڻ ۽ اُن کي سمجهڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان تحقيق جو بنيادي ماخذ پليجي صاحب جي هي آتم ڪٿا آهي، تنهنڪري اچو هن آتم ڪٿا جو جائزو وٺون.
ڪنهن به جينيئس کي سمجهڻ لا سندس ننڍپڻ، ان وقت جي ماحول ۽ سندس زندگي جي حالتن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي جن مان اُهو شخص اُڀري ايندو آهي. تنهنڪري پاڻ جڏهن پليجي صاحب جي ننڊپڻ ۽ سندس ڳوٺاڻي ماحول جو مطالعو ڪنداسين ته پاڻ کي خبر پوي ٿي ته پليجي صاحب جي پرورش انتهائي گُھث ٻوسٽ ۽ نفرت واري ماحول ۾ ٿي، جتي عورتن، ٻارن ۽ جانورن کي مارڻ ڪُٽڻ روز جو معمول هو. پليجي صاحب پنهنجي پي ۽ چاچي جي هٿان پنهنجي ماءُ کي مار کائيندي ڏسندو هو. پاڻ پنهنجي ڀائرن هٿان مارون کائيندو هو. ائين زالون پنهنجن مڙسن جي هٿان روزاني مارون پيون کائينديون هيون ۽ ان ماحول ئي پليجي صاحب ۾ ھن ماحول ۽ سماج خلاف نفرت پيدا ڪئي. ان سڄي ماحول جي اظهار پليجي صاحب صفحي پندرهن تي هن ريت ڪري ٿو. “منهنجي روبرو ماڻھو نه وڻندڙ ڳئون، گابي، ڍڳي کي لٺين سان ماريندا هئا، ڪتن ۽ عورتن کي رتو رت ڪري ڇڏيندا هئا. منهنجي روبرو ماين مان رت پيو وهندو هو. اها عام رواجي ڳالهھ ھئي ته اڄ فلاڻي کي موچڙا پيا لڳن. ان کي بظاهر ڪير به دل ۾ نه ڪندو هو. مرد زالن جي ڇاتين تي چڙهي ڪٽيندا هئا، مُڙسي جو معيار اهو هو ته زال کي ماري ٻارن کي بيدرديءَ سان ماريو ويندو هو. مون کي ڪيترائي ڀيرا منهنجي وڏي ڀاءُ ڪاوڙ مان کڻي پٽ تي اُڇلايو. بابا امان کي ماريندو هو. امان جو مٿو سدائين ڦاٽو پيو هوندو هو. مون کي ٻُوسٽ ٿيندو هو. منهنجو ساهه منجهندو هو. آ ڄائو ئي نفرتن ۾ آهيان.”
ڳوٺ جي ان سڄي ماحول پليجي صاحب ۾ هڪ بغاوت پيدا ڪئي. پليجي صاحب ننڍپڻ ۾ ئي ان سماج ۽ ان جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي. جيئن هڪ هنڌ لکي ٿو ته “اسان جو وڏو چاچو هو، هن لاءِ مون کي بي پناهه عزت ۽ محبت آهي. آ هن کي پنهنجي پي وانگر سمجهان ٿو، هڪ ڏينهن چاچي امان کي ماريو پئي. آئون ڊوڙندو پُٺيان ويس، چاچي کي چنبڙي وڃي پٺيان چڪ هنيومانس. سنسي پکڙجي وئي. منهنجي چاچي کي خبر نه پئي ته ھُو مون سان ڪيئن ڊيل ڪري. بابا اهڙي جُرئت نه ڪري ها، چاچا جي چهري تي حيرت جا آثار هئا. مطلب ته آئون ان سڄي قانون جي خلاف ورزي ڪندو هئس.”
ائين هڪ ته پليجو صاحب ان دور جي خلاف ٿي بيٺو ته ٻئي طرف تمام ضدي ۽ بي ڍپو ٿي ويو ۽ اهو رويو هن سان سڄي ڄمار رهيو، جنهن جو انتهائي دلچسپ احوال پليجي صاحب صفحي چوڏهن تي هن ريت ڏنو آهي ته “هڪ بلوچ ڇوڪري بالغ ھئي، نالو هئس “وشي”. وشي بلوچي ۾ چوندا آهن سُھڻي کي. هوءَ به ڏاڍي سهُڻي هُئي. مون اچي مطالبو ڪيو ته منهنجي هن سان شادي ڪرايو. ماڻهو سڀ پريشان ٿي ويا، ٻيا آيا راڄ گڏ ٿيا پر آ ضد ٻڌيو بيٺو آهيان ته منهنجي شادي هن سان ڪرايو ۽ جڏهن وڃي چيائون ها ڪرايون ٿا ته مون جان ڇڏي. اُن وقت مُنهنجي عُمر ٽي يا چار سال هئي ۽ اها ٻين جي روايت آهي.” ائين پليجو صاحب پنهنجي ننڍي وهي ۾ بي ڊپو ٿي، ان خوبصورت ڇوڪري جي شادي جو سڱ گهري ٿو ته ٻئي طرف پنهنجي بچاءُ لا ڪُتي سان وڙهندي ان کي چڪ پائي ٿو ته وري پنهنجي پاڻ کي ان دور جو وڏو چور، جاسوس ۽ هڪ هوُشيار شاگرد ثابت ڪري ٿو ۽ اُهي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا خطرا کڻڻ کان به ڪيٻائي نٿو، ڀاڙيو نٿو ٿئي. بلڪه پليجي صاحب جي غير معمولي شخص ٿي اُڀرڻ جو راز به اُهو ئي آهي جنهن جو اظهار هن ريت ٿو ڪري “منهنجي زندگي جو راز هيءَ آهي ته آ ڏڪندي ڏڪندي موت جي منهن ۾ ھليو ويندو آهيان. آ سمجهندو آهيان ته رسول بخش پڪ مري وئين. تباهه ٿي وئين پر ھٽڻو ناهي. سڄي ڳالھه جو تت اھو آهي ته منهنجي زندگي جو مِشن اهو هو ته ڀاڙيو نه ٿيبو.”
ان کانپو هن ڪتاب ۾ پليجي صاحب پنهنجي تعليم جو احوال ۽ سنڌ مدرسي جي انگريزي جي بهترين استادن جو احوال به ڏي ٿو، جيڪي پنهنجي دور جا هڪ مٽالي استاد هئا، جن پليجي صاحب جي تربيت ڪئي ۽ سنواريو. اُتي ئي پليجي صاحب کي سنڌ جو ترقي پسند، روشن خيال ۽ سيڪيولر مفڪر ڏاهو ۽ استاد سائين ابراهيم جويو مليو، جيڪو هن جي صلاحيتن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ پليجي صاحب کي دنيا جي جديد سائنسي ۽ انقلابي سوچ جي واقفيت ڏني. جڏهن ته پليجو صاحب ننڍپڻ ۾ ڪئين ناول پڙهيو ويٺو هو. ائين هن ڪتاب ۾ پليجي صاحب سنڌ مدرسي ۾ محمد علي جناح سان پهرئين ملاقات، سندس شخصيت ۽ سياست جو ڇيد ڪري ٿو ۽ ان کانپوءِ پنهنجي شروعاتي دور ۾ ڪيل مختلف نوڪرين جو احوال، صحافتي زندگي ۽ ان دوران ٿيندڙ انتهائي دلچسپ حادٽن جو ذڪر ڪري ٿو. جڏهن ته پليجي صاحب جي ڏاڏي جي خواهش هئي ته هي مولوي ٿئي ۽ پي جي خواهش هئي ته هڪ آفيسر ٿئي پر پليجي صاحب وڪالت جو شعبو اختيار ڪيو پر پنهنجي ادبي، سياسي ۽ انقلابي طبيعت جي ڪري وڪالت دوران ماڻهن جا فيصلا ڪري ماڻهن جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪرائي انهن جا مسئلا حل ڪري ڇڏيندو ھو، جنهن ڪري سندس سينيئر استاد جا هن جي باري ۾ سدائين اهي ڪمينٽ هوندا هئا ته تون ڪڏهن به وڪيل نه ٿي سگهندي پر پوءِ اڳتي هلي چوٽي جو وڪيل ٿئي ٿو پر پوءِ به حساس طبيعت جي ڪري ڪيترائي ڪيس هلائڻ ڇڏي ڏنا هئا ڇو ته اُتي پليجي صاحب هڪ ڏوهي کي سزا کان بچائڻو پئي پيو جن جو ذڪر پڻ هن ڪتاب ۾ ملي ٿو.
ان کانسواءِ پليجو صاحب هن آتم ڪٿا ۾ پنهنجي ادبي ۽ تنقيدي سفر جو مختصر احوال ڏي ٿو ته هن ڪئين ادبي، سياسي مضمون ۽ تنقيدي مضمون ۽ “انڌا اونڌا ويڄ” ۽ “سنڌي ذات هنجن” ڪتاب لکيا ۽ ان دور جو ڪيئن بي رحم نقاد ٿي اُڀريو ۽ بي رحم ٿي اُڀرڻ جو سبب پليجي صاحب صفحي 65 تي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. “آئون شديد محرڪ کانسواءِ لکندو ئي ناهيان، آئون سست پارٽي آهيان. هڪڙو يا ٻه دفعا ڪا ڳالھه ٿي ويندي آهي ته نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهيان ۽ قلم کڻندو ئي ناهيان جڏهن ڪا شي ھڪڙي حد کان تجاوز ڪري ڪنهن خطري جي صورت ۾ پيش ٿيندي آهي ۽ محسوس ٿيندو آهي ته هن مان خطرو آهي ۽ هاڻ ماڳهين ڪم کان ٿا وڃون ۽ حدون لنگهي ويون ته پوءِ آئون ان شي کي مڪمل ختم ڪرڻ لاءِ پوري قوت سان حملو ڪندو آهيان ته جيئن جوابي حملو نه ڪري سگهي ڇو جو مون پنهنجي پوري قوت سان حملو ڪيو هو.”انڌا اونڌا ويڄ” به انهي ڪري لکيم ته ڀرپور حملو ڪري مخالف کي ناس ڪري ڇڏجي.”
پنهنجي ادبي ۽ تنقيدي احوال ڏيڻ کان پوءِ هن ڪتاب ۾ پليجي صاحب جي سياسي زندگي جو احوال اچي ٿو جنهن ۾ حيدر بخش جتوئي، هاري ڪميٽي کان ويندي نيشنل عوامي پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ ان دوران ڪيل جدوجهد ۽ جيل ياترا جو مختصر احوال آهي. هن آتم ڪٿا ۾ پليجي صاحب جا شيخ اياز، استاد بخاري، جمال ابڙو، مولانا گرامي جي فن ۽ شخصيت تي لکيل مضمون پڻ شامل آهن ته فاضل راهو جي جدوجهد تي پڻ هڪ مضمون شامل ٿيل آهي، جن کي پڙهڻ کان پوءِ اسان انهن شخصيتن جي فن فڪر ۽ جدوجهد کان پوري ريت واقف ٿيون ٿا. ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ مرتب ادريس لغاري جا پلييجي صاحب جي زندگي ۽ جدوجهد تي لکيل مضمون ۽ ڪتابن جو تعارف پڻ شامل آهن. ائين هي آتم ڪهاڻي اسان کي پليجي صاحب جي شخصيت، زندگي، جدوجهد، سياست، سوچن ۽ خيالن کي سمجهڻ ۾ بنيادي ڪردار ڪري ٿي جنهن کي مرتب ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ پڻ ادريس لغاري جو غير معمولي ڪم آهي ۽ سنڌ جي باشعور ماڻهن، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ شاگردن کي پليجي صاحب جي هي آتم ڪٿا ضرور پڙهڻ گهرجي.