ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تر جي گٿي سنڌ

Editorial-Article- Mubark Lashari

جڏھن ادب جي ڳالهھ اچي ٿي تھ ادب سان گڏ سماج جي اولڙي يا عڪس جو ذڪر بھ اچي ٿو ۽ سماج وري ماڻھن جي وارتائن ۽ حالتن جي لقائن جو نمونو ھوندو آھي. دنيا جي تقريبن سڀني ٻولين جي ادب ۾ جيڪا وڏائي ڌرتي ۽ سماج سان لاڳاپي جي اظھار ۾ نظر ايندي آھي، اھا سڀني کان اعليٰ ۽ مقدس ليکي ويندي آھي. ڌرتي ۽ سماج بنا ادب ٻسو ۽ ڇسو سمجھيو ويندو آھي جنھن جون نھ پاڙون ھونديون آھن نھ پن ۽ ٽاريون ھونديون آھن. ان سڪل وڻ جو نھ ميوو ھوندو آھي نھ ان جو ڇانورو ھوندو آھي جنھن ۾ مسافر ۽ وڻجارا ويھي ٿڪ ڀڃي سگھن. اھڙي ادب کي بيشڪ ڪيترائي پر لڳي وڃن پر بي بنياد ھوندو آھي. ھا جيڪڏھن دنيا ۾ واقعي افلاطون وارو دي ريپلڪ يا ٽامس مور جو يوٽوپيائي رياست وجود رکي ٿو ۽ اھو فنڪشنل صورت ۾ آھي تھ اتي ڀلي ادب يا لکڻيون سماج ۽ الڳ ھجن ڀلي اھو ادب پوءِ تفريح يا مزي يا سڪون جو اظھار ھجي، اھو ادب ڀلي ماڻھن جي ٽائيم پاس جو آرٽسٽڪ اظھار ھجي بيشڪ ڪجهھ بھ ھجي پر اھو سنڌ جھڙي سماج جو آئينو نٿو ٿي سگھي. ھڪ تھ سنڌ ۾ اھڙو نظام ويجھڙ ۾ نھ فقط نظر نھ پيو اچي پر اھڙي سماج جون اميدون ان ڪري بھ گھٽ آھن جو ماڻھن کي پيٽ ۽ امن ۾ ايترو ڦاسايو ويو آھي جو اھي ڪنھن يوٽوپيائي سماج جو تصور بھ نٿا ڪري سگھن
آڻين ۽ چاڙھين ڏٿ ڏھاڙي سومرا،
واري ڪاري ڪار فقط ھاڻوڪي دور ۾ ناھي پر صدين کان اھا پيڙا ھلندي پئي اچي. ٻي ڳالهھ سنڌ ھڪ سماج جو عڪس ناھي سنڌ جو تصور ھڪ وطن جو تصور آھي. سنڌ سماج ناھي وطن آھي. جيڪڏھن ڪنھن سماج جو عڪس ادب ۾ آھي تھ سٺي ڳالھه آھي پر جي ناھي اھو ادب ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪتل نٿو چئي سگھجي پر جي ادب ۾ وطن جو اولڙو بھ نھ ھجي تھ اھڙو ادب بنھه ڪنھن ڪم جو ناھي. ان ڪري سنڌ نھ فقط ھتان جي اصلي ليکڪن جو سماج آھي پر ان کان مٿي وطن آھي. جيڪي الٽو سوچين ٿا، جيڪي عام لوڪ جيان رڳو لھوارو ٿي نٿا سوچين يا ھلن؛ لطيف سائين چواڻي
اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين
جي لھوارو لوڪ وھي، تون اونچو وهه اوڀار،
منجھان نوچ نھار، پر پُٺيرو پرينءَ ڏي.
اھي انسان عام کان ابتڙي ھلندا آھن، تڏھن ئي وطن واسين کي درست دڳ ڏسي سگھندا آھن، درست فڪر جي واٽ تي ھلندا آھن، تڏھن ئي وطن ترقي ڪري ڪنھن سٺي منزل، تھذيب ۽ شناخت حاصل ڪندا آھن ڇو تھ وطن انسان جو اوڇڻ ھوندو آھي، اوڇڻ بنا انسان اگھاڙو آھي ۽ اھا اگھاڙپ گھڻي عياشي افورڊ نھ ڪري سگھندي آھي. ان ڏس ۾ ڪي ٿورا ئي ليکڪ ھوندا آھن، جيڪي وقت ھوا جي جھوٽي مان متاثر ٿيڻ بدران اصلي، ڏکين ۽ ڪنڊن جي رستي تي ھلي قوم ۽ ايندڙ نسلن جو دڳ ٺاھيندا آھن. انھن ڪنڊن تي ھلي دڳ ٺاھيندڙن قلمڪارن، مفڪرن، دانشورن ۽ اديبن مان ھڪڙو انتھائي اعليٰ پد جو انسان محمد ابراھيم جويو جي صورت ۾ اسان وٽ ھڪ قدرتي تحفي جيان آھي. محمد ابراھيم جويو صاحب سموري ڄمار نھ فقط علم ۽ ادب سان سلھاڙيل رھيا پر درست واٽ جي ڪري ڪيترن ئي ھوائي جھوٽن ۽ جھولن کان انڪاري بھ رھيا، نھ جي فلسفي تي ھلي پنھنجو درست دڳ چونڊيو ۽ سموري ڄمار ان واٽ جي پاسداري ۾ گذاري.
محمد ابراھيم جويو جيڪو رستو چونڊيو اھو رستو ڊگھو يا اڻانگو تھ ھوندو پر رستو درست آھي، ان فڪر کي سھيڙڻ يا سلھاڙڻ جي جيڪا ضرورت ھئي ۽ آھي سا تھ وڏي آھي پر ان تي ھلڻ بھ ڪنڊن تي ھلڻ جھڙو ڪم آھي، اھو رستو اسان جي دوست ۽ سائين محمد ابراھيم جويو جي ڏوهٽي محسن جويي جي ڪڻي ۾ آيو آھي. محسن جويو مسلسل ان راهه تي ھلي رھيو تھ ڪيئن بھ ڪري محمد ابراھيم جويو صاحب جي فڪر ۽ فلسفي کي اڳتي وڌائجي ۽ ان تي ھلجي. ظاھري ڳالھه آھي ان سموري سفر ۽ فڪر جو رخ ۽ منزل وطن ئي آھي تھ وطن ئي ان جو موضوع آھي. وطن ڇو تھ اسان جو سنڌ آھي تھ سنڌ سان عداوتون، دشمنيون، ٻھروپيون ۽ فريب اسان سڀني سان دشمني يا فريب آھي، تنھنڪري اھو درد اسان سڀ محسوس ڪريون ٿا. ان درد جي اظھار يا اصليت لاءِ اسان کي علمي ۽ سائنسي رستو اختيار ڪرڻو پوندو. اھو رستو اھو آھي تھ اسان ويجھڙائي واري تاريخ کي ڏسون تھ اسان ڪٿان ٿيڙ کاڌو آھي ۽ اسين ڪٿان ڪريا آھيون؟ محسن جويو طرفان لکيل سھيڙيل پنھنجن بھترين لکڻين جو ڳٽڪو “تر جي گٿي سنڌ، سياسي ۽ فڪري مضمون” انھي ڀل، چڪ يا ٿيڙ جا اولڙا آھن. ڪتاب پنھنجي جوھر ۾ جيئن مٿي ذڪر اچي چڪو آھي تھ محمد ابراھيم جويو صاحب جي فڪر ۽ فلسفي جو اضافو، ايڪسٽينشن يا تشريح آھي تھ اھو سنڌ سان ٿيل ويساهه گھاتين جو اظھار آھي، ئي پر ان ڏس ۾ تجويزون ۽ حل بھ ڏنل آھن جيڪي ھن ڪتاب کي انتھائي اھم ڪتاب بڻائين ٿا. ھونئن بھ اسان وٽ سياسي ادب نھ ھجڻ جي برابر آھي پر جيڪڏھن آھي بھ تھ اھو فقط سھيوڳي سياسي حالتن جو تبصرو يا تنقيد آھي. جڏھن سياسي ادب جي بنيادي گھرجن مان ھڪ گھرج اھا بھ آھي تھ سياسي تجزيو پاڙن مان ڪرڻ گھرجي ۽ درست سياسي رستن جي ڳولا پڄاڻان ئي درست فيصلو ڪري سگھجي ٿو. ان حوالي سان ھن ڪتاب ۾ چار مختلف موضوعن ۾ مضمون ورھايا ويا آھن جنھن ۾ پھريون ڀاڱو “فڪري مضمونن” جو آھي جيڪو بنھه اھم ۽ سوچڻ جي دعوت ڏيندڙ آھي. ٻيو ڀاڱو “سنڌي ٻولي” سان سلھاڙيل آھي جن جي تفصيل ۾ بعد ۾ وينداسين. ٽيون ڀاڱو “ڪالم ۽ مضمون” جو آھي جنھن ۾ ماضي جي غلطين جي تدارڪ يا جسٽيفڪيشن طور سھيوڳي حالتن جو بھترين تبصرو آھي، جڏھن چوٿون ڀاڱو “شخصيتن” جو آھي جنھن ۾ نامور شخصيتن کي سنڌ وطن جي وطن دوستي جي تناظر ۾ ڏٺو ويو آھي. سمورا ڀاڱا پنھنجي جوھر ۾ بھترين سياسي، تاريخ ۽ فڪري طرح سان بحث ھيٺ آندا ويا آھن جن جي ايتري گھري اھميت آھي، جيترو سنڌ جي خوشحاليءَ جو سوال آھي. مثال طور پھرين ڀاڱي ۾ نيشنلزم کي بحث ھيٺ آندو ويو آھي. ان ڏس ۾ اھو بھ ٻڌائجي تھ اسان 75 سالن جي تجربي جي بنياد تي اھو پروڙيو آھي تھ اسان کي ھڪ طرف تھ اسلامي نيشنلزم جي ستي پئي پياري وئي آھي تھ ٻئي طرف حقيقي نيشنلزم جا رڳو اوگڻ ٻڌايا ۽ ڏيکاريا ويا آھن. اھو متضاد نئريٽو سدائين اسان کي ڪنفيوز ڪندو رھيو آھي تھ نيشنلزم سٺو آھي يا خراب آھي؟ جي تصور نيشنلزم ئي خراب آھي تھ پوءِ اھو اسلامي نيشنلزم يا پين اسلامڪ تصور ڪيئن درست يا سٺو ٿي سگھي ٿو؟ بنيادي تصور ۾ ئي متضاد نئريٽو ڏيئي ماڻھن کي ورھايو ويو آھي جنھن کي محسن جويي سٺي نموني تبصري ھيٺ آندو آھي تھ اصل نيشنلزم ڪھڙو آھي ۽ اسان کي ڪھڙو تصور ڏيکاريو ويو آھي.
(ھلندڙ(

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button