جيتوڻيڪ وزير اعظم عمران جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ لاءِ اسيمبليءَ جو اجلاس هلندڙ آهي. پر ٻئي طرف وزير اعظم عمران خان بظاهر اپوزيشن جو مقابلو اسيمبليءَ ۾ ڪرڻ بدران سڄو زور عوامي جلسن تي ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته وزير اعظم ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ وڏا وڏا جلسا ڪري چڪو آهي ۽ جلسن ۾ ڪيل تقريرن ۾ وزير اعظم جي ٻولي مخالفن جي خلاف ڏينهون سخت ٿيڻ کان وٺي ادارن جي خلاف به ٿيندي وڃي.
هوڏانهن اپوزيشن ۽ پ پ پاران مهانگائيءَ جي خلاف 10 ڏينهن جي ريلي اسلام آباد تائين مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پي ڊي ايم جون ريليون اسلام آباد ڏانهن نڪتل آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اپوزيشن پنهنجي حڪمت عمليءَ تحت سڄو زور رڳو اسيمبليءَ تائين محدود نه رکيو آهي. پر روڊن واري سياست کي به پنهنجي هٿن ۾ ڪري ورتو آهي. هڪ طرف وزير اعظم جو زور آهي ۽ دعويٰ آهي ته اسلام آباد وارو جلسو ملڪي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو جلسو هوندو، ته ٻئي طرف پي ڊي ايم پنهنجي جلسي بابت ڪنهن به قسم جي ڪا چٽائي ظاهر نه ڪئي آهي، ته اهو جلسو هڪڙي ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو، يا اهو اڳتي هلي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ويندو. ڇو ته چيو پيو وڃي ته جهڙي ريت عمران خان ڪنٽينر تي چڙهي ميان نواز شريف جي خلاف تحريڪ هلائي هئي، ٿي سگهي ٿو ته اپوزيشن عمران خان جي خلاف فقط اسيمبليءَ واري عدم اعتماد واري تحريڪ تائين محدود نه ٿي رکڻ چاهي. ڇو ته پارلياماني مامرن جي ماهرن موجب اسيمبليءَ ۾ عدم اعتماد واري تحريڪ وارو رٻڙ اڃان ڊگهو به ڇڪجي سگهجي ٿو. اوستائين وزير اعظم جي خلاف نفسياتي دٻاءُ وارو معاملو گهٽجڻ شروع ٿيو آهي. اهوئي سبب آهي ته اپوزيشن خاص طور تي پي ڊي ايم زوردار نموني سان روڊن تي نڪتل آهي. اسيمبليءَ ۾ عدم اعتماد واري تحريڪ وارو رٻڙ هڪ طرف فلور ڪراسنگ جو معاملو اسيمبليءَ جي ڪارروائي کان پوءِ اسپيڪر جي رولنگ ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ عدالت سڳوري ۾ وڃڻو هو، پر اهو سڄو مامرو وقت کي ڊگهو ڪرڻ واري حڪمت عمليءَ تحت اڳواٽ ئي ڪورٽ ۾ پهچي چڪو آهي. جڏهن ججن جي ريمارڪس ۽ اٽارني جنرل جي دليلن کان پوءِ فلور ڪراسنگ بابت ڪو اڳتي هلي عدالت ڊي سيٽ هجڻ وارو امڪاني فيصلو ڏئي ٿي، ته انهيءَ خدشي واري خوشگوار ماحول ۾ وزير اعظم جي ٽيم ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر منحرف ميمبرن سان ڳالهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. ان ڪري هن وقت اسيمبليءَ ۾ عدم اعتماد واري رٿ تي فيصلي ٿيڻ دوران اعصابي جنگ جو به وڏو مقابلو هلندڙ آهي. اهو مقابلو عدالت سڳوريءَ ۾ شنوائي دوران يا هڪ ٻئي سان ملاقاتن دوران اپوزيشن جو هجي، يا وزير اعظم عمران خان جو جلسن يا ميٽنگس ۾ هجي.
وزير اعظم جنهن نموني سان مضبوط اعصابن ذريعي حالتن جو مقابلو ڪيو آهي، ان تي هڪڙي مبصر جي تز راءِ اها هئي ته وزير اعظم يا ته حد درجي جو بيوقوف آهي، يا وري ڪا وڏي اداڪاري ڄاڻي ٿو. بهرحال اها اداڪاري هجي يا ڪو ٻيو سبب هجي، پر ڏسڻ واري ڳالهه اها آهي ته (ق) ليگ جي چوڌرين ۽ متحده وارن پنهنجو فيصلو اڃان تائين چٽو نه ڪيو آهي. انهن ٻنهي اتحادين جو سڌو سنئون چٽو نه ڪرڻ واريون حالتون به نفسياتي طور تي وزير اعظم کي فائدو ڏيندڙ بڻجي رهيون آهن. ڇو ته پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن تي جيڪڏهن فلور ڪراسنگ لاڳو ٿئي ٿو، پر وزير اعظم جي اتحادين جي فيصلي تي ڪنهن به قسم جو فلور ڪراسنگ لاڳو نه پيو ٿي سگهي، پر آخر اتحادي اهڙي ڪيفيت جو مظاهرو ڇو ڪري رهيا آهن. ڇا ائين چئي سگهجي ٿو، ته اتحادين کي اڃان اقتداري معاملن ۾ چٽائي نظر ڪانه پئي اچي؟ يا ڪو ٻيو سبب آهي. سوشل ميڊيا تي ان سلسلي ۾ رڻ ٻريل آهي.
هڪ طرف ڪراچيءَ ۾ واٽر بورڊ ۾ نئين بدلي ٿي آيل مخدوم شڪيل زمان جو ڊائريڪٽر فنانس ٿيڻ تي به اهڙيون ڳالهيون هلندڙ آهن ته اڳوڻو ڊائريڪٽر فنانس 80 ڪروڙ رپين جو جاري ٿيندڙ بل پاس نه پئي ڪيو. سوشل ميڊيا ۾ اهي 80 ڪروڙ ڪراچيءَ سان واسطو رکندڙ اتحادين کي ڏيڻ وارا مبينه الزام به لڳايو ويو آهي. جنهن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اهڙي ڏيتي ليتي ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ ڳالهيون چٽيون ٿيڻ لڳنديون. اهڙن مبينه الزامن کان سواءِ اتحادين بابت سوشل ميڊيا ۾ اها به ڳالهه هلندڙ آهي، ته اپوزيشن کي متحده چيو آهي ته اسان کي سنڌ ۾ پ پ جي گارنٽي کپي ۽ (ق) ليگ وارا وري مسلم ليگ (ن) جي گارنٽي گهري رهيا آهن. ظاهر آهي ته سنڌ ۾ پ پ ۽ پنجاب ۾ مسلم ليگ سياسي طاقت رکندڙ پارٽيون آهن. ان ڪري وزير اعظم جي اتحادين کي ٽوڙڻ لاءِ ۽ مستقبل جي سياست لاءِ ٻنهي صوبن جي ٻنهي طاقتور پارٽين کان گارنٽي گهربل هوندي.
بهرحال هن وقت هڪ ئي وقت اسيمبليءَ ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ جي ڪاميابي ۽ ناڪامي، عدالت سڳوريءَ ۾ ججن جي اڳيان دليل دلائل واري جنگ کان سواءِ سڌو سنئون عوام وٽ ٻئي ڌريون روڊن تي نڪتل آهن. وزير اعظم جهڙي ريت جلسن ۾ يورپي يونين جو نالو وٺي کيس هٽائڻ واري ڳالهه ڪري رهيو آهي. ان جي جواب ۾ پ پ جي سينيئر سياستدان خورشيد شاهه صحافي سليم صافي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي ريت آمريڪا کي پبلڪ جلسن ۾ سفيد هاٿي سڏيندي ڳالهيون ڪيون هيون، جي ڀيٽ ڪندي عمران خان جي ڳالهين جو جواب ڏنو آهي. جنهن مان لڳي پيو ته عمران خان وارو يورپي يونين جي خلاف بيانيو مقبول ٿيڻ شروع ٿيو آهي. ان ڪري پاڪستان جي سياست ۾ سياسي تبديلي واري جنگ جهڙي ريت حڪمران ڌر ۽ اپوزيشن جي اعصابن جي جنگ جو سبب بڻجي رهي آهي، ساڳي ريت اهڙو اعصابي معاملو عوامي سطح تي به بڻجي چڪو آهي. ڇو ته اسلام آباد ته هونءَ ئي پاڻي پت وارو ميدان هئڻ ڪري سيڪريٽريٽس ۾ سرڪاري کاتن جو ڪم ٺپ ٿي ويل آهي. پر صوبائي سيڪريٽريٽس جو ڪم به مڪمل بند آهي.
اسان جي صوبي جا ماڻهو ته رات ڏينهن انهيءَ خوف ۾ ورتل آهن، ته نون پرائمري استادن جا آرڊر ڪڏهن نڪرندا، ڪٿي انهيءَ جنگ ۾ رڪجي ته نه ويندا ۽ عورتون احساس پروگرام تحت ملندڙ پئسا به بينڪن ٻاهرن بيٺل پوليس وارن کي ٻه رپيا وڌيڪ ڏئي پنهنجا 14 هزار تڙ تڪڙ ۾ ڪڍائڻ ۾ مصروف آهن، ته ڪٿي اهي پئسا عمران خان جي وڃڻ کان پوءِ بند نه ٿي وڃن.