ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان قوم کي ڪهڙو سرپرائيز ڏنو؟

Editorial-Article-Ali Thaheem

10 ڏينهن کان انتظار ڪندا رهياسون ته آخر وزيراعظم عمران خان ڪهڙو ترپ جو پتو کوليندو، ڪهڙو اهم انڪشاف ڪندو، قوم کي ڪهڙو سرپرائيز ڏيندو؟ قوم ڏهه ڏينهن انهي تجسس ۾ هئي، نيٺ اهو ڏينهن به آيو اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ سڄي ملڪ مان گهرايل ورڪرن کي به ان اهم اعلان جو انتظار هو. سندس تقرير کي جلسي گاهه ۾ موجود ماڻهن کان سواءِ سڄي ملڪ جي عوام توڙي مخالف ڌر جي پارٽين پاران شروع کان آخر تائين ٻڌو. عمران خان جي تقرير ختم ٿي ته ماڻهن تبصرن سان گڏ تبرا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ته ڏهه ڏينهن انتظار ڪرائڻ کان پوءِ عمران خان اهم اعلان ته ڪوبه ڪونه ڪيو، نه ڪو سرپرائيز ڏنو. هن هڪ پنو کيسي مان ڪڍي اهو ٻڌايو ته هڪ ملڪ مون کي ڌمڪيون ڏنيون آهي. قوم سوچيو ته اهو سرپرائيز آهي
يا مغرب واري وقت فجر جي اذان ڏيڻ سرپرائيز هو. يا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ساراهه ڪرڻ سرپرائيز هو.
مخالفن کي چور ڌاڙيل چوڻ، انهن تي نالا رکڻ اهو ته هو هر جلسي ۾ ورجائيندو رهندو آهي. جڏهن ته سرپرائيز عمران خان کي جلسي ۾ ان وقت مليو، جڏھن کيس خبر ملي ته شاهزين بگٽي حڪومت سان اتحاد ٽوڙي مخالف ڌر سان وڃي گڏيو آهي. قوم کي اهو خدشو هو ته عمران خان پنهنجا اختيار استعمال ڪندي آرمي چيف کي تبديل ڪندو پر هن ۾ ايتري جرئت ئي ڪانهي. نواز شريف جهڙو کڙپيل سياستدان به ان ڪم کان توبھه تائب ٿي چڪو آهي. هونئن به عمران خان جي 2011ع کان هن وقت تائين جون تقريرون ٻڌيون وڃن ته سندس تقريرن ۾ ڪو گهڻو فرق نظر نٿو اچي. هو اڄ به ڪنٽينر واري مخالف ڌر جي سياست پيو ڪري. هو وزيراعظم هوندي اڄ به اهو چوندي ٻڌو ٿو وڃي ته مافيائون ملڪ لٽي رهيون آهن، مني لانڊرنگ پئي ٿئي. مخالف ڌر پئسن عيوض ميمبر خريد ڪري رهي آهي. عمران خان جنهن انداز ۾ قوم آڏو تقريرون ٿو ڪري يا بيان ٿو ڏي انهن ۾ هن پاران وڏي ڊرامائي انداز ۾ پنهنجيون هٿ ٺوڪيون مجبوريون بيان ڪرڻ کان سواءِ وٽس قوم کي ٻڌائڻ لاءِ ٻيو ڪجھه به نه آهي. هئڻ ته ائين گهرجي ته حڪمران پنهنجن پوڻن چئن سالن جي ڪارڪردگي قوم کي ٻڌائين. پر وٽن ٻڌائڻ لاءِ ڪجهھ هجي ته ٻڌائين.
پنهنجي اقتدار جي پوڻن چئن سالن دوران شهزاد اڪبر جهڙن مشيرن کان روزاني بنيادن تي پريس ڪانفرنسون ڪرائي انهن پريس ڪانفرنسن ۾ پنا لهرائي اهو چوندي ٻڌو ويو ته فلاڻو چور، فلاڻو مني لانڊر، هي آهن ثبوت انهن مخالف ڌر جي ماڻهن کي ٽي ٽي سال جيلن ۾ واڙيو ويو پر عدالتن ۾ سندن خلاف ڪوبه ثبوت نه پيش ڪيو ويو ته پوءِ ڪهڙن بنيادن تي حڪومتي وزير مشير مخالف ڌر کي چور چور ڪري ملڪ ۽ قوم جي پئسي جو زيان ڪندي رهي. انهن مان حاصل ٽڪو به نه ٿيو. ان جي باوجود اڄ به مخالف ڌر کي چور ڌاڙيل ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم جو احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر پنهنجي وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ملڪ مان فرار ٿي چڪو آهي. چون ٿا همراهه اڄڪلھه لنڊن ۾ نواز شريف کان معافي تلافي ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي. لنڊن ۾ براڊ شيڊ ڪمپني واري ڪاوي موسوي پاران به نواز شريف کان معافي ورتي آهي. ملڪ ۽ قوم جا اربين روپيا مخالفن کي ڪچلڻ لاءِ لڳايا ويا. انهن پئسن کي خرچ ڪرڻ باوجود نتيجو هڪ ٽڪي جو به نه نڪتو. هئڻ ته ائين گهرجي ته اهي پئسا حڪمرانن کان ڀرائڻ گهرجن. هن ملڪ کي سياستدانن پاران منافعو ڏيندڙ فيڪٽري جيان هلايو پيو وڃي، جيڪو به حڪمران ايندو آهي ملڪ جي بنيادن کي لوڏي هليو ويندو آهي ۽ مخالفن تي خزاني کي لٽڻ، ملڪ دشمنيءَ جا الزام هڻڻ شروع ڪيا ويندا آهن. ساڳيو ڪم عمران خان به ڪري رهيو آهي.
پوڻا چار سال گذرڻ باوجود عمران خان اڄ به اهو ئي چئي رهيو آهي ته ملڪ جي اڄوڪي صورتحال جا ذميوار اڳوڻا حڪمران آهن. ڪير هن کان پڇي ته اڳوڻن حڪمرانن ملڪ تباهه ڪيو هوندو پر هن اليڪشن کان اڳ ٽن مهينن اندر ملڪ کي پٽڙي تي چاڙھڻ جا وعدا ڪيا هئا، اهو به وعدو ڪيو هو ته ٽن مهينن اندر ملڪي معيشت ٺيڪ ڪندو، ٽيڪس ڪليڪشن ۾ اضافو ٿيندو، مني لانڊرنگ، ڪرپشن مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي. هن اهو به وعدو ڪيو هو ته آءِ ايم ايف وڃڻ کان خودڪشيءَ کي ترجيح ڏيندس، بجلي ۽ تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو وعدو به هن ڪيو هو. پنجاهه لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو به قوم سان وعدو ڪيو ويو هو. انهن وعدن سميت ٻيا به اڻ ڳڻيا وعدا ڪيا ويا هئا، جيڪي عمران خان پورا نه ڪيا آهن. عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ چيو هو ته يوٽرن وٺڻ وارو سياستدان ئي ڪامياب سياستدان هوندو آهي. هن قوم سان ڪيل وعدا پورا ڪرڻ بدران يوٽرن جا فائدا بيان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. هو اڄ ڏينهن تائين مسلسل يوٽرن مٿان يوٽرن وٺي رهيو آهي ۽ اڄ به 2011ع جهڙيون تقريرون ڪري قوم سان مذاق ڪري رهيو آهي.
عمران خان ۽ سندس ٽيم کان سوال آهي ته جيڪڏهن توهان کي حڪومت هلائڻ جو تجربو نه هو ته ملڪ جي ترقي ڪيئن ٿيندي. ان بابت توهان بي خبر هئا، مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي توهان ۾ صلاحيت نه هئي ته پوءِ توهان کي ڪنهن منٿ ته نه ڪئي هئي جو اقتدار تائين رسائي حاصل ڪري ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري اسٽيٽ بينڪ به آءِ ايم ايف وٽ گروي ڪري ڇڏجي. مهانگائي چار سئو سيڪڙو وڌي چڪي آهي. بجلي ۽ گيس جا اگھه آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن. غريبن سان گهر ٺهرائڻ جا وعدا ڪري ملڪ ۾ غريبن جي گهرن کي حد دخليون ڄاڻائي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. اڄ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گهرن کان بي دخل ٿيل ماڻهو تبديلي سرڪار کي پٽون پاراتا ڏيئي رهيا آهن. قوم کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڪرپشن جي آڙاهه ۾ ڌڪي هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام کي ڍال طور استعمال پيو ڪري.
عمران خان پاڻ ته ڪو سرپرائيز نه ڏنو پر هاڻي کيس سرپرائيز ملڻ شروع ٿي چڪا آهن , شاهزين بگٽي کان پوءِ باپ پارٽي مخالف ڌر سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، جنهن ۾ هن اهو فيصلو ڪيو آهي ته اها اپوزيشن سان هوندي ۽ عمران خان خلاف ووٽ ڏيندي. مٿان ايم ڪيو ايم وار ڪندي انهن پارٽين کان سواءِ اندازو آهي ته پي ٽي آءِ مان ايتري ٽوڙ ڦوڙ ٿيندي جو باقي ڪجهه ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ وڃي بچندا.
پي ٽي آءِ کي جنهن مقام تان کڻي مٿي آندو ويو ۽ اقتدار تائين پهچايو ويو. جڏهن اهي هٿ نڪتا آهن ته همراهن جون وايون بتال ٿي ويون آهن. کين سمجھه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪن. ڪجھه هٿ پير هڻي به رهيا آهن ۽ بليڪ ميلنگ به ڪري رهيا آهن. دٻيل لفظن ۾ ادارن کي منٿون ميڙون به ڪن پيا ته داٻا به ڏين پيا. چوندا آهن ته
ٻلي سئو ڪوئا کائي حج تي هلي.
سو پي ٽي آءِ وارا به هڪ ڀيرو اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن ۽ ان مقصد لاءِ هو هر حد پار ڪرڻ لاءِ تيار آهن. عمران خان ملڪ ۽ قوم لاءِ بهترين حڪمران ثابت نه ٿيو آهي، پر هو جلسن ۾ ماڻهو گڏ ڪرڻ واري صلاحيت اڄ به رکي ٿو. اسلام آباد واري جلسي ۾ به هن ماڻهن جو وڏو انگ گڏ ڪري ڏيکاريو پر ايندڙ عام چونڊن ۾ سندس پارٽيءَ جو وجود ڪنهن سگهاري پارٽي طور نظر نه پيو اچي. گهڻو ڪري فارن فنڊنگ ڪيس ۾ هو لڙهي ويندو. جيڪڏهن هن ڪيس مان بچي به ويو ته سندس خلاف ڪرپشن جا الزام هڻي يقينن جيل جون هوائون کائيندو ڇو ته اڳيان (ن) ليگ جي حڪومت جا آثار نظر پيا اچن.
آصف علي زرداري هڪ جلسي ۾ چيو هو ته عمران خان اسان لاءِ دعا ڪر ته اقتدار ۾ اچون جيڪڏهن ميان نواز شريف اقتدار ۾ آيو ته تنهنجو حشر ڏاڍو خراب ٿيندو. لڳي ٿو آصف علي زرداري جي اڳڪٿي سچ ثابت ٿيڻ واري آهي. بهرحال وزيراعظم عمران خان لاءِ سندس حڪومت واريءَ جو ڍير ثابت ٿي رهي آهي، جيڪا ٿوري هوا لڳڻ سان اڏامڻ شروع ٿي چڪي آهي. عمران خان ته قوم کي سرپرائيز نه ڏنو پر کيس روز جي بنيادن تي سرپرايئز ملڻ وارو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. واقعن ۽ حالتن مان لڳي پيو ته هن حڪومت جو خاتمو جلدي ٿيڻ وارو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button