پاڪستان ۾ سياسي طور ڪنهن کي ڪرشماتي شخصيت طور اڀارڻ ۽ پوءِ ان کي ڊاهڻ ڪو مسئلو ناهي. ان جو تازو مثال عمران خان نيازي آهي. جنهن جي شخصيت کي ايترو ته ڪرشماتي ڪري پيش ڪيو ويو جو عوام اهو سمجهڻ لڳو ته هن کان وڏو ليڊر ۽ سياسي اڳواڻ ڪو وري نه ايندو. سندس پارٽي اڳواڻ ته ايترو پڻ چوڻ لڳا آهن ته هو محمد علي جناح کان به هو وڏو ليڊر آهي. پر جناح جو پنهنجو سياسي ڪيريئر ڇا هو؟ هن جي پنهنجي ڪا سياسي تربيت ڪانه هئي. جيڪڏهن عمران خان نيازي ان کان وڏو ليڊر آهي ته پوءِ ٿي به سگهي ٿو. ڪرڪيٽ راند جي ڪاميابين کي سياسي راند جي ڪاميابين سان ڀيٽو ويو ۽ اهو چيو ويو ته جيڪو ماڻهو ٽيم کي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽرائي سگهي ٿو ته اهو ملڪ جي سياسي ميدان ۾ هر قسم جي سوڀ ماڻي سگهي ٿو پر ڪرڪيٽ هڪ راند آهي، جڏهن ته سياست هڪ سائنس آهي، جيڪو ان سائنس کي سمجهي سگهي ٿو، اهو ئي بهتر سياستدان ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ڪو ماڻهو ايماندار آهي ۽ اهو بهتر سياستدان ٿي سگهي ٿو، اهو ضروري آهي. اهو به ضروري ناهي ته ڪو ماڻهو بدعنوان آهي ۽ اهو ڪامياب سياستدان نٿو ٿي سگهي.
ٻه ڏينهن اڳ عمران خان نيازي ملڪ جي عوام کي سرپرائيز ڏيڻ لاءِ اسلام آباد ۾ جلسو ڪيو. جلسي لاءِ چيو پئي ويو ته ان ۾ ڏهه لک ماڻهو گڏ ٿيندا پر اتي هزارن جي انگ ۾ ماڻهو هئا. ڪنهن سياسي جلسي ۾ جيڪڏهن هزارن جي انگ ۾ ماڻهو هجن ته اهو هڪ سٺو جلسو سمجهيو ويندو آهي. پر پنهنجي ڪيل تقرير ۾ وزير اعظم نه رڳو ماضي واريون ساڳيون ڳالهيون ڪيون ۽ نرگسيت جو شڪار ٿيندي، هن پنهنجي ڪرڪيٽ واري راند جون ڪاميابيون ڳڻايون ۽ پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي پڻ بيان ڪئي. اها عجيب ڳالهه آهي ته ملڪ جي معيشت ترو وڃي ورتو آهي پر هو اڃا به اهو پيو سمجهي ته ملڪي معيشت کي سندس پارٽي ڪلهو ڏيو بيٺي آهي. پيٽرول 10 روپيا گهٽ ڪرڻ کي هو پنهنجي سڀ کان وڏي ڪاميابي قرار ڏئي رهيو هو پر سندس حڪومت دوران پيٽرول جا اگهه آسمان کي وڃي لڳا آهن، اهو ٻڌائڻ لاءِ هو تيار نه هو. آخر ۾ هن پنهنجي کيسي مان هڪ ڪاڳر ڪڍي اهو چيو ته هي ڏسو منهنجي خلاف عالمي سازش ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اپوزيشن به شامل آهي ۽ ٻاهران پئسو آڻي مون کي هٽائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. هن ان خط جو ڪجهه حصو پڙهيو ۽ چيائين ته کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن پر اهو راز پڌرو نه ڪيائين ته ڪير ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ ڪير آهي، جيڪو هن کي هٽائڻ جي سازش ۾ ملوث آهي. هو نه رڳو ان جلسي ۾ مايوس هو پر سندس ڪابينه جا ماڻهو به مايوس نظر آيا. تحريڪ عدم اعتماد کي پي ٽي آءِ ايترو ته سنجيده ورتو آهي جو انهن کي لڳي ٿو ته ان ۾ آمريڪا ملوث آهي ۽ آمريڪا کي للڪارڻ کان پوءِ اهڙي صورتحال پيش آئي آهي.
پي ٽي آءِ جا وزير هاڻوڪي صورتحال کي حق ۽ باطل جي ويڙهه طور پيش ڪري رهيا آهن، اهي سمجهن ٿا ته هن وقت جيڪڏهن ڪو حق تي آهي ته اهو عمران خان نيازي آهي ۽ باطل قوتون اپوزيشن پارٽيون آهن. ڇاڪاڻ ته اپوزيشن پارٽين تي اهي الزام آهن ته اهي ڪرپٽ آهن ۽ هن وقت تائين اهي رڳو ڪرپشن وسيلي ملڪ کي لٽي ڦري پئسو ٻاهر موڪلينديون رهيون آهن، تنهنڪري اهي پارٽيون اهڙيون قوتون آهن، جيڪي عوام کي تباهه ڪري رهيون آهن. پر هاڻوڪي حڪومت جڏهن به نواز شريف يا آصف زرداري خلاف ڪرپشن خلاف جيڪي به ڪارروايون ڪيون آهن، انهن ۾ حڪومت کي ناڪامي ٿي آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ حڪومت پهرين ڏينهن کان وٺي اهو چوندي آئي آهي ته ماضي جا حڪمران سڀ چور هئا. جڏهن ان نيريٽو کي هر هنڌ ورجايو وڃي ٿو ته ان جي اهميت ايتري نٿي رهي. عوام عمران خان نيازيءَ جي ساڳي تقرير ڇو ٻڌندو ۽ اهو ان تقرير ۾ دلچسپي ڇو وٺندو، جنهن ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي. جهڙي ريت تيزيءَ سان ملڪ جو سياسي منظرنامو تبديل ٿي رهيو آهي، اهڙي ريت حڪومت لاءِ پريشاني به وڌي رهي آهي. هن وقت ته اها به خبر نٿي پوي ته حڪومت سان گڏ ڪير آهي ۽ ڪير ناهي.
عدم اعتماد ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته يا نٿي ٿئي، اهو فيصلو به جلدي ٿي ويندو. پر هن سڄي سياسي ماحول جي خراب ڳالهه اها آهي ته عمران خان نيازي خلاف هلايل سياسي مهم ۾ سوڀ جمهوريت پسند پارٽين جي ناهي. بظاهر ته اهو چيو پيو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ٿي وئي آهي پر جڏهن به هن قسم جون سياسي حالتون پيدا ٿي وڃن ته ان جو مطلب اهو آهي ته اها اپوزيشن پارٽين سان گڏ آهي. جيڪڏهن واقعي به اپوزيشن پارٽيون عمران خان نيازيءَ کي هٽائڻ لاءِ پنهنجا ڪلها آڇي چڪيون آهن ته پوءِ هي ڪاميابي وري به اسٽيبلشمينٽ جي کاتي ۾ ويندي. جيڪا هن وقت به جمهوري قوتن کان وڌيڪ طاقتور آهي ۽ ان جي مرضي کان سواءِ ڪابه سياسي تحريڪ جنم نٿي وٺي سگهي. ڪالهه عمران خان نيازيءَ کي امپائر جي آڱري کڄڻ جو انتظار هو، اڄ اپوزيشن پارٽيون انهي امپائر تي ڪک سهڻ لاءِ تيار نه آهن. جنهن جو اهم ترين مثال بلاول ڀٽو زرداريءَ جو اهو بيان آهي، جنهن ۾ هن فرمايو هو ته عمران خان نيازي ٻڌائي ته هن جانور ڪنهن کي چيو هو. ان صورتحال ۾ ته وري به ائين محسوس ٿئي ٿو ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وقت رڳو ڪردار تبديل ٿيا آهن پر ان جو ماسٽر مائينڊ ساڳيو آهي. جيڪڏهن سياستدانن کي رڳو اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ئي سڀڪجهه ڪرڻو آهي ته پوءِ انهن جي پنهنجي سياست ڪهڙي ڪم جي آهي؟ جيڪي هن وقت تائين رڳو پنهنجي ڄنڊا پٽ ۾ لڳا پيا آهن. انهن کي اهو احساس به ناهي ته جيڪڏهن سياسي ميدان کي ڇڏي رڳو “ڪمپني بهادر” جي چوڻ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿا ته انهن جي سياست نه آزاد هوندي آهي ۽ نه ئي وري عوام لاءِ ڪنهن ڇوٽڪاري جو وسيلو ٿي سگهندي آهي.
عمران خان نيازيءَ کان جيڪڏهن اقتدار کسجي ٿو وڃي ته ان جو اهم سبب سندس هٺ ۽ فاشسٽ رويا هوندا، جن تي هن ڪڏهن نطرثاني ناهي ڪئي. ان کان سواءِ جيڪڏهن سياست جي ميدان ۾ ڪنهن اهڙي رانديگر کي لاٿو وڃي، جنهن جي سياسي تربيت ئي نه ٿيل هجي ته پوءِ اهو سياسي ڪلچر کي گندو ته ڪري سگهي ٿو پر ڪڏهن بهتر نٿو ڪري سگهي. هاڻ جڏهن پنجاب حڪومت ۾ به تبديلي اچي رهي آهي ۽ (ق) ليگ جي پرويز الاهي کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏني پئي وڃي ته ان مان صاف ظاهر آهي ته هاڻ تحريڪ انصاف اهو سمجهڻ شروع ڪيو آهي ته اتحادي ڪيترا اهم هوندا آهن.
جيڪڏهن عمران خان نيازي اهڙا فيصلا اڳ ۾ ڪري ڇڏي ها ته شايد کيس ههڙا ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. اپوزيشن پارٽين کي گاريون ڏئي الزام تراشي ڪري انهن جي تذليل ڪرڻ بدران جيڪڏهن سياسي رويو اختيار ڪيو وڃي ته ملڪ جو سياسي ڪلچر ڪجهه بهتر نظر اچي ها، پر جيئن ته “عمران خان شو” ڪئين سال اڳ تيار ڪيو ويو هو ۽ سياسي بساط جا سڀ مهرا “ڪمپني بهادر” پاڻ هلائيندي رهي آهي، ان ڪري هو به انهن جو مهرو ٿي هلندو رهيو. اهڙي ريت “ڪمپني بهادر” هاڻ پنهنجا مهرا تبديل ڪري نئين سياسي بساط جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.